نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
4092 | 39 | 34 | لهم ما يشاءون عند ربهم ذلك جزاء المحسنين |
| | | جيڪي گھرندا سو انھن لاءِ سندن پالڻھار وٽ آھي، ڀلارن جو بدلو اِھو آھي. |
|
4093 | 39 | 35 | ليكفر الله عنهم أسوأ الذي عملوا ويجزيهم أجرهم بأحسن الذي كانوا يعملون |
| | | ته جيڪي بڇڙا ڪم ڪيائون سي الله کانئن ميٽي ۽ جيڪي چڱا ڪم ڪندا ھوا تن بابت سندن (چڱو) اُجورو کين بدلي ۾ ڏئي. |
|
4094 | 39 | 36 | أليس الله بكاف عبده ويخوفونك بالذين من دونه ومن يضلل الله فما له من هاد |
| | | الله پنھنجي ٻانھي (ﷴؐ) کي ڪافي نه آھي ڇا؟ ۽ الله کانسواءِ جيڪي (ٻيا) آھن تن کان توکي ڊيڄاريندا آھن، ۽ جنھن کي الله ڀُلائي تنھن کي ڪو ھدايت ڪرڻ وارو نه آھي. |
|
4095 | 39 | 37 | ومن يهد الله فما له من مضل أليس الله بعزيز ذي انتقام |
| | | ۽ جنھن کي الله ھدايت ڪري تنھن کي ڪو ڀلائڻ وارو نه آھي، الله غالب بدلي وٺڻ وارو نه آھي ڇا؟ |
|
4096 | 39 | 38 | ولئن سألتهم من خلق السماوات والأرض ليقولن الله قل أفرأيتم ما تدعون من دون الله إن أرادني الله بضر هل هن كاشفات ضره أو أرادني برحمة هل هن ممسكات رحمته قل حسبي الله عليه يتوكل المتوكلون |
| | | (اي پيغمبر) جيڪڏھن کانئن پُڇين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنھن بڻايو آھي؟ ته ضرور چوندا ته الله، (پوءِ کين) چؤ ته الله کانسواءِ جن کي سڏيندا آھيو تن کي ڏسو (ته سھي) جيڪڏھن الله مون کي ڪا سختي (پھچائڻ) گھري ته اِھي اُن جي (پھچايل) سختيءَ جي لاھڻ وارا آھن ڇا؟ يا مون کي ڪو سُک (پھچائڻ) گھري ته اِھي (بُت) سندس (پھچايل) سُک جي بند ڪرڻ وارا آھن ڇا؟ (تون کين) چؤ ته مون کي الله ڪافي آھي، ڀروسي ڪندڙ مٿس (ئي) ڀروسو ڪندا آھن. |
|
4097 | 39 | 39 | قل يا قوم اعملوا على مكانتكم إني عامل فسوف تعلمون |
| | | (کين) چؤ ته اي منھنجي قوم اوھين پنھنجي جاءِ عمل ڪريو بيشڪ آءٌ (به پنھنجي جاءِ) عمل ڪندڙ آھيان، پوءِ سِگھوئي ڄاڻندؤ. |
|
4098 | 39 | 40 | من يأتيه عذاب يخزيه ويحل عليه عذاب مقيم |
| | | ته ڪنھن تي (اُھو) عذاب اچي ٿو جو کيس خوار ڪندو ۽ مٿس ھميشه جو عذاب لھي ٿو. |
|
4099 | 39 | 41 | إنا أنزلنا عليك الكتاب للناس بالحق فمن اهتدى فلنفسه ومن ضل فإنما يضل عليها وما أنت عليهم بوكيل |
| | | بيشڪ اسان توتي ڪتاب ماڻھن لاءِ سچ سان لاٿو، پوءِ جيڪو ھدايت وارو ٿيو سو خاص پنھنجي (فائدي) لاءِ، ۽ جيڪو گُمراھ ٿيو سو رڳو پنھنجي (نقصان) لاءِ گُمراھ ٿئي ٿو، ۽ تون مٿن ڪو ذمي وار نه آھين. |
|
4100 | 39 | 42 | الله يتوفى الأنفس حين موتها والتي لم تمت في منامها فيمسك التي قضى عليها الموت ويرسل الأخرى إلى أجل مسمى إن في ذلك لآيات لقوم يتفكرون |
| | | الله ماڻھن جا رُوح سندن مرڻ جي مھل ڪڍندو آھي ۽ جيڪو نه مُئو آھي (تنھن جو روح) سندس ننڊ (جي حالت) ۾ (ڪڍندو آھي)، پوءِ جنھن تي موت جو حُڪم ڪيو اٿس تنھن کي جھليندو آھي ۽ اُن ٻئي کي ھڪ مُقرر مُدّت تائين ڇڏيندو آھي، بيشڪ ھن ۾ ماڻھن لاءِ نشانيون آھن جيڪي ڌيان ڪندا آھن. |
|
4101 | 39 | 43 | أم اتخذوا من دون الله شفعاء قل أولو كانوا لا يملكون شيئا ولا يعقلون |
| | | الله کانسواءِ ٻيا شفاعت ڪرڻ وارا ورتا اٿن ڇا؟ (کين) چؤ ته جيتوڻيڪ اُھي نڪي ڪجھ اختيار رکندا ھجن ۽ نڪي سمجھندا ھجن (ته به شفاعت ڪندا ڇا؟). |
|