نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
3989 | 38 | 19 | والطير محشورة كل له أواب |
| | | ۽ گڏ ڪيل پکين کي به (سندس تابع ڪيوسين)، ھر ھڪ (تسبيح گڏ چوڻ ۾) سندس فرمانبردار ھو. |
|
3990 | 38 | 20 | وشددنا ملكه وآتيناه الحكمة وفصل الخطاب |
| | | ۽ سندس بادشاھيءَ کي مُحڪم ڪيوسين ۽ کيس دانائي ۽ نبير نڇيڙ ڏني سون. |
|
3991 | 38 | 21 | وهل أتاك نبأ الخصم إذ تسوروا المحراب |
| | | ۽ (پاڻ ۾ ٻن) وڙھندڙ جي خبر تو وٽ نه پھتي آھي ڇا؟ جڏھن اُھي ڀِٽ ٽپي عبادت خانه ۾ آيا. |
|
3992 | 38 | 22 | إذ دخلوا على داوود ففزع منهم قالوا لا تخف خصمان بغى بعضنا على بعض فاحكم بيننا بالحق ولا تشطط واهدنا إلى سواء الصراط |
| | | جڏھن داؤد وٽ اندر پھتا تڏھن (ھو) کائن ڊڄي ويو چيائون ته نه ڊڄ، (اسين) ٻه جھڳڙو ڪندڙ آھيون اسان مون ھڪڙي ٻئي تي ڏاڍ ڪيو آھي تنھنڪري اسان جي وچ ۾ انصاف سان نبيرو ڪر ۽ (فيصلي ۾) بي انصافي نه ڪر ۽ اسان کي سڌيءَ واٽ ڏانھن رستي لاءِ. |
|
3993 | 38 | 23 | إن هذا أخي له تسع وتسعون نعجة ولي نعجة واحدة فقال أكفلنيها وعزني في الخطاب |
| | | بيشڪ ھيءُ منھنجو ڀاءُ آھي، جنھن کي نوانوي رڍون آھن ۽ مون کي ھڪ رڍ آھي، پوءِ ھن چيو ته اِھا (ھڪ رڍ) به منھنجي حوالي ڪر ۽ مون کي ڳالھائڻ ۾ سخت ورتائين. |
|
3994 | 38 | 24 | قال لقد ظلمك بسؤال نعجتك إلى نعاجه وإن كثيرا من الخلطاء ليبغي بعضهم على بعض إلا الذين آمنوا وعملوا الصالحات وقليل ما هم وظن داوود أنما فتناه فاستغفر ربه وخر راكعا وأناب |
| | | (داؤد) چيو ته (ھن) تنھنجي (ھڪ) رڍ جي گھرڻ ڪري ته پنھنجن رڍن سان گڏي توتي بيشڪ ظلم ڪيو، ۽ بيشڪ ڀائيوارن مان گھڻا ھڪ ٻئي تي ظلم ڪندا آھن سواءِ اُنھن جي جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ اُھي (ظلم نه ڪندڙ) ٿورا آھن، ۽ داؤد ڄاتو ته کيس پرکيو اٿون تنھنڪري پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھريائين ۽ سجدو ڪندڙ ٿي ڪري پيو ۽ (الله ڏانھن) رجوع ڪيائين. |
|
3995 | 38 | 25 | فغفرنا له ذلك وإن له عندنا لزلفى وحسن مآب |
| | | پوءِ کيس اِھو (سندس گناھ) بخشيوسون، ۽ بيشڪ اُن کي اسان وٽ مرتبو آھي ۽ چڱو موٽڻ جو ھنڌ آھي. |
|
3996 | 38 | 26 | يا داوود إنا جعلناك خليفة في الأرض فاحكم بين الناس بالحق ولا تتبع الهوى فيضلك عن سبيل الله إن الذين يضلون عن سبيل الله لهم عذاب شديد بما نسوا يوم الحساب |
| | | (چيوسون ته) اي داؤد بيشڪ اسان توکي زمين ۾ نائب مُقرّر ڪيو تنھنڪري ماڻھن جي وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪر ۽ (نفس جي) سَڌ جي تابعداري نه ڪر جو (اھا) توکي الله جي واٽ کان ڀلائيندي، بيشڪ جيڪي الله جي واٽ کان ڀُلن ٿا تن لاءِ انھيءَ سببان سخت عذاب آھي جو حساب جو ڏينھن وساريائون. |
|
3997 | 38 | 27 | وما خلقنا السماء والأرض وما بينهما باطلا ذلك ظن الذين كفروا فويل للذين كفروا من النار |
| | | ۽ آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪي انھن جي وچ ۾ آھي سو اجايو نه بڻايوسون، اھو ڪافرن جو گمان آھي، تنھنڪري ڪافرن لاءِ باھ (جي عذاب) جي خرابي آھي. |
|
3998 | 38 | 28 | أم نجعل الذين آمنوا وعملوا الصالحات كالمفسدين في الأرض أم نجعل المتقين كالفجار |
| | | جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي زمين ۾ فساد وجھڻ وارن جي برابر ڪنداسون ڇا؟ يا پرھيزگارن کي بڇڙن وانگر ڪنداسون ڇا؟ |
|