نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
426 | 3 | 133 | وسارعوا إلى مغفرة من ربكم وجنة عرضها السماوات والأرض أعدت للمتقين |
| | | ۽ (اوھين) پنھنجي پالڻھار جي بخشش ۽ اُنھيءَ بھشت ڏانھن اڳرائي ڪريو جنھن جي ويڪر آسمانن ۽ زمين جيتري آھي اُنھن پرھيزگارن لاءِ تيار ڪيو ويو. |
|
427 | 3 | 134 | الذين ينفقون في السراء والضراء والكاظمين الغيظ والعافين عن الناس والله يحب المحسنين |
| | | جيڪي سُک ۽ ڏک ۾ (الله ڪارڻ) خرچيندا آھن ۽ ڪاوڙ کي کائيندڙ ۽ ماڻھن (جي ڏوہ) کان ٽارو ڪندڙ آھن، ۽ الله ڀلارن کي دوست رکندو آھي. |
|
428 | 3 | 135 | والذين إذا فعلوا فاحشة أو ظلموا أنفسهم ذكروا الله فاستغفروا لذنوبهم ومن يغفر الذنوب إلا الله ولم يصروا على ما فعلوا وهم يعلمون |
| | | ۽ اُھي جڏھن ڪو بي حيائيءَ جو ڪم ڪندا آھن يا پاڻ تي ظلم ڪندا آھن (تڏھن) الله کي ياد ڪندا آھن ۽ پنھنجن گناھن جي بخشش گھرندا آھن، ۽ الله کانسواءِ ڪير گناہ بخشيندو؟ ۽ جيڪي ڪيائون تنھن تي ڄاڻي ٻجھي ھميشگي نه ڪندا آھن. |
|
429 | 3 | 136 | أولئك جزاؤهم مغفرة من ربهم وجنات تجري من تحتها الأنهار خالدين فيها ونعم أجر العاملين |
| | | اُنھن جو اَجر سندن پالڻھار وٽان بخشش ۽ بھشت آھن جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھن سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ ڪمائيندڙن جو اَجر چَڱو آھي. |
|
430 | 3 | 137 | قد خلت من قبلكم سنن فسيروا في الأرض فانظروا كيف كان عاقبة المكذبين |
| | | بيشڪ اوھان کان اڳ ڪيترا واقعا گذريا آھن پوءِ (اوھين) ملڪ ۾ گھمو ڦرو پوءِ نھاريو ته نه مڃيندڙن جي پڇاڙي ڪئن ھئي. |
|
431 | 3 | 138 | هذا بيان للناس وهدى وموعظة للمتقين |
| | | ھيءُ ماڻھن لاءِ بيان آھي ۽ پرھيزگارن لاءِ ھدايت ۽ نصيحت آھي. |
|
432 | 3 | 139 | ولا تهنوا ولا تحزنوا وأنتم الأعلون إن كنتم مؤمنين |
| | | ۽ نڪي سُست ٿيو ۽ نڪي غمگين ٿيو ۽ جيڪڏھن مؤمن آھيو ته (رڳو) اوھين غالب (ٿيڻ وارا) آھيو. |
|
433 | 3 | 140 | إن يمسسكم قرح فقد مس القوم قرح مثله وتلك الأيام نداولها بين الناس وليعلم الله الذين آمنوا ويتخذ منكم شهداء والله لا يحب الظالمين |
| | | جيڪڏھن اوھان کي (اُحُد ۾) ڪو گھاءُ پھتو آھي ته بيشڪ اُن جھڙو گھاءُ ڪافرن کي (بَدۡر ۾) پُھتو ھو، ۽ ھيءُ اھڙا واقعا آھن جو (اسين) اُنھن ماڻھن جي وچ ۾ ڦيرائيندا آھيون (ته نصيحت وٺن)، ۽ ھن لاءِ ته الله مؤمنن کي نِکيڙي ۽ اوھان مان ڪن کي شھيد ڪري، ۽ الله ظالمن کي دوست نه رکندو آھي. |
|
434 | 3 | 141 | وليمحص الله الذين آمنوا ويمحق الكافرين |
| | | ۽ ھن لاءِ ته الله مؤمنن کي کرو ڪري ۽ ڪافرن کي ناس ڪري. |
|
435 | 3 | 142 | أم حسبتم أن تدخلوا الجنة ولما يعلم الله الذين جاهدوا منكم ويعلم الصابرين |
| | | اوھان بھشت ۾ گِھڙڻ جو گمان ڪيو آھي ڇا؟ ھن ھوندي جو الله اڃا اوھان مان مجاھدن کي نه نِکيڙيو آھي ۽ نڪي صابرن کي نِکيڙيو آھي. |
|