نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
4329 | 43 | 4 | وإنه في أم الكتاب لدينا لعلي حكيم |
| | | ۽ بيشڪ اُھو (ڪتاب) لَوح مَحۡفوظ ۾ اسان وٽ (لکيل) آھي بيشڪ (اُھو ڪتاب) وڏي مرتبي وارو حڪمت وارو آھي. |
|
4330 | 43 | 5 | أفنضرب عنكم الذكر صفحا أن كنتم قوما مسرفين |
| | | اوھان کان نصيحت کي ھن ڪري مُنھن موڙي جھلينداسون ڇا ته اوھين حد کان لنگھيل قوم آھيو. |
|
4331 | 43 | 6 | وكم أرسلنا من نبي في الأولين |
| | | ۽ اڳين (قومن) ۾ گھڻائي پيغمبر موڪلياسون. |
|
4332 | 43 | 7 | وما يأتيهم من نبي إلا كانوا به يستهزئون |
| | | ۽ وٽن ڪوبه پيغمبر نه ٿي آيو مگر ساڻس ٺـٺوليون ٿي ڪيائون. |
|
4333 | 43 | 8 | فأهلكنا أشد منهم بطشا ومضى مثل الأولين |
| | | پوءِ اُنھن (قريشن) کان سگھ ۾ تمام ڏاڍن (عاد ۽ ثمود) کي (جو کائن بلڪل سگھارا ھوا) ناس ڪياسون ۽ اڳين جي حالت (اڳين بيان ۾) گذري چڪي آھي. |
|
4334 | 43 | 9 | ولئن سألتهم من خلق السماوات والأرض ليقولن خلقهن العزيز العليم |
| | | ۽ جيڪڏھن کائن پُڇين ٿه آسمانن ۽ زمين کي ڪنھن بڻايو ته ضرور چوندا ته انھن کي غالب ڄاڻندڙ (الله) بڻايو. |
|
4335 | 43 | 10 | الذي جعل لكم الأرض مهدا وجعل لكم فيها سبلا لعلكم تهتدون |
| | | (اُنھيءَ الله) جنھن اوھان لاءِ زمين کي وڇاڻو بڻايو ۽ اوھان لاءِ منجھس رستا بڻايا ته مانَ اوھين سِڌو رستو لھو. |
|
4336 | 43 | 11 | والذي نزل من السماء ماء بقدر فأنشرنا به بلدة ميتا كذلك تخرجون |
| | | ۽ (اُنھيءَ الله) جنھن آسمان مان اندازي سان پاڻي وسايو، پوءِ اُن (پاڻيءَ) سان ويران ڳوٺ آباد ڪياسون، اھڙي طرح اوھان کي (قبرن مان) ڪڍيو ويندو. |
|
4337 | 43 | 12 | والذي خلق الأزواج كلها وجعل لكم من الفلك والأنعام ما تركبون |
| | | ۽ (اُنھيءَ الله) جنھن ھر قسم جا جانور بڻايائين ۽ اوھان لاءِ ٻيڙيون ۽ اُھي جانور بڻايائين جن تي (اوھين) چڙھو. |
|
4338 | 43 | 13 | لتستووا على ظهوره ثم تذكروا نعمة ربكم إذا استويتم عليه وتقولوا سبحان الذي سخر لنا هذا وما كنا له مقرنين |
| | | ته اُنھن جي پُٺين تي سِڌا ٿي ويھو وري جڏھن مٿن سنوان ٿي ويھو (تڏھن) پنھنجي پالڻھار جي نعمت ياد ڪريو ۽ چئو ته اُھو (الله) پاڪ آھي جنھن ھيءُ اسان کي نِوائي ڏنو ۽ (اسين) اُن جي نوائڻ جي (ڪڏھن) طاقت رکندڙ نه ھواسون. |
|