نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
4241 | 41 | 23 | وذلكم ظنكم الذي ظننتم بربكم أرداكم فأصبحتم من الخاسرين |
| | | ۽ اوھان جو اُھو گمان جيڪو پنھنجي پالڻھار جي حق ۾ (غلطيءَ سان) ڀانيو ھُئو تنھن (ھاڻي) اوھان کي ھلاڪ ڪيو تنھنڪري (اڄ) ڇيئي وارن مان ٿيؤ. |
|
4242 | 41 | 24 | فإن يصبروا فالنار مثوى لهم وإن يستعتبوا فما هم من المعتبين |
| | | پوءِ جيڪڏھن صبر ڪندا ته (به) اُنھن جي جاءِ باھ آھي، جيڪڏھن معافي گھرندا ته (به) اُنھن کي معافي نه ملندي. |
|
4243 | 41 | 25 | وقيضنا لهم قرناء فزينوا لهم ما بين أيديهم وما خلفهم وحق عليهم القول في أمم قد خلت من قبلهم من الجن والإنس إنهم كانوا خاسرين |
| | | ۽ انھن لاءِ (شيطان) سنگتي مُقرّر ڪياسون پوءِ جيڪي سندن اڳيان ۽ جيڪي سندن پويان آھي تنھنکي اُنھن لاءِ (سندن سنگتين) سينگاريو ۽ (انھيءَ ڪري اُنھن ٽولين ۾ گڏجي) مٿن سزا ثابت ٿي جيڪي کائن اڳ جِنّن ۽ ماڻھن مان گذري ويا آھن، بيشڪ اُھي (سڀ) ٽوٽي وارا ھوا. |
|
4244 | 41 | 26 | وقال الذين كفروا لا تسمعوا لهذا القرآن والغوا فيه لعلكم تغلبون |
| | | ۽ ڪافرن (ھڪ ٻئي کي) چيو ته ھن قَرآن کي نه ٻُڌو ۽ اُن (جي پڙھڻ جي وچ ۾) لُڙ مچايو ته مانَ اوھين غالب ٿيو. |
|
4245 | 41 | 27 | فلنذيقن الذين كفروا عذابا شديدا ولنجزينهم أسوأ الذي كانوا يعملون |
| | | پوءِ ڪافرن کي ضرور سخت سزا جو مزو چکائينداسون ۽ جيڪي تمام بڇڙو (ڪم) ڪندا ھوا تنھن جو بدلو ضرور کين ڏينداسون. |
|
4246 | 41 | 28 | ذلك جزاء أعداء الله النار لهم فيها دار الخلد جزاء بما كانوا بآياتنا يجحدون |
| | | الله جي ويرين جي سزا اِھا (ئي) باھ آھي، اُنھن لاءِ اُتي ھميشه جو گھر ھوندو، انھيءَ ڪري سزا (ھوندين) جو اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا ھوا. |
|
4247 | 41 | 29 | وقال الذين كفروا ربنا أرنا اللذين أضلانا من الجن والإنس نجعلهما تحت أقدامنا ليكونا من الأسفلين |
| | | ۽ ڪافر چوندا ته اي اسان جا پالڻھار جِنّن ۽ ماڻھن مان جن اسان کي گُمراھ ڪيو سي اسان کي ڏيکار ته پنھنجن پيرن جي ھيٺان ڪري لتاڙيون ته ڀلي ته (سڀ کان) ھيٺاھان ھجن. |
|
4248 | 41 | 30 | إن الذين قالوا ربنا الله ثم استقاموا تتنزل عليهم الملائكة ألا تخافوا ولا تحزنوا وأبشروا بالجنة التي كنتم توعدون |
| | | بيشڪ جن چيو ته اسان جو پالڻھار الله آھي وري (ان ڳالھ تي) بيھڪ ورتائون تن تي (موت وقت رحمت جا) ملائڪ لھندا آھن (چوندا اَٿن) ته نه ڊڄو ۽ نڪي ڳڻتي ڪريو ۽ اُنھيءَ بھشت (جي خوشخبريءَ) سان خوش ٿيو جنھن جو اوھان کي وعدو ڏنو ويندو ھو. |
|
4249 | 41 | 31 | نحن أولياؤكم في الحياة الدنيا وفي الآخرة ولكم فيها ما تشتهي أنفسكم ولكم فيها ما تدعون |
| | | اسين دُنيا جي حياتيءَ ۾ اوھان جا دوست ھواسون ۽ آخرت ۾ به (اوھان جا دوست آھيون)، ۽ جيڪي اوھان جو جيءُ خواھش ڪندو سو اوھان لاءِ منجھس آھي ۽ جيڪي اوھين گھرندؤ سو (پڻ) اوھان لاءِ منجھس آھي. |
|
4250 | 41 | 32 | نزلا من غفور رحيم |
| | | (اھا) مھماني بخشڻھار مھربان (خدا) وٽان آھي. |
|