نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
3783 | 36 | 78 | وضرب لنا مثلا ونسي خلقه قال من يحيي العظام وهي رميم |
| | | ۽ اسان لاءِ ھڪ مثال بيان ڪندو آھي ۽ پنھنجي بڻاوت وساريندو آھي، ۽ چوندو آھي ته (ھنن) ھڏن کي ڪير جياريندو ۽ اُھو سڀڪنھن پيدائش کي ڄاڻندڙ آھي. |
|
3784 | 36 | 79 | قل يحييها الذي أنشأها أول مرة وهو بكل خلق عليم |
| | | (اي پيغمبر کين) چؤ ته جنھن اُنھن کي پھريون ڀيرو بڻايو سو اُنھن کي (وري) جياريندو ۽ اُھو سڀڪنھن پيدائش کي ڄاڻندڙ آھي. |
|
3785 | 36 | 80 | الذي جعل لكم من الشجر الأخضر نارا فإذا أنتم منه توقدون |
| | | جنھن سائي وڻ مان اوھان لاءِ باھ پيدا ڪئي پوءِ اوچتو اوھين اُن مان باھ ٿا ٻاريو. |
|
3786 | 36 | 81 | أوليس الذي خلق السماوات والأرض بقادر على أن يخلق مثلهم بلى وهو الخلاق العليم |
| | | جنھن آسمانن ۽ زمين کي بڻايو سو انھن جھڙن جي بڻائڻ تي وس وارو نه آھي ڇا؟ ھائو! (وس وارو آھي)، ۽ اُھو وڏو بڻائيندڙ (سڀ) ڄاڻندڙ آھي. |
|
3787 | 36 | 82 | إنما أمره إذا أراد شيئا أن يقول له كن فيكون |
| | | سندس حُڪم ھن کانسواءِ (ٻيو) ڪونه آھي ته جڏھن ڪا شيء بڻائڻ گھرندو آھي ته اُن لاءِ رڳو چوندو آھي ته ٿيءُ ته (اھا شي) ٿي پوندي آھي. |
|
3788 | 36 | 83 | فسبحان الذي بيده ملكوت كل شيء وإليه ترجعون |
| | | پوءِ اُھو (الله) پاڪ آھي جنھن جي ھٿ ۾ ھر شيءَ جي حڪومت آھي ۽ ڏانھس اوھين موٽايا ويندؤ. |
|
3789 | 37 | 1 | بسم الله الرحمن الرحيم والصافات صفا |
| | | (پنھنجي پالڻھار وٽ) قطار ڪري صفن ٻڌڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي. |
|
3790 | 37 | 2 | فالزاجرات زجرا |
| | | پوءِ جھڻڪ ڏيئي (شيطانن) کي ڌمڪائڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي. |
|
3791 | 37 | 3 | فالتاليات ذكرا |
| | | پوءِ (قرآن) پڙھڻ واري جماعت جو قسم آھي. |
|
3792 | 37 | 4 | إن إلهكم لواحد |
| | | ته اوھان جو معبُود ھڪڙو (ئي) آھي. |
|