نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
3985 | 38 | 15 | وما ينظر هؤلاء إلا صيحة واحدة ما لها من فواق |
| | | ۽ ھيءُ (ھن وقت جا ڪافر به) رڳو ھڪ آواز جا منتظر رھندا آھن جنھن کي ڪا ساھي نه ھوندي. |
|
3986 | 38 | 16 | وقالوا ربنا عجل لنا قطنا قبل يوم الحساب |
| | | ۽ (ٺـٺولي طرح) چوندا آھن ته اي اسان جا پالڻھار حساب جي ڏينھن کان اڳ اسان (جي عذاب) جي چٺي اسان کي جلد ڏي. |
|
3987 | 38 | 17 | اصبر على ما يقولون واذكر عبدنا داوود ذا الأيد إنه أواب |
| | | (اي پيغمبر) جيڪي چوندا آھن تنھن تي صبر ڪر ۽ اسان جي سگھ واري ٻانھي داؤد کي ياد ڪر، بيشڪ اُھو رجوع ڪرڻ وارو ھو. |
|
3988 | 38 | 18 | إنا سخرنا الجبال معه يسبحن بالعشي والإشراق |
| | | بيشڪ اسان جبلن کي سندس تابع ڪيو (جو) سانجھي ۽ صبح جو (ساڻس) تسبيحون پڙھندا ھوا. |
|
3989 | 38 | 19 | والطير محشورة كل له أواب |
| | | ۽ گڏ ڪيل پکين کي به (سندس تابع ڪيوسين)، ھر ھڪ (تسبيح گڏ چوڻ ۾) سندس فرمانبردار ھو. |
|
3990 | 38 | 20 | وشددنا ملكه وآتيناه الحكمة وفصل الخطاب |
| | | ۽ سندس بادشاھيءَ کي مُحڪم ڪيوسين ۽ کيس دانائي ۽ نبير نڇيڙ ڏني سون. |
|
3991 | 38 | 21 | وهل أتاك نبأ الخصم إذ تسوروا المحراب |
| | | ۽ (پاڻ ۾ ٻن) وڙھندڙ جي خبر تو وٽ نه پھتي آھي ڇا؟ جڏھن اُھي ڀِٽ ٽپي عبادت خانه ۾ آيا. |
|
3992 | 38 | 22 | إذ دخلوا على داوود ففزع منهم قالوا لا تخف خصمان بغى بعضنا على بعض فاحكم بيننا بالحق ولا تشطط واهدنا إلى سواء الصراط |
| | | جڏھن داؤد وٽ اندر پھتا تڏھن (ھو) کائن ڊڄي ويو چيائون ته نه ڊڄ، (اسين) ٻه جھڳڙو ڪندڙ آھيون اسان مون ھڪڙي ٻئي تي ڏاڍ ڪيو آھي تنھنڪري اسان جي وچ ۾ انصاف سان نبيرو ڪر ۽ (فيصلي ۾) بي انصافي نه ڪر ۽ اسان کي سڌيءَ واٽ ڏانھن رستي لاءِ. |
|
3993 | 38 | 23 | إن هذا أخي له تسع وتسعون نعجة ولي نعجة واحدة فقال أكفلنيها وعزني في الخطاب |
| | | بيشڪ ھيءُ منھنجو ڀاءُ آھي، جنھن کي نوانوي رڍون آھن ۽ مون کي ھڪ رڍ آھي، پوءِ ھن چيو ته اِھا (ھڪ رڍ) به منھنجي حوالي ڪر ۽ مون کي ڳالھائڻ ۾ سخت ورتائين. |
|
3994 | 38 | 24 | قال لقد ظلمك بسؤال نعجتك إلى نعاجه وإن كثيرا من الخلطاء ليبغي بعضهم على بعض إلا الذين آمنوا وعملوا الصالحات وقليل ما هم وظن داوود أنما فتناه فاستغفر ربه وخر راكعا وأناب |
| | | (داؤد) چيو ته (ھن) تنھنجي (ھڪ) رڍ جي گھرڻ ڪري ته پنھنجن رڍن سان گڏي توتي بيشڪ ظلم ڪيو، ۽ بيشڪ ڀائيوارن مان گھڻا ھڪ ٻئي تي ظلم ڪندا آھن سواءِ اُنھن جي جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ اُھي (ظلم نه ڪندڙ) ٿورا آھن، ۽ داؤد ڄاتو ته کيس پرکيو اٿون تنھنڪري پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھريائين ۽ سجدو ڪندڙ ٿي ڪري پيو ۽ (الله ڏانھن) رجوع ڪيائين. |
|