نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
4115 | 39 | 57 | أو تقول لو أن الله هداني لكنت من المتقين |
| | | يا چوي ته جيڪڏھن الله مون کي ھدايت ڪري ھا ته ضرور پرھيزگارن مان ٿيان ھا. |
|
4116 | 39 | 58 | أو تقول حين ترى العذاب لو أن لي كرة فأكون من المحسنين |
| | | يا جڏھن عذاب ڏسي (تڏھن) چوي ته جي منھنجو ٻيو ڀيرو (دنيا ۾ وڃڻ) ٿئي ته جيڪر ڀلارن مان ٿيان. |
|
4117 | 39 | 59 | بلى قد جاءتك آياتي فكذبت بها واستكبرت وكنت من الكافرين |
| | | (چئبس ته) ھائو! بيشڪ تو وٽ منھنجون نشانيون آيون ھيون پوءِ اُنھن کي ڪُوڙو ڄاتئي ۽ وڏائي ڪيئي ۽ ڪافرن مان ٿيئن. |
|
4118 | 39 | 60 | ويوم القيامة ترى الذين كذبوا على الله وجوههم مسودة أليس في جهنم مثوى للمتكبرين |
| | | ۽ قيامت جي ڏينھن تون انھن کي ڏسندين جن الله تي ڪوڙ ٻَڌو ته سندن مُنھن ڪارا ٿيل ھوندا، وڏائي ڪندڙن جي جاءِ دوزخ ۾ نه آھي ڇا؟ |
|
4119 | 39 | 61 | وينجي الله الذين اتقوا بمفازتهم لا يمسهم السوء ولا هم يحزنون |
| | | ۽ جن پرھيزگاري ڪئي تن کي الله سندن ڇوٽڪاري جي ھنڌ ۾ (دوزخ کان) بچائي پھچائيندو، نڪي کين ڪا مدائي پھچندي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا. |
|
4120 | 39 | 62 | الله خالق كل شيء وهو على كل شيء وكيل |
| | | الله (ئي) سڀڪنھن شيء جو خلقيندڙ آھي، ۽ اُھو سڀڪنھن شي جي سنڀال ڪندڙ آھي. |
|
4121 | 39 | 63 | له مقاليد السماوات والأرض والذين كفروا بآيات الله أولئك هم الخاسرون |
| | | آسمانن ۽ زمين جون ڪُنجيون انھي ئي وٽ آھن، ۽ جن الله جي نشانين جو انڪار ڪيو اُھي ئي ڇيئي وارا آھن. |
|
4122 | 39 | 64 | قل أفغير الله تأمروني أعبد أيها الجاهلون |
| | | چؤ ته اي بي عقلؤ مون کي (ھي) ڏسيندا آھيو ڇا ته الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن جي عبادت ڪريان. |
|
4123 | 39 | 65 | ولقد أوحي إليك وإلى الذين من قبلك لئن أشركت ليحبطن عملك ولتكونن من الخاسرين |
| | | ۽ (اي پيغمبر) بيشڪ توڏانھن وحي ڪيو ويو ۽ جيڪي توکان اڳ (ٻيا پيغمبر) ھوا تن (ھر ھڪ) ڏانھن (به) ته جيڪڏھن (الله سان ڪو) شريڪ مقرر ڪندين ته تنھنجا عمل ضرور ناس ٿيندا ۽ ضرور ڇيئي وارن مان ٿيندين. |
|
4124 | 39 | 66 | بل الله فاعبد وكن من الشاكرين |
| | | (نه!) بلڪ رڳو الله جي عبادت ڪر ۽ شُڪر ڪرڻ وارن مان ھُج. |
|