نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
3790 | 37 | 2 | فالزاجرات زجرا |
| | | پوءِ جھڻڪ ڏيئي (شيطانن) کي ڌمڪائڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي. |
|
3791 | 37 | 3 | فالتاليات ذكرا |
| | | پوءِ (قرآن) پڙھڻ واري جماعت جو قسم آھي. |
|
3792 | 37 | 4 | إن إلهكم لواحد |
| | | ته اوھان جو معبُود ھڪڙو (ئي) آھي. |
|
3793 | 37 | 5 | رب السماوات والأرض وما بينهما ورب المشارق |
| | | (جو اُھو) آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي اُنھن ٻنھي جي وچ ۾ آھي تنھن جو پالڻھار آھي ۽ (اُھو) اُڀرڻ (۽ لَھڻ) وارن طرفن جو (به) پالڻھار آھي. |
|
3794 | 37 | 6 | إنا زينا السماء الدنيا بزينة الكواكب |
| | | بيشڪ اسان دُنيا جي آسمانن کي تارن جي سونھن سان سينگاريو. |
|
3795 | 37 | 7 | وحفظا من كل شيطان مارد |
| | | ۽ سڀڪنھن سرڪش شيطان کان (انھيءَ) کي نگاھ رکيوسون. |
|
3796 | 37 | 8 | لا يسمعون إلى الملإ الأعلى ويقذفون من كل جانب |
| | | ته (شيطان) مَلَاءِ الۡاَعۡلىٰ ڏانھن ڪن ڏيئي (ڳالھيون) نه ٻڌن ۽ سڀڪنھن طرف کان (اُنھن ڏانھن) اُماڙيون اُڇلبيون آھن. |
|
3797 | 37 | 9 | دحورا ولهم عذاب واصب |
| | | (اُنھن جي) تڙڻ لاءِ ۽ اُنھن لاءِ ھميشه جو عذاب آھي. |
|
3798 | 37 | 10 | إلا من خطف الخطفة فأتبعه شهاب ثاقب |
| | | پر جنھن (چوريءَ ڪن ڏئي مَلَاءِاَعۡلىٰ جي ڳالھين مان ڪنھن ڳالھ کي) جھٽيو تنھن جي پوئتان ٻرندڙ اُماڙي پوندي آھي. |
|
3799 | 37 | 11 | فاستفتهم أهم أشد خلقا أم من خلقنا إنا خلقناهم من طين لازب |
| | | پوءِ کانئن پُڇ ته اُھي پيدا ڪرڻ ۾ تمام مشڪل آھن ڇا يا (ذڪر ڪيل شيون) جن کي اسان بڻايو آھي؟ بيشڪ اسان کين چيڪيءَ مٽيءَ مان بڻايو. |
|