نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
4199 | 40 | 66 | قل إني نهيت أن أعبد الذين تدعون من دون الله لما جاءني البينات من ربي وأمرت أن أسلم لرب العالمين |
| | | (اي پيغمبر کين) چؤ ته الله کانسواءِ جن کي (اوھين) سڏيندا آھيو تن جي پوڄڻ کان جڏھن منھنجي پالڻھار وٽان مون وٽ (صاف) نشانيون آيون (تڏھن اُنھيءَ وقت) بيشڪ آءٌ جھليو ويو آھيان ۽ مون کي حڪم ڪيو ويو آھي ته جھانن جي پالڻھار جو فرمانبردار ھجان. |
|
4200 | 40 | 67 | هو الذي خلقكم من تراب ثم من نطفة ثم من علقة ثم يخرجكم طفلا ثم لتبلغوا أشدكم ثم لتكونوا شيوخا ومنكم من يتوفى من قبل ولتبلغوا أجلا مسمى ولعلكم تعقلون |
| | | (الله) اُھو آھي جنھن اوھان کي مٽيءَ مان بڻايو وري نُطفي مان وري رت جي دڳ مان وري اوھان کي ٻار ڪري ڪڍي ٿو وري (ڇڏي ٿو) ته (اوھين) پنھنجي پوريءَ سگھ کي پُھچو وري (ڇڏي ٿو) ته ٻُڍڙا ٿيو، ۽ اوھان مان ڪنھن کي (اِن کان) اڳ ماربو آھي ۽ (ڇڏي ٿو) ته مُقرّر مدت کي پھچو ۽ مانَ اوھين سمجھو. |
|
4201 | 40 | 68 | هو الذي يحيي ويميت فإذا قضى أمرا فإنما يقول له كن فيكون |
| | | (الله) اُھو آھي جيڪو جياريندو آھي ۽ ماريندو آھي، پوءِ جڏھن ڪنھن ڪم جو حُڪم ڪندو آھي تڏھن اُن کي رڳو چوندو آھي ته ٿيءُ ته ٿي پوندو آھي. |
|
4202 | 40 | 69 | ألم تر إلى الذين يجادلون في آيات الله أنى يصرفون |
| | | (اي پيغمبر) انھن ڏانھن نه ڏٺو اٿيئي ڇا جيڪي الله جي آيتن بابت جھڳڙو ڪندا آھن؟ (اُھي) ڪيڏانھن ڦيرايا ويندا آھن. |
|
4203 | 40 | 70 | الذين كذبوا بالكتاب وبما أرسلنا به رسلنا فسوف يعلمون |
| | | جن ڪتاب کي ڪُوڙ ڄاتو ۽ جنھن (شي) سان پنھنجن پيغمبرن کي موڪليوسون تنھن کي (به) سگھوئي ڄاڻندا. |
|
4204 | 40 | 71 | إذ الأغلال في أعناقهم والسلاسل يسحبون |
| | | جڏھن سندن ڳِچين ۾ ڳَٽ ۽ زنجير (ھوندا)، اُھي گِھلبا. |
|
4205 | 40 | 72 | في الحميم ثم في النار يسجرون |
| | | ٽھڪندڙ پاڻيءَ ۾، وري باھ ۾ ٽچڪايا ويندا. |
|
4206 | 40 | 73 | ثم قيل لهم أين ما كنتم تشركون |
| | | وري کين چئبو ته جيڪي اوھين شريڪ ٺھرائيندا ھيؤ سي ڪِٿي آھن؟ |
|
4207 | 40 | 74 | من دون الله قالوا ضلوا عنا بل لم نكن ندعو من قبل شيئا كذلك يضل الله الكافرين |
| | | الله ڌاران (ٻيا) (اُھي) چوندا ته اسان (جي نظر) کان گُم ٿي ويا بلڪ ڪنھن شي کي اڳي نه پوڄيندا ھواسون، اھڙيءَ طرح الله ڪافرن کي گُمراھ ڪندو آھي. |
|
4208 | 40 | 75 | ذلكم بما كنتم تفرحون في الأرض بغير الحق وبما كنتم تمرحون |
| | | اِھا (سزا) اِنھيءَ سببان آھي جو اوھين زمين ۾ ناحق خوشيءَ (سبب آڪڙ) ڪندا ھئو ۽ ھن سببان (به) جو اوھين لاڏ ڪندا ھئو. |
|