نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
3719 | 36 | 14 | إذ أرسلنا إليهم اثنين فكذبوهما فعززنا بثالث فقالوا إنا إليكم مرسلون |
| | | (يعني) جڏھن اُنھن ڏانھن ٻن پيغمبرن کي موڪليوسون پوءِ ٻنھي کي ڪوڙو ڀانيائون تنھنڪري ٽئين سان غلبو ڏنوسون پوءِ (گڏجي) چيائون ته بيشڪ اسين اوھان ڏانھن موڪليل آھيون. |
|
3720 | 36 | 15 | قالوا ما أنتم إلا بشر مثلنا وما أنزل الرحمن من شيء إن أنتم إلا تكذبون |
| | | چيائون ته اوھين ته رڳو اسان جھڙا ماڻھو آھيو ۽ ٻاجھاري (الله) ڪا شيءَ نه لاٿي آھي اوھين رڳو ڪُوڙا آھيو. |
|
3721 | 36 | 16 | قالوا ربنا يعلم إنا إليكم لمرسلون |
| | | چيائون ته اسان جو پالڻھار ڄاڻندو آھي ته بيشڪ اسين اوھان ڏانھن موڪليل آھيون. |
|
3722 | 36 | 17 | وما علينا إلا البلاغ المبين |
| | | ۽ اسان تي پڌري پيغام پھچائڻ کانسواءِ (ٻيو ڪجھ) لازم نه آھي. |
|
3723 | 36 | 18 | قالوا إنا تطيرنا بكم لئن لم تنتهوا لنرجمنكم وليمسنكم منا عذاب أليم |
| | | چيائون ته بيشڪ اسان اوھان جي (اچڻ) سببان بدبختي سمجھي آھي، جيڪڏھن اوھين نه جھلبؤ ته ضرور اوھان کي پھڻن سان مارينداسون ۽ ضرور اسان کان اوھان کي ڏکوئيندڙ عذاب پھچندو. |
|
3724 | 36 | 19 | قالوا طائركم معكم أئن ذكرتم بل أنتم قوم مسرفون |
| | | (پيغمبرن) چيو ته اوھان جي بدبختي اوھان سان آھي، جيڪڏھن اوھان کي نصيحت ڏبي آھي ته (انھيءَ ڪري) ڇا؟ بلڪ اوھين حد کان لنگھيل قوم آھيو. |
|
3725 | 36 | 20 | وجاء من أقصى المدينة رجل يسعى قال يا قوم اتبعوا المرسلين |
| | | ۽ شھر جي پرين پاسي کان ھڪ مڙس ڊوڙندو آيو چيائين ته اي منھنجي قوم پيغمبرن جي تابعداري ڪريو. |
|
3726 | 36 | 21 | اتبعوا من لا يسألكم أجرا وهم مهتدون |
| | | (اوھين) انھن جي تابعداري ڪريو جيڪي اوھان کان اُجورو نه گھرندا آھن ۽ اُھي سڌيءَ واٽ وارا آھن. |
|
3727 | 36 | 22 | وما لي لا أعبد الذي فطرني وإليه ترجعون |
| | | ۽ مون کي ڇا (ٿيو) آھي جو انھيءَ خُدا جي عبادت نه ڪريان جنھن مونکي پيدا ڪيو ۽ (اوھين به) ڏانھس موٽايا ويندؤ. |
|
3728 | 36 | 23 | أأتخذ من دونه آلهة إن يردن الرحمن بضر لا تغن عني شفاعتهم شيئا ولا ينقذون |
| | | اُن کانسواءِ ٻيا معبود وٺان ڇا؟ جيڪڏھن ٻاجھارو (الله) مونکي ڏُک پھچائڻ گھري ته اُنھن جي شفاعت مونکان ڪجھ (به ڏک) نه ٽاريندي ۽ نڪي (اُھي) مون کي ڇڏائيندا. |
|