نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
3886 | 37 | 98 | فأرادوا به كيدا فجعلناهم الأسفلين |
| | | پوءِ ساڻس فريب ڪرڻ جو ارادو ڪيائون پوءِ کين تمام زير ڪيوسون. |
|
3887 | 37 | 99 | وقال إني ذاهب إلى ربي سيهدين |
| | | ۽ ابراھيم چيو ته بيشڪ آءٌ پنھنجي پالڻھار ڏانھن وڃڻ وارو آھيان (اھو) سگھوئي مون کي واٽ ڏيکاريندو (جتي سندس رضا ھوندي). |
|
3888 | 37 | 100 | رب هب لي من الصالحين |
| | | اي منھنجا پالڻھار صالحن مان (ڪو پُٽ) مون کي عطا ڪر. |
|
3889 | 37 | 101 | فبشرناه بغلام حليم |
| | | پوءِ کيس ھڪ حليمت واري نينگر جي خوشخبري ڏني سون. |
|
3890 | 37 | 102 | فلما بلغ معه السعي قال يا بني إني أرى في المنام أني أذبحك فانظر ماذا ترى قال يا أبت افعل ما تؤمر ستجدني إن شاء الله من الصابرين |
| | | پوءِ جڏھن ساڻس گڏ ڊوڙڻ (واريءَ عمر) کي پھتو (تڏھن ابراھيم) چيو ته اي منھنجا پُٽڙا بيشڪ آءٌ ننڊ ۾ ڏسان ٿو ته آءٌ توکي ڪُھان ٿو پوءِ تون نظر ڪر ته تنھنجي دل ۾ ڇا ٿو اچي؟ چيائين ته اي مُنھنجا ابا جنھن ڪم جو توکي حُڪم ڏنو وڃي ٿو سو ڪر جيڪڏھن الله گھريو ته مون کي صبر ڪرڻ وارن مان لھندين. |
|
3891 | 37 | 103 | فلما أسلما وتله للجبين |
| | | پوءِ جڏھن ٻنھي حُڪم مڃيو ۽ ابراھيم (پنھنجي) پُٽ کي پيشانيءَ ڀر ليٽايو. |
|
3892 | 37 | 104 | وناديناه أن يا إبراهيم |
| | | ۽ کيس سڏيوسون ته اي ابراھيم. |
|
3893 | 37 | 105 | قد صدقت الرؤيا إنا كذلك نجزي المحسنين |
| | | بيشڪ تو خواب کي سچو ڪيو، بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون. |
|
3894 | 37 | 106 | إن هذا لهو البلاء المبين |
| | | بيشڪ اِھا پڌري پرک آھي. |
|
3895 | 37 | 107 | وفديناه بذبح عظيم |
| | | ۽ ذُبح جي وڏي جانور سان اُن جو عوض ڏنوسون. |
|