نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
3767 | 36 | 62 | ولقد أضل منكم جبلا كثيرا أفلم تكونوا تعقلون |
| | | ۽ بيشڪ (شيطان) اوھان مان گھڻيءَ خلق کي گمراھ ڪيو، پوءِ اوھين نه سمجھندا ھُئو ڇا؟ |
|
3768 | 36 | 63 | هذه جهنم التي كنتم توعدون |
| | | ھيءُ اُھو دوزخ آھي (جنھن) جو اوھان کي وعدو ڏبو ھو. |
|
3769 | 36 | 64 | اصلوها اليوم بما كنتم تكفرون |
| | | اُن ۾ اڄ انھي ڪري گِھڙو جو ڪفر ڪندا ھُئو. |
|
3770 | 36 | 65 | اليوم نختم على أفواههم وتكلمنا أيديهم وتشهد أرجلهم بما كانوا يكسبون |
| | | اڄ سندن واتن تي مُھر ھڻنداسون ۽ جيڪي ڪندا ھوا تنھن بابت سندن ھٿ اسان سان ڳالھائيندا ۽ سندن پير شاھدي ڏيندا. |
|
3771 | 36 | 66 | ولو نشاء لطمسنا على أعينهم فاستبقوا الصراط فأنى يبصرون |
| | | ۽ جيڪڏھن گھرون ته سندين اکين کي ناس ڪريون پوءِ واٽ ڏانھن ڊوڙن ته پوءِ ڪٿان ڏسندا؟ |
|
3772 | 36 | 67 | ولو نشاء لمسخناهم على مكانتهم فما استطاعوا مضيا ولا يرجعون |
| | | ۽ جيڪڏھن گھرون ته سندين جاين تي (ئي) کين بد شڪل ڪري ڇڏيون ته پوءِ نڪي اڳتي ھلي سگھن ۽ نڪي پوءَ تي موٽن. |
|
3773 | 36 | 68 | ومن نعمره ننكسه في الخلق أفلا يعقلون |
| | | ۽ جنھن کي وڏي ڄمار وارو ڪندا آھيون تنھن کي بڻاوت ۾ اونڌو ڪندا آھيون، (ايتري ڳالھ به) نه سمجھندا آھن ڇا؟ |
|
3774 | 36 | 69 | وما علمناه الشعر وما ينبغي له إن هو إلا ذكر وقرآن مبين |
| | | ۽ اُن (پيغمبر) کي نڪي شعر سيکاريو اٿون ۽ نڪي (شعر) اُن جو لائق آھي، ھيءَ ته نصيحت ۽ پڌرو قرآن آھي. |
|
3775 | 36 | 70 | لينذر من كان حيا ويحق القول على الكافرين |
| | | ته اُنھي کي ڊيڄاري جيڪو جيئرو (يعني سمجھ وارو) ھجي ۽ ڪافرن تي حجت ثابت ٿئي. |
|
3776 | 36 | 71 | أولم يروا أنا خلقنا لهم مما عملت أيدينا أنعاما فهم لها مالكون |
| | | نه ڏٺو اٿن ڇا ته اسان انھن لاءِ انھن شين مان ڍور پيدا ڪيا جن کي اسان جي ھٿن بڻايو؟ پوءِ اُھي اُنھن جا مالڪ آھن. |
|