بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
43084236فما أوتيتم من شيء فمتاع الحياة الدنيا وما عند الله خير وأبقى للذين آمنوا وعلى ربهم يتوكلون
پوءِ جيڪي اوھان کي ڏنو ويو آھي سو ڪجھ به ھجي ته اُھو دنيوي حياتيءَ جو (ٿورو) سامان آھي، ۽ جيڪي الله وٽ آھي سو ڀَلو ۽ ھميشه رھڻ وارو انھن لاءِ آھي جن ايمان آندو آھي ۽ پنھنجي رب تي ڀروسو ڪندا آھن.
43094237والذين يجتنبون كبائر الإثم والفواحش وإذا ما غضبوا هم يغفرون
۽ (اُنھن لاءِ به) جيڪي وڏن گناھن ۽ بي حيائين کان پاسو ڪن ٿا ۽ جيڪڏھن ڪاوڙبا آھن (تڏھن) اُھي بخشيندا آھن.
43104238والذين استجابوا لربهم وأقاموا الصلاة وأمرهم شورى بينهم ومما رزقناهم ينفقون
۽ جن پنھنجي پالڻھار جو حُڪم مڃيو ۽ نماز پڙھي، ۽ سندن ڪم پاڻ ۾ صلاح سان ھوندو آھي، ۽ جيڪي کين رزق ڏنوسون تنھن مان خرچيندا آھن.
43114239والذين إذا أصابهم البغي هم ينتصرون
۽ اُھي (اھڙا آھن) جو جڏھن کين ڪو ظلم پھچي (تڏھن مظلوم جو مناسب) بدلو وٺندا آھن.
43124240وجزاء سيئة سيئة مثلها فمن عفا وأصلح فأجره على الله إنه لا يحب الظالمين
۽ مدائيءَ جو بدلو اُھڙي مدائي آھي، پوءِ جيڪو معاف ڪري ۽ صُلح ڪري تنھن جو اجر الله تي آھي، بيشڪ الله ظالمن کي دوست نه رکندو آھي.
43134241ولمن انتصر بعد ظلمه فأولئك ما عليهم من سبيل
۽ بيشڪ جيڪي پنھنجي ايذائجڻ کانپوءِ وير وٺن تن تي ڪا (ڏوراپي جي) واٽ ڪانه آھي.
43144242إنما السبيل على الذين يظلمون الناس ويبغون في الأرض بغير الحق أولئك لهم عذاب أليم
(ڏوراپي جي) واٽ رڳو انھن تي آھي جيڪي ماڻھن کي ايذائيندا آھن ۽ مُلڪ ۾ ناحق فساد وجھندا آھن، اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.
43154243ولمن صبر وغفر إن ذلك لمن عزم الأمور
۽ البت جيڪو صبر ڪري ۽ بخشي ته بيشڪ اھو (عفو) ھمّت جي ڪمن مان آھي.
43164244ومن يضلل الله فما له من ولي من بعده وترى الظالمين لما رأوا العذاب يقولون هل إلى مرد من سبيل
۽ جنھن کي الله گُمراھ ڪري تنھن جو اُن کانپوءِ ڪو ڀرجھلو ڪونھي، ۽ (تون) ظالمن کي ڏسندين ته جڏھن (اُھي) سزا ڏسندا (تڏھن) چوندا ته (ھاڻي دنيا ۾) ورڻ جي ڪا واھ آھي ڇا؟
43174245وتراهم يعرضون عليها خاشعين من الذل ينظرون من طرف خفي وقال الذين آمنوا إن الخاسرين الذين خسروا أنفسهم وأهليهم يوم القيامة ألا إن الظالمين في عذاب مقيم
۽ ڏسندين تون اُنھن کي جو پيش ڪيا ويندا باھ تي عاجزي ڪندڙ خواريءَ کان اک ڏٻي ڪيون پيا ڏسندا، ۽ مؤمن چوندا ته بيشڪ ڇيئي وارا اُھي آھن جن پاڻ کي ۽ پنھنجن گھر وارن کي قيامت جي ڏينھن ڇيئو لاتو، خبردار بيشڪ ظالم ھميشه جي عذاب ۾ ھوندا.


0 ... 420.7 421.7 422.7 423.7 424.7 425.7 426.7 427.7 428.7 429.7 431.7 432.7 433.7 434.7 435.7 436.7 437.7 438.7 439.7 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

46052264313349795620872027324224284958