نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
417 | 3 | 124 | إذ تقول للمؤمنين ألن يكفيكم أن يمدكم ربكم بثلاثة آلاف من الملائكة منزلين |
| | | (اي پيغمبر اُنھيءَ مھل کي ياد ڪر) جنھن مھل تو مؤمنن کي چيو ٿي ته اوھان کي اوھان جي پالڻھار جي ٽن ھزارن ملائڪن (آسمان کان) لاٿلن سان مدد ڪرڻ ڪافي نه آھي ڇا؟ |
|
418 | 3 | 125 | بلى إن تصبروا وتتقوا ويأتوكم من فورهم هذا يمددكم ربكم بخمسة آلاف من الملائكة مسومين |
| | | ھائو جيڪڏھن اوھين صبر ڪريو ۽ پرھيزگار بڻجو ۽ ھڪدم اھي (ڪافر) اوھان تي اچي ڪڙڪن ته اوھان جو پاڻھار پنجن ھزارن ملائڪن نشان ڪيلن سان اوھان کي مدد ڏيندو. |
|
419 | 3 | 126 | وما جعله الله إلا بشرى لكم ولتطمئن قلوبكم به وما النصر إلا من عند الله العزيز الحكيم |
| | | ۽ الله اُن (مدد) کي رڳو اوھان جي خوشخبريءَ لاءِ ڪيو آھي ۽ ھن لاءِ ته اوھان جون دليون اُن سان (ڀَلي ته) آرام وٺن، ۽ الله غالب حڪمت واري جي پار کانسواءِ ڪا مدد (ملڻي) نه آھي. |
|
420 | 3 | 127 | ليقطع طرفا من الذين كفروا أو يكبتهم فينقلبوا خائبين |
| | | (۽) ھن لاءِ ته ھڪڙو پاسو (يعني ڀاڱو) ڪافرن جو ڇني ڇڏي يا کين ھيڻو ڪري ڇڏي ته بي نصيب ٿي ڦِرن. |
|
421 | 3 | 128 | ليس لك من الأمر شيء أو يتوب عليهم أو يعذبهم فإنهم ظالمون |
| | | (اي پيغمبر) اُن ڪم ۾ تنھنجو ڪو واسطو نه آھي (خداءِ) يا مٿن ٻاجھ سان موٽندو يا کين عذاب ڪندو ڇو ته اُھي ظالم آھن. |
|
422 | 3 | 129 | ولله ما في السماوات وما في الأرض يغفر لمن يشاء ويعذب من يشاء والله غفور رحيم |
| | | ۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي (سو خاص) الله جو آھي، جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي بخشيندو آھي ۽ جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي عذاب ڪندو آھي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي. |
|
423 | 3 | 130 | يا أيها الذين آمنوا لا تأكلوا الربا أضعافا مضاعفة واتقوا الله لعلكم تفلحون |
| | | اي ايمان وارؤ (اوھين) وياج ٻيڻو چؤڻو نه کائو، ۽ الله کان ڊڄو مانَ اوھين ڇٽو. |
|
424 | 3 | 131 | واتقوا النار التي أعدت للكافرين |
| | | ۽ اُن باھ کان ڊڄو جا ڪافرن لاءِ تيار ڪئي ويئي آھي. |
|
425 | 3 | 132 | وأطيعوا الله والرسول لعلكم ترحمون |
| | | ۽ الله ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪريو ته مانَ اوھان تي ٻاجھ ڪئي وڃي. |
|
426 | 3 | 133 | وسارعوا إلى مغفرة من ربكم وجنة عرضها السماوات والأرض أعدت للمتقين |
| | | ۽ (اوھين) پنھنجي پالڻھار جي بخشش ۽ اُنھيءَ بھشت ڏانھن اڳرائي ڪريو جنھن جي ويڪر آسمانن ۽ زمين جيتري آھي اُنھن پرھيزگارن لاءِ تيار ڪيو ويو. |
|