نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
4296 | 42 | 24 | أم يقولون افترى على الله كذبا فإن يشإ الله يختم على قلبك ويمح الله الباطل ويحق الحق بكلماته إنه عليم بذات الصدور |
| | | چوندا آھن ڇا ته (پيغمبر پاڻ) الله تي ڪوڙ ٺاھيو آھي، پوءِ جيڪڏھن الله گھري ته تنھنجيءَ دل تي مُھر ھڻي، ۽ الله ڪُوڙ کي ناس ڪندو آھي ۽ پنھنجن سُخنن سان سچي دين کي ثابت ڪندو آھي، بيشڪ اُھو سينن وارو (ڳجھ) ڄاڻندڙ آھي. |
|
4297 | 42 | 25 | وهو الذي يقبل التوبة عن عباده ويعفو عن السيئات ويعلم ما تفعلون |
| | | ۽ اُھو آھي جو پنھنجن ٻانھن جي توبه قبول ڪندو آھي ۽ مداين کان ٽارو ڪندو آھي ۽ جيڪي ڪندا آھيو سو ڄاڻندو آھي. |
|
4298 | 42 | 26 | ويستجيب الذين آمنوا وعملوا الصالحات ويزيدهم من فضله والكافرون لهم عذاب شديد |
| | | ۽ جن ايمان آندو آھي ۽ چڱا ڪم ڪيا آھن تن جي دُعا قبول ڪندو آھي ۽ پنھنجي فضل سان کين وڌيڪ (به) ڏيندو آھي، ۽ ڪافرن لاءِ ئي سخت سزا آھي. |
|
4299 | 42 | 27 | ولو بسط الله الرزق لعباده لبغوا في الأرض ولكن ينزل بقدر ما يشاء إنه بعباده خبير بصير |
| | | ۽ جيڪڏھن الله پنھنجن ٻانھن جي روزي ڪشادي ڪري ھا ته مُلڪ ۾ ضرور بگيڙو وجھن ھا پر جيترو (پاڻ) گھرندو آھي (اوترو) نازل ڪندو آھي، ڇوته اُھو پنھنجن ٻانھن کي ڄاڻندڙ ڏسندڙ آھي. |
|
4300 | 42 | 28 | وهو الذي ينزل الغيث من بعد ما قنطوا وينشر رحمته وهو الولي الحميد |
| | | ۽ (الله) اُھو آھي جو (ماڻھن جي) نا اميد ٿيڻ کان پوءِ مينھن ھيٺ موڪليندو آھي ۽ پنھنجي رحمت پکيڙيندو آھي، اُھو (ئي) ڪارساز ساراھيل آھي. |
|
4301 | 42 | 29 | ومن آياته خلق السماوات والأرض وما بث فيهما من دابة وهو على جمعهم إذا يشاء قدير |
| | | ۽ آسمانن ۽ زمين جو بڻائڻ ۽ جيڪي سندن وچ ۾ چرندڙ پکيڙيائين تن جو (بڻائڻ) سنديس نشانين مان آھي، ۽ اُھو جڏھن گھرندو (تڏھن) سندن گڏ ڪرڻ تي وس وارو آھي. |
|
4302 | 42 | 30 | وما أصابكم من مصيبة فبما كسبت أيديكم ويعفو عن كثير |
| | | ۽ جيڪا به اوکائي اوھان کي پھچندي آھي سا اوھان جي ھٿن جي ڪمائي سببان آھي ۽ گھڻن (گناھن) کان (ته خُدا) در گذر ڪندو آھي. |
|
4303 | 42 | 31 | وما أنتم بمعجزين في الأرض وما لكم من دون الله من ولي ولا نصير |
| | | ۽ اوھين زمين ۾ (ڀڄي) عاجز ڪرڻ وارا نه آھيو، ۽ الله کانسواءِ اوھان جو نڪو ڪارساز ۽ نڪو مددگار آھي. |
|
4304 | 42 | 32 | ومن آياته الجوار في البحر كالأعلام |
| | | ۽ سنديس نشانين مان درياءَ ۾ جبلن وانگر جھاز (ھلندا) آھن. |
|
4305 | 42 | 33 | إن يشأ يسكن الريح فيظللن رواكد على ظهره إن في ذلك لآيات لكل صبار شكور |
| | | جيڪڏھن (خدا) گھري ته وائن کي جھلي پوءِ ٻيڙا درياءَ جي پٺي تي (ھلڻ کان) بيھي رھن، بيشڪ ان ۾ سڀڪنھن صبر ڪندڙ لاءِ نشانيون آھن. |
|