نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
3730 | 36 | 25 | إني آمنت بربكم فاسمعون |
| | | بيشڪ مون اوھان جي پالڻھار تي ايمان آندو آھي، پوءِ مون کان ٻُڌو. |
|
3731 | 36 | 26 | قيل ادخل الجنة قال يا ليت قومي يعلمون |
| | | (اِن چوڻ تي کيس شھيد ڪيائون) چيو ويس ته بھشت ۾ گھڙ، چيائين ھيء ارمان (جيڪر) منھنجي قوم ڄاڻي ھا. |
|
3732 | 36 | 27 | بما غفر لي ربي وجعلني من المكرمين |
| | | ته ڇاجي ڪري منھنجي پالڻھار مون کي بخشيو ۽ مون کي عزت وارن مان ڪيائين. |
|
3733 | 36 | 28 | وما أنزلنا على قومه من بعده من جند من السماء وما كنا منزلين |
| | | ۽ کانئس پوءِ سندس قوم تي آسمان کان ڪو لشڪر نه لاٿوسون ۽ نڪي (لشڪر) لاھيندڙ آھيون. |
|
3734 | 36 | 29 | إن كانت إلا صيحة واحدة فإذا هم خامدون |
| | | (سندن سزا) رڳو ھڪ سخت رڙ ھئي پوءِ اُنھي (ئي) دم اُھي (باھ وانگر) وسامي (مري ويا). |
|
3735 | 36 | 30 | يا حسرة على العباد ما يأتيهم من رسول إلا كانوا به يستهزئون |
| | | ٻانھن تي ارمان آھي، (جو) وٽن ڪو (به اھڙو) پيغمبر نه آيو جنھن سان ٺـٺوليون نه ٿي ڪيائون. |
|
3736 | 36 | 31 | ألم يروا كم أهلكنا قبلهم من القرون أنهم إليهم لا يرجعون |
| | | نه ڏٺو اٿن ڇا ته کانئن اڳ ڪيترائي (ماڻھن جا) طبقا ناس ڪياسون (جو) اُھي اُنھن ڏانھن موٽي نه ٿا اچن. |
|
3737 | 36 | 32 | وإن كل لما جميع لدينا محضرون |
| | | ۽ جيڪي به آھن سي سڀ اسان وٽ حاضر ڪبا. |
|
3738 | 36 | 33 | وآية لهم الأرض الميتة أحييناها وأخرجنا منها حبا فمنه يأكلون |
| | | ۽ ھڪ نشاني اُنھن (جي جيارڻ) لاءِ مُئل زمين آھي، جنھن کي جياريوسون ۽ منجھانئس (اَن جا داڻا) ڪڍياسون جو اُن مان کائين ٿا. |
|
3739 | 36 | 34 | وجعلنا فيها جنات من نخيل وأعناب وفجرنا فيها من العيون |
| | | ۽ منجھس کجورين ۽ ڊاکن جا باغ پيدا ڪياسون ۽ اُنھن (باغن) ۾ ڪي چشما وھاياسون. |
|