بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
40233قال يا آدم أنبئهم بأسمائهم فلما أنبأهم بأسمائهم قال ألم أقل لكم إني أعلم غيب السماوات والأرض وأعلم ما تبدون وما كنتم تكتمون
(الله) چيو ته اي آدم انھن جا نالا کين ڏس، پوءِ جڏھن کين انھن جا نالا ڏسيائين (تڏھن الله) چيو ته اوھان کي نه چيو ھوم ڇا ته آءٌ آسمانن ۽ زمين جو ڳجھ ڄاڻندو آھيان ۽ جيڪي پڌرو ڪيو ٿا ۽ جيڪي لڪايو ٿا سو به ڄاڻندو آھيان.
41234وإذ قلنا للملائكة اسجدوا لآدم فسجدوا إلا إبليس أبى واستكبر وكان من الكافرين
۽ جڏھن ملائڪن کي چيوسون ته آدم کي سجدو ڪريو تڏھن شيطان ڌاران (ٻـين) سجدو ڪيو، ھن انڪار ڪيو ۽ ھٺ ڪيائين ۽ ڪافرن مان ٿيو.
42235وقلنا يا آدم اسكن أنت وزوجك الجنة وكلا منها رغدا حيث شئتما ولا تقربا هذه الشجرة فتكونا من الظالمين
۽ چيوسون ته اي آدم تون ۽ تنھنجي زال بھشت ۾ ٽڪو ۽ جتان وڻيوَ تتان مزي سان کائو، ۽ ھن وڻ کي ويجھا نه وڃجو نه ته ظالمن (جي شمار) مان ٿيندؤ.
43236فأزلهما الشيطان عنها فأخرجهما مما كانا فيه وقلنا اهبطوا بعضكم لبعض عدو ولكم في الأرض مستقر ومتاع إلى حين
پوءِ شيطان اُتاھون انھن کي ٿيڙيو پوءِ جنھن (مزي) ۾ ھئا تنھن مان کين (ٻاھر) ڪڍيائين، ۽ چيوسون ته (بھشت مان) نڪري ھيٺ ٿيو اوھين ھڪ ٻئي جا ويري آھيو، ۽ اوھان لاءِ ڪنھن وقت تائين زمين ۾ رھڪ جو ھنڌ ۽ (گذران جو) سامان (ٺھرايل) آھي.
44237فتلقى آدم من ربه كلمات فتاب عليه إنه هو التواب الرحيم
پوءِ آدم پنھنجي پالڻھار وٽان ڪي لفظ سکيا پوءِ (الله) سندس توبه قبول ڪئي، بيشڪ اُھو ئي توبه قبوليندڙ مھربان آھي.
45238قلنا اهبطوا منها جميعا فإما يأتينكم مني هدى فمن تبع هداي فلا خوف عليهم ولا هم يحزنون
چيوسين ته منجھانئس سڀ لھي ھيٺ وڃو، پوءِ جڏھن مون وٽان اوھان وٽ ڪا ھدايت اچي تڏھن جيڪي منھنجي ھدايت تي ھلندا تن کي ڪو ڀؤ ڪونھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا.
46239والذين كفروا وكذبوا بآياتنا أولئك أصحاب النار هم فيها خالدون
۽ جن نه مڃيو ۽ اسانجي آيتن کي ڪُوڙو ڄاتو سي دوزخي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.
47240يا بني إسرائيل اذكروا نعمتي التي أنعمت عليكم وأوفوا بعهدي أوف بعهدكم وإياي فارهبون
اي يعقوب جي اولاد اُھو منھنجو ڳڻ ياد ڪريو جيڪو مون توھان تي ڪيو ۽ منھنجو انجام پاڙيو ته آءٌ (به) اوھان جو انجام پاڙيان ۽ رڳو مون کان ڊپ رکو.
48241وآمنوا بما أنزلت مصدقا لما معكم ولا تكونوا أول كافر به ولا تشتروا بآياتي ثمنا قليلا وإياي فاتقون
۽ (اي بني اسرائيل) جيڪو اوھان وٽ آھي (يعني توريت) تنھن کي سچو ڪندڙ جيڪو (قرآن ﷴ ﷺ تي) لاٿم تنھنکي مڃيو ۽ ان جا پھريان منڪر نه ٿيو، ۽ منھنجي آيتن کي (دنيا جي) ٿوري ملھ سان نه وڪڻو، ۽ رڳو مون کا ڊڄو.
49242ولا تلبسوا الحق بالباطل وتكتموا الحق وأنتم تعلمون
۽ سچ کي ڪوڙ سان نه ملايو ۽ نڪي اوھين ڄاڻ ھوندي به سچ لڪايو.


0 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

152441802236547421663189560461446851275