نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
433 | 3 | 140 | إن يمسسكم قرح فقد مس القوم قرح مثله وتلك الأيام نداولها بين الناس وليعلم الله الذين آمنوا ويتخذ منكم شهداء والله لا يحب الظالمين |
| | | جيڪڏھن اوھان کي (اُحُد ۾) ڪو گھاءُ پھتو آھي ته بيشڪ اُن جھڙو گھاءُ ڪافرن کي (بَدۡر ۾) پُھتو ھو، ۽ ھيءُ اھڙا واقعا آھن جو (اسين) اُنھن ماڻھن جي وچ ۾ ڦيرائيندا آھيون (ته نصيحت وٺن)، ۽ ھن لاءِ ته الله مؤمنن کي نِکيڙي ۽ اوھان مان ڪن کي شھيد ڪري، ۽ الله ظالمن کي دوست نه رکندو آھي. |
|
434 | 3 | 141 | وليمحص الله الذين آمنوا ويمحق الكافرين |
| | | ۽ ھن لاءِ ته الله مؤمنن کي کرو ڪري ۽ ڪافرن کي ناس ڪري. |
|
435 | 3 | 142 | أم حسبتم أن تدخلوا الجنة ولما يعلم الله الذين جاهدوا منكم ويعلم الصابرين |
| | | اوھان بھشت ۾ گِھڙڻ جو گمان ڪيو آھي ڇا؟ ھن ھوندي جو الله اڃا اوھان مان مجاھدن کي نه نِکيڙيو آھي ۽ نڪي صابرن کي نِکيڙيو آھي. |
|
436 | 3 | 143 | ولقد كنتم تمنون الموت من قبل أن تلقوه فقد رأيتموه وأنتم تنظرون |
| | | ۽ بيشڪ اوھين موت کي اُن جي ملڻ کان اڳ گھُرندا ھيؤ، پوءِ بيشڪ ان کي ڏٺوَ ۽ اوھين نھاريندا ھيؤ. |
|
437 | 3 | 144 | وما محمد إلا رسول قد خلت من قبله الرسل أفإن مات أو قتل انقلبتم على أعقابكم ومن ينقلب على عقبيه فلن يضر الله شيئا وسيجزي الله الشاكرين |
| | | ۽ ﷴ (ﷺ الله جو) پيغمبر آھي، بيشڪ اُن کان اڳ ڪيترا پيغمبر گذري ويا، پوءِ جيڪڏھن (اُھو) مري وڃي يا قتل ٿئي ته (اوھين) پنھنجين کڙين (ڀَر پوءِ) تي ڦرندؤ ڇا؟ ۽ جيڪو پنھنجين کڙين (ڀَرپوءِ) تي ڦرندو سو الله کي ڪجھ نقصان ڪڏھن نه لائيندو، ۽ الله شاڪرن (احسان مڃيندڙن) کي ستت ثواب ڏيندو. |
|
438 | 3 | 145 | وما كان لنفس أن تموت إلا بإذن الله كتابا مؤجلا ومن يرد ثواب الدنيا نؤته منها ومن يرد ثواب الآخرة نؤته منها وسنجزي الشاكرين |
| | | ۽ الله جي ٺھرايل وقت لکيل حُڪم کانسواءِ ڪنھن کي مرڻو نه آھي، ۽ جيڪو دنيا جو ثواب گھرندو تنھن کي اُن مان ڏينداسون، ۽ جيڪو آخرت جو ثواب گھرندو تنھن کي اُن مان ڏينداسون، ۽ شاڪرن کي (چڱو) ثواب ستت ڏينداسون. |
|
439 | 3 | 146 | وكأين من نبي قاتل معه ربيون كثير فما وهنوا لما أصابهم في سبيل الله وما ضعفوا وما استكانوا والله يحب الصابرين |
| | | ۽ پيغمبرن مان گھڻا (ڪافرن سان) وڙھيا ساڻن گھڻا خداءِ وارا ھئا، پوءِ جيڪي الله جي واٽ ۾ کين پھتو تنھن سببان نڪي سُست ٿيا ۽ نڪي ھيڻا ٿيا ۽ نڪي عاجزي ڪيائون، ۽ الله صابرن کي دوست رکندو آھي. |
|
440 | 3 | 147 | وما كان قولهم إلا أن قالوا ربنا اغفر لنا ذنوبنا وإسرافنا في أمرنا وثبت أقدامنا وانصرنا على القوم الكافرين |
| | | ۽ سندن چوڻ (ھن) چوڻ کانسواءِ نه ھو ته اي اسان جا پالڻھار اسان کي اسان جاگناہ (بخش) ۽ اسان جي ڪم ۾ اسان جي بيجا ھلت بخش ۽ اسان جا پير ثابت رک ۽ اسان کي ڪافرن جي ٽوليءَ تي فتح ڏي. |
|
441 | 3 | 148 | فآتاهم الله ثواب الدنيا وحسن ثواب الآخرة والله يحب المحسنين |
| | | پوءِ الله کين دنيا جو ثواب ۽ آخرت جو چڱو ثواب ڏنو، ۽ الله ڀلارن کي دوست رکندو آھي. |
|
442 | 3 | 149 | يا أيها الذين آمنوا إن تطيعوا الذين كفروا يردوكم على أعقابكم فتنقلبوا خاسرين |
| | | اي اِيمان وارؤ جيڪڏھن اوھين ڪافرن جو چيو مڃيندؤ ته اوھان کي اوھان جي کڙين (ڀَرپوءِ) تي ڦيرائيندا پوءِ اوھين ڦِري ڇيئي وارا ٿيندؤ. |
|