نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
4106 | 39 | 48 | وبدا لهم سيئات ما كسبوا وحاق بهم ما كانوا به يستهزئون |
| | | ۽ جيڪي بڇڙايون ڪمايون ھوائون سي انھن کي پڌريون ٿينديون ۽ جنھن (سزا) جون ٺـٺوليون ڪندا ھوا سا کين ويڙھي ويندي. |
|
4107 | 39 | 49 | فإذا مس الإنسان ضر دعانا ثم إذا خولناه نعمة منا قال إنما أوتيته على علم بل هي فتنة ولكن أكثرهم لا يعلمون |
| | | پوءِ جڏھن ماڻھوءَ کي ڪا اوکائي پھچندي آھي (تڏھن) اسان کي سڏيندو آھي، وري جڏھن اُن کي پاڻ وٽان ڪا نعمت ڏيندا آھيون (تڏھن) چوندو آھي ته اُھا رڳو پنھنجي سمجھ سان (جا مون ۾ آھي) مون کي ڏني وئي آھي، (ايئن نه آھي) بلڪ اُھا (نعمت) پرک آھي پر اُنھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن. |
|
4108 | 39 | 50 | قد قالها الذين من قبلهم فما أغنى عنهم ما كانوا يكسبون |
| | | بيشڪ کانئن اڳين (به) اِھا (ڳالھ) چئي ھئي پوءِ جيڪي (ڪرتوت) ڪيائون ٿي تن کانئن ڪجھ به (مُصيبت) نه ٽاري. |
|
4109 | 39 | 51 | فأصابهم سيئات ما كسبوا والذين ظلموا من هؤلاء سيصيبهم سيئات ما كسبوا وما هم بمعجزين |
| | | پوءِ جيڪي ڪمايائون تنھنجون بڇڙايون کين پھتيون، ۽ ھنن مان (به) جيڪي ظالم آھن تن جيڪي ڪمايائون تنھنجون بڇڙايون کين سِگھوئي پھچنديون ۽ اُھي عاجز ڪرڻ وارا نه آھن. |
|
4110 | 39 | 52 | أولم يعلموا أن الله يبسط الرزق لمن يشاء ويقدر إن في ذلك لآيات لقوم يؤمنون |
| | | نه ڄاتو اٿن ڇا ته الله جنھن لاءِ گھرندو آھي (تَنھنجو) رزق ڪُشادو ڪندو آھي ۽ (جنھن لاءِ گھرندو آھي تَنھنجو) گھٽ ڪندو آھي، بيشڪ ھن (ڪم) ۾ اُنھن ماڻھن لاءِ نشانيون آھن جيڪي ايمان آڻيندا آھن. |
|
4111 | 39 | 53 | قل يا عبادي الذين أسرفوا على أنفسهم لا تقنطوا من رحمة الله إن الله يغفر الذنوب جميعا إنه هو الغفور الرحيم |
| | | (منھنجي طرفان اُنھن کي) چؤ ته اي منھنجا اُھي ٻانھؤ جن پاڻ تي ظلم ڪيو (اوھين) الله جي ٻاجھ کان نا اُميد نه ٿيو، ڇوته الله سڀ گناھ بخشيندو آھي، بيشڪ اُھوئي بخشڻھار مھربان آھي. |
|
4112 | 39 | 54 | وأنيبوا إلى ربكم وأسلموا له من قبل أن يأتيكم العذاب ثم لا تنصرون |
| | | ۽ پنھنجي پالڻھار ڏانھ ورو ۽ اُن کان اڳي سندس فرمانبردار ٿيو جو اوھان وٽ عذاب اچي (۽) وري مدد نه ڏنا ويندؤ. |
|
4113 | 39 | 55 | واتبعوا أحسن ما أنزل إليكم من ربكم من قبل أن يأتيكم العذاب بغتة وأنتم لا تشعرون |
| | | ۽ اوھان جي پالڻھار کان اوھان ڏانھن جيڪا بلڪل چڱي شيء نازل ڪئي وئي آھي تنھن جي اُنھيءَ کان اڳ تابعداري ڪريو جو اوھان وٽ اوچتو عذاب اچي ۽ اوھين بي خبر ھجو. |
|
4114 | 39 | 56 | أن تقول نفس يا حسرتا على ما فرطت في جنب الله وإن كنت لمن الساخرين |
| | | (انھيءَ ڪري خُداءِ ڏانھن مھاڙ ڪريو ۽ قرآن جي تابعداري ڪريو) ته متان پوءِ ڪوبه جيءُ چوي ته ھيءَ ارمان جو الله جي دين ۾ سُستي ڪيم ۽ بيشڪ (آءٌ ته) ٺـٺوليون ڪرڻ وارن مان ھوس. |
|
4115 | 39 | 57 | أو تقول لو أن الله هداني لكنت من المتقين |
| | | يا چوي ته جيڪڏھن الله مون کي ھدايت ڪري ھا ته ضرور پرھيزگارن مان ٿيان ھا. |
|