نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
3976 | 38 | 6 | وانطلق الملأ منهم أن امشوا واصبروا على آلهتكم إن هذا لشيء يراد |
| | | ۽ منجھانئن (سردارن جي) ٽولي (ھڪ ٻئي کي چوندي) ھلي وئي ته ھلو ۽ پنھنجن معبودن (جي پوڄا) تي مُحڪم رھو، بيشڪ ھيءُ (دين) اھڙو آھي جو (اُن ۾ ڪو) غرض رکيو ويو آھي. |
|
3977 | 38 | 7 | ما سمعنا بهذا في الملة الآخرة إن هذا إلا اختلاق |
| | | اِھا (ڳالھ) پوئين دين ۾ (ڪڏھن) نه ٻڌي سون، ھيءُ ته رڳو ٺاھ آھي. |
|
3978 | 38 | 8 | أأنزل عليه الذكر من بيننا بل هم في شك من ذكري بل لما يذوقوا عذاب |
| | | اسان مڙني جي وچان مٿس قرآن نازل ڪيو ويو ڇا؟ بلڪ اِھي (ڪافر) منھنجي نصيحت کان شڪ ۾ (پيل) آھن، (نه!) بلڪ اڃا منھنجو عذاب نه چکيو اٿن. |
|
3979 | 38 | 9 | أم عندهم خزائن رحمة ربك العزيز الوهاب |
| | | تنھنجي پالڻھار غالب بخشڻھار جي ٻاجھ جا (ڪي) خزانا وٽن آھن ڇا؟ |
|
3980 | 38 | 10 | أم لهم ملك السماوات والأرض وما بينهما فليرتقوا في الأسباب |
| | | آسمانن ۽ زمين جي ۽ جيڪي اِنھن (ٻنھي) جي وچ ۾ آھي تنھنجي بادشاھي انھن جي آھي ڇا؟ (جي ايئن آھي) ته جڳائي ته رسين سان (لڙڪي) مٿي چڙھن. |
|
3981 | 38 | 11 | جند ما هنالك مهزوم من الأحزاب |
| | | شڪست کاڌل ٽولين مان ھيءُ (ڪافر) ھتي ھڪ (گڏ ٿيل) لشڪر آھي. |
|
3982 | 38 | 12 | كذبت قبلهم قوم نوح وعاد وفرعون ذو الأوتاد |
| | | انھن کان اڳ نوح جي قوم ۽ عاد ۽ فرعون ميخن وارو ڪوڙ ڄاتو. |
|
3983 | 38 | 13 | وثمود وقوم لوط وأصحاب الأيكة أولئك الأحزاب |
| | | ۽ ثمود ۽ لُوط جي قوم ۽ (شھر) ايڪه وارن، انھن جماعتن به (ڪوڙ ڀانيو). |
|
3984 | 38 | 14 | إن كل إلا كذب الرسل فحق عقاب |
| | | اِھي ٽوليون (جيڪي به ھيون تن) سڀني پيغمبرن کي ڪوڙو ڀانيو تنھنڪري منھنجي سزا (مٿن) لازم ٿي. |
|
3985 | 38 | 15 | وما ينظر هؤلاء إلا صيحة واحدة ما لها من فواق |
| | | ۽ ھيءُ (ھن وقت جا ڪافر به) رڳو ھڪ آواز جا منتظر رھندا آھن جنھن کي ڪا ساھي نه ھوندي. |
|