بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
42704152قل أرأيتم إن كان من عند الله ثم كفرتم به من أضل ممن هو في شقاق بعيد
(اي پيغمبر کين) چؤ ته اوھين ڏسو ته جيڪڏھن (قرآن) الله وٽان ھجي وري سندس انڪار ڪريو ته جيڪو وڏي ضِدّ ۾ پيل ھجي تنھن کان وڌيڪ گُمراھ ڪير آھي؟
42714153سنريهم آياتنا في الآفاق وفي أنفسهم حتى يتبين لهم أنه الحق أولم يكف بربك أنه على كل شيء شهيد
پنھنجيون نشانيون مُلڪن ۾ سندن وجودن ۾ کين سگھوئي ڏيکاريندا سون تان جو کين پڌرو ٿيندو بيشڪ اِھو (قرآن) سچو آھي، تنھنجو پالڻھار ڪافي نه آھي ڇا جيڪو سڀڪنھن شيء تي حاضر آھي؟
42724154ألا إنهم في مرية من لقاء ربهم ألا إنه بكل شيء محيط
خبردار بيشڪ اُھي پنھنجي پالڻھار جي ملڻ کان شڪ ۾ (پيل) آھن، خبردار اُھو ھر ڪنھن شيء کي وڪوڙيندڙ آھي.
4273421بسم الله الرحمن الرحيم حم
حٰمٓ.
4274422عسق
عٓسٓقٓ.
4275423كذلك يوحي إليك وإلى الذين من قبلك الله العزيز الحكيم
غالب حڪمت وارو الله اھڙيءَ طرح توڏانھن وحي موڪلي ٿو ۽ اُنھن ڏانھن (به) جيڪي توکان اڳ ھوا (موڪليندو) رھيو.
4276424له ما في السماوات وما في الأرض وهو العلي العظيم
جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (سڀ) سندس آھي، ۽ اُھو (سڀ کان) مٿاھون (۽) وڏو آھي.
4277425تكاد السماوات يتفطرن من فوقهن والملائكة يسبحون بحمد ربهم ويستغفرون لمن في الأرض ألا إن الله هو الغفور الرحيم
(خُدا جي دھشت کان) آسمان پنھنجي مٿان ستت ئي ڦاٽندا ۽ ملائڪ پنھنجي پالڻھار جي ساراھ سان گڏ پاڪائي بيان ڪندا آھن ۽ جيڪي زمين ۾ آھن تن لاءِ بخشش گھرندا آھن، خبردار بيشڪ الله ئي بخشڻھار مھربان آھي.
4278426والذين اتخذوا من دونه أولياء الله حفيظ عليهم وما أنت عليهم بوكيل
۽ جن اُن کانسواءِ ٻيا دوست ورتا آھن تن تي الله نگھبان آھي، ۽ تون مٿن ڪو ذمه وار نه آھين.
4279427وكذلك أوحينا إليك قرآنا عربيا لتنذر أم القرى ومن حولها وتنذر يوم الجمع لا ريب فيه فريق في الجنة وفريق في السعير
۽ اھڙيءَ طرح توڏانھن عربيءَ (ٻوليءَ) ۾ قرآن وحي ڪيوسون ته مڪّي وارن ۽ سندس آس پاس وارن کي ڊيڄارين ۽ قيامت جو ڏينھن جنھن ۾ ڪو شڪ نه آھي تنھن کان (پڻ) ڊيڄارين، ھڪ ٽولي بھشت ۾ ۽ ٻي ٽولي دوزخ ۾ ھوندي.


0 ... 416.9 417.9 418.9 419.9 420.9 421.9 422.9 423.9 424.9 425.9 427.9 428.9 429.9 430.9 431.9 432.9 433.9 434.9 435.9 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

269828122662489426958212113513521982922