بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
42344116فأرسلنا عليهم ريحا صرصرا في أيام نحسات لنذيقهم عذاب الخزي في الحياة الدنيا ولعذاب الآخرة أخزى وهم لا ينصرون
تنھنڪري نحس (يعني مُصيبت جي) ڏينھن ۾ مٿن سخت واءُ موڪليوسون ته کين دُنيا جي حياتيءَ ۾ خواريءَ وارو عذاب چکايون، ۽ بيشڪ آخرت جو عذاب ته وڌيڪ خراب ڪندڙ آھي ۽ اُنھن کي (ڪا) مدد نه ڏبي.
42354117وأما ثمود فهديناهم فاستحبوا العمى على الهدى فأخذتهم صاعقة العذاب الهون بما كانوا يكسبون
۽ ثمود (قوم) سو اُنھن کي پڌرو رستو ڏيکاريوسون پوءِ ھدايت کان انڌائي کي پسند ڪيائون پوءِ خوار ڪندڙ عذاب جي ڪڙڪي کين پڪڙيو انھي ڪري جو (بڇڙا ڪم) ڪمائيندا ھوا.
42364118ونجينا الذين آمنوا وكانوا يتقون
۽ جن ايمان آندو ھو ۽ پرھيزگاري ڪندا ھوا تن کي بچايوسون.
42374119ويوم يحشر أعداء الله إلى النار فهم يوزعون
۽ جنھن ڏينھن الله جا ويري باھ ڏانھن گڏ ڪيا ويندا پوءِ (تنھن ڏينھن) اُھي (ھڪ ٻئي جي اچڻ تائين) ترسايا ويندا.
42384120حتى إذا ما جاءوها شهد عليهم سمعهم وأبصارهم وجلودهم بما كانوا يعملون
تانجو جڏھن (اُھي مڙيئي) اُن (دوزخ) وٽ ايندا (تنھن مھل) سندن ڪَن ۽ سندن اکيون ۽ سندن کَلون جيڪي اُھي (دنيا ۾) ڪندا ھوا تنھنجي مٿان شاھدي ڏينديون.
42394121وقالوا لجلودهم لم شهدتم علينا قالوا أنطقنا الله الذي أنطق كل شيء وهو خلقكم أول مرة وإليه ترجعون
۽ پنھنجي کَلُن کي چوندا ته اسان تي شاھدي ڇو ڏنوَ؟ (سڀئي) چوندا ته اسان کي اُنھيءَ الله ڳالھرايو جنھن ھر شيء کي ڳالھرايو ۽ اُنھيءَ اوھان کي پھريون ڀيرو بڻايو ۽ (وري به) ڏانھس موٽائبؤ.
42404122وما كنتم تستترون أن يشهد عليكم سمعكم ولا أبصاركم ولا جلودكم ولكن ظننتم أن الله لا يعلم كثيرا مما تعملون
۽ اوھين پنھنجن ڪَنّن ۽ پنھنجين اکين ۽ پنھنجين کَلُن جي پاڻ تي شاھدي ڏيڻ کان پردو نه ڪندا ھئؤ پر اوھان ئي ڀانيو ھو ته جيڪي ڪندا ھئو تنھن مان گھڻو (احوال) الله نه ڄاڻندو آھي.
42414123وذلكم ظنكم الذي ظننتم بربكم أرداكم فأصبحتم من الخاسرين
۽ اوھان جو اُھو گمان جيڪو پنھنجي پالڻھار جي حق ۾ (غلطيءَ سان) ڀانيو ھُئو تنھن (ھاڻي) اوھان کي ھلاڪ ڪيو تنھنڪري (اڄ) ڇيئي وارن مان ٿيؤ.
42424124فإن يصبروا فالنار مثوى لهم وإن يستعتبوا فما هم من المعتبين
پوءِ جيڪڏھن صبر ڪندا ته (به) اُنھن جي جاءِ باھ آھي، جيڪڏھن معافي گھرندا ته (به) اُنھن کي معافي نه ملندي.
42434125وقيضنا لهم قرناء فزينوا لهم ما بين أيديهم وما خلفهم وحق عليهم القول في أمم قد خلت من قبلهم من الجن والإنس إنهم كانوا خاسرين
۽ انھن لاءِ (شيطان) سنگتي مُقرّر ڪياسون پوءِ جيڪي سندن اڳيان ۽ جيڪي سندن پويان آھي تنھنکي اُنھن لاءِ (سندن سنگتين) سينگاريو ۽ (انھيءَ ڪري اُنھن ٽولين ۾ گڏجي) مٿن سزا ثابت ٿي جيڪي کائن اڳ جِنّن ۽ ماڻھن مان گذري ويا آھن، بيشڪ اُھي (سڀ) ٽوٽي وارا ھوا.


0 ... 413.3 414.3 415.3 416.3 417.3 418.3 419.3 420.3 421.3 422.3 424.3 425.3 426.3 427.3 428.3 429.3 430.3 431.3 432.3 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

6047311813083827615855182731586551785350