نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
4357 | 43 | 32 | أهم يقسمون رحمت ربك نحن قسمنا بينهم معيشتهم في الحياة الدنيا ورفعنا بعضهم فوق بعض درجات ليتخذ بعضهم بعضا سخريا ورحمت ربك خير مما يجمعون |
| | | اِھي تنھنجي پالڻھار جي رحمت وراھيندا آھن ڇا؟ اسان سندن گذران سندن وچ ۾ دنيا جي حياتيءَ ۾ وراھيو آھي ۽ اُنھن مان ھڪڙن کي ٻـين کان وڏي مرتبي وارو ڪيوسون ته ھڪڙا ٻـين کي فرمانبردار ڪري وٺن، ۽ جيڪو (دنيا جو مال) گڏ ڪندا آھن تنھن کان تنھنجي پالڻھار جي رحمت ڀلي آھي. |
|
4358 | 43 | 33 | ولولا أن يكون الناس أمة واحدة لجعلنا لمن يكفر بالرحمن لبيوتهم سقفا من فضة ومعارج عليها يظهرون |
| | | ۽ جيڪڏھن ائين نه ھجي ھا ته (متان) ماڻھو ھڪ ٽولي (ڪفر جي) ٿي وڃن جيڪي ٻاجھاري (الله) جو انڪار ڪندا آھن تن لاءِ سندن گھرن جون ڇتيون ۽ ڏاڪڻيون جن تي چڙھن سي روپيون ڪريون ھا. |
|
4359 | 43 | 34 | ولبيوتهم أبوابا وسررا عليها يتكئون |
| | | ۽ سندن گھرن جا دروازا ۽ تخت جن تي ٽيڪ ڏيئي ويھن (سي به روپا ڪريون ھا). |
|
4360 | 43 | 35 | وزخرفا وإن كل ذلك لما متاع الحياة الدنيا والآخرة عند ربك للمتقين |
| | | ۽ اِھو سڀ رڳو دنيا جي حياتيءَ جو (ٿورو) آسودو رھڻ آھي، ۽ تنھنجي پروردگار وٽ آخرت پرھيزگارن لاءِ آھي. |
|
4361 | 43 | 36 | ومن يعش عن ذكر الرحمن نقيض له شيطانا فهو له قرين |
| | | ۽ جيڪو ٻاجھاري (الله) جي ياد ڪرڻ کان غافل رھندو آھي تنھن لاءِ ھڪ شيطان مقرر ڪندا آھيون جو اُھو اُن جو سنگتي ھوندو آھي. |
|
4362 | 43 | 37 | وإنهم ليصدونهم عن السبيل ويحسبون أنهم مهتدون |
| | | ۽ بيشڪ اُھي شيطان سڌي واٽ کان اُنھن کي جھليندا آھن ۽ (ماڻھو پاڻ کي) ڀانئيندا آھن ته اُھي ھدايت وارا آھن. |
|
4363 | 43 | 38 | حتى إذا جاءنا قال يا ليت بيني وبينك بعد المشرقين فبئس القرين |
| | | تانجو جڏھن اسان وٽ ايندو (تڏھن پنھنجيءَ سنگتي شيطان کي) چوندو ته ھيء افسوس (جيڪر) منھنجي ۽ تنھنجي وچ ۾ اوڀر ۽ اولھ جيتري ڏورائي ھجي ھا پوءِ بڇڙو سنگتي آھين (تون). |
|
4364 | 43 | 39 | ولن ينفعكم اليوم إذ ظلمتم أنكم في العذاب مشتركون |
| | | ۽ ھرگز نه نفعو ڏيندي اوھان کي اڄ اھا سڌ جڏھن ظُلم ڪيو اوھان تحقيق اوھان عذاب ۾ شريڪ ٿيڻ وارا آھيو. |
|
4365 | 43 | 40 | أفأنت تسمع الصم أو تهدي العمي ومن كان في ضلال مبين |
| | | (اي پيغمبر) تون ٻوڙن کي ٻڌائي ٿو سگھين ڇا يا انڌن کي ۽ اُھو جيڪو پڌريءَ گُمراھيءَ ۾ آھي تنھن کي ھدايت ڪري سگھين ٿو ڇا؟ |
|
4366 | 43 | 41 | فإما نذهبن بك فإنا منهم منتقمون |
| | | پوءِ جيڪڏھن توکي (ھن جھان مان) نيون ته بيشڪ اسين (اتي ئي) کائن بدلو وٺڻ وارا آھيون. |
|