نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
4022 | 38 | 52 | وعندهم قاصرات الطرف أتراب |
| | | ۽ وٽن ھيٺ نگاھ ڪرڻ واريون ۽ عمر ۾ ھڪ جيڏيون (زالون) ھونديون. |
|
4023 | 38 | 53 | هذا ما توعدون ليوم الحساب |
| | | ھي اُھو آھي جنھنجو حساب جي ڏينھن لاءِ انجام ڏنو وڃيوَ ٿو. |
|
4024 | 38 | 54 | إن هذا لرزقنا ما له من نفاد |
| | | بيشڪ اُھو اسان جو رزق آھي جنھن کي ڪا کوٽ نه ھوندي. |
|
4025 | 38 | 55 | هذا وإن للطاغين لشر مآب |
| | | اھو (بدلو ڀلارن لاءِ آھي)، ۽ بيشڪ حد کان لنگھندڙن لاءِ بڇڙو موٽڻ جو ھنڌ آھي. |
|
4026 | 38 | 56 | جهنم يصلونها فبئس المهاد |
| | | (جو) دوزخ آھي، اُن ۾ گھڙندا، پوءِ اُھو بڇڙو وڇاڻو آھي. |
|
4027 | 38 | 57 | هذا فليذوقوه حميم وغساق |
| | | ھي (عذاب) ڪوسو پاڻي آھي ۽ پُونءِ آھي پوءِ ڀلي ته اُن کي چَکن. |
|
4028 | 38 | 58 | وآخر من شكله أزواج |
| | | ۽ اھڙو قسمين قسمين ٻيو (عذاب) به آھي. |
|
4029 | 38 | 59 | هذا فوج مقتحم معكم لا مرحبا بهم إنهم صالو النار |
| | | ھي ھڪ فوج آھي جا اوھان سان گڏ گھرڻ واري آھي، شال کين ڪا ويڪري جاءِ نه ملي، ڇوته اُھي باھ ۾ گھڙڻ وارا آھن. |
|
4030 | 38 | 60 | قالوا بل أنتم لا مرحبا بكم أنتم قدمتموه لنا فبئس القرار |
| | | (تابع) چوندا ته (نه!) بلڪ اوھان کي شال ڪا ويڪري جاءِ نه ھجي، (جو) اوھان اسان لاءِ ڪُفر کي پراڻي رسم ڪري ڇڏيو، پوءِ دوزخ بڇڙي جاءِ آھي. |
|
4031 | 38 | 61 | قالوا ربنا من قدم لنا هذا فزده عذابا ضعفا في النار |
| | | چوندا ته اي اسان جا پالڻھار جنھن اسان لاءِ ھيءَ (ڪُفر جي) پراڻي رسم ٺاھي ھجي تنھنجي حق ۾ دوزخ ۾ ٻيڻو عذاب زيادہ ڪر. |
|