بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
36973537وهم يصطرخون فيها ربنا أخرجنا نعمل صالحا غير الذي كنا نعمل أولم نعمركم ما يتذكر فيه من تذكر وجاءكم النذير فذوقوا فما للظالمين من نصير
۽ اُھي (دوزخي) منجھس دانھون ڪندا، ته اي اسان جا پالڻھار اسان کي ڪڍ ته جيڪي ڪم ڪندا ھواسون تن ڌاران ٻيا چڱا ڪم ڪريون، (چيو ويندن ته) اوھان کي ايتري ڄمار نه ڏني ھئي سون ڇا ته جيڪو نصيحت وٺڻ گھري ھا سو منجھس نصيحت وٺي سگھي ھا؟ ۽ اوھان وٽ ڊيڄاريندڙ (به) آيو، تنھنڪري (پنھنجي ڪمائيءَ جو مزو) چکو ڇوته ظالمن جو ڪو مددگار نه آھي.
36983538إن الله عالم غيب السماوات والأرض إنه عليم بذات الصدور
بيشڪ الله آسمانن ۽ زمين جو ڳُجھ ڄاڻندڙ آھي، بيشڪ اُھو سِينن وارو (ڳُجھ) ڄاڻندڙ آھي.
36993539هو الذي جعلكم خلائف في الأرض فمن كفر فعليه كفره ولا يزيد الكافرين كفرهم عند ربهم إلا مقتا ولا يزيد الكافرين كفرهم إلا خسارا
(الله) اُھو آھي جنھن اوھان کي زمين ۾ (اڳين جو) پيڙھيءَ وارو ڪيو، پوءِ جيڪو ڪُفر ڪندو تنھن تي سندس ڪفر (جو نقصان) آھي، ۽ نڪي ڪافرن لاءِ سندن ڪُفر سندن پالڻھار وٽ ڏمر کانسواءِ (ٻيو ڪجھ) وڌائيندو، ۽ نڪي ڪافرن لاءِ سندن ڪفر ڇيئي کانسواءِ (ٻيو ڪجھ) وڌائيندو.
37003540قل أرأيتم شركاءكم الذين تدعون من دون الله أروني ماذا خلقوا من الأرض أم لهم شرك في السماوات أم آتيناهم كتابا فهم على بينت منه بل إن يعد الظالمون بعضهم بعضا إلا غرورا
(کين) چؤ ته الله کانسواءِ جن پنھنجن (ٺھرايلن) بُتن کي سڏيندا آھيو سي ڏٺا اٿوَ ڇا؟ مون کي ڏيکاريو ته زمين مان ڇا بڻايو اٿن يا آسمانن ۾ سندن ڪا ڀائيواري آھي، يا کين ڪو ڪتاب ڏنو اٿون ڇا جو اُھي اُن جي پڌري حُجّت تي آھن؟ (نه!) بلڪ ظالم ھڪ ٻئي کي رڳو ٺڳيءَ جو انجام ڏيندا آھن.
37013541إن الله يمسك السماوات والأرض أن تزولا ولئن زالتا إن أمسكهما من أحد من بعده إنه كان حليما غفورا
بيشڪ الله آسمانن ۽ زمين کي ڊھڻ کان نگاھ رکندو آھي، ۽ جيڪڏھن ڊَھن ته خُدا کانسواءِ انھن کي ڪوبه ڪونه نگاھ رکندو، بيشڪ اُھو بُردبار بخشڻھار آھي.
37023542وأقسموا بالله جهد أيمانهم لئن جاءهم نذير ليكونن أهدى من إحدى الأمم فلما جاءهم نذير ما زادهم إلا نفورا
۽ اُنھن پنھنجن پڪّن قسمن سان الله جو قسم کنيو ته جيڪڏھن وٽن ڪوبه ڊيڄاريندڙ آيو (تنھن مھل اُن جي اچڻ) کين رڳو نفرت وڌائي.
37033543استكبارا في الأرض ومكر السيئ ولا يحيق المكر السيئ إلا بأهله فهل ينظرون إلا سنت الأولين فلن تجد لسنت الله تبديلا ولن تجد لسنت الله تحويلا
مُلڪ ۾ وڏائي ڪرڻ ۽ بڇڙي رِٿ رِٿڻ سبب (نفرت ڪيائون)، ۽ بڇڙي رٿ رٿڻ (جو نتيجو) اُن جي ھلت ڪرڻ وارن کانسواءِ ٻئي تي نه پوندو آھي، تنھن ڪري رڳو اڳين جي (عذاب جي) دستور جا منتظر آھن، پوءِ (تون) ڪڏھن الله جي دستور کي ڪا مَٽ سَٽ نه ڏسندين، ۽ (تون) ڪڏھن الله جي دستور کي ڪا ڦيرگھير نه ڏسندين.
37043544أولم يسيروا في الأرض فينظروا كيف كان عاقبة الذين من قبلهم وكانوا أشد منهم قوة وما كان الله ليعجزه من شيء في السماوات ولا في الأرض إنه كان عليما قديرا
زمين ۾ نه گھميا آھن ڇا جو ڏسن ته جيڪي کائن اڳ ھوا تن جي پڇاڙي ڪھڙي ٿي اُھي کائن سگھ ۾ به تمام ڏاڍا ھوا، ۽ الله اھڙو نه آھي جو کيس آسمانن ۾ ڪابه شيء ٿڪائي ۽ نڪي زمين ۾ (ٿڪائي)، بيشڪ اُھو ڄاڻندڙ وس وارو آھي.
37053545ولو يؤاخذ الله الناس بما كسبوا ما ترك على ظهرها من دابة ولكن يؤخرهم إلى أجل مسمى فإذا جاء أجلهم فإن الله كان بعباده بصيرا
۽ جيڪڏھن الله ماڻھن کي سندن ڪرتوتن سببان پڪڙي ھا ته ڪو چُرندڙ زمين جي پُٺيءَ تي نه ڇڏي ھا پر ٺھرايل مُدّت توڻي کين مُھلت ڏئي ٿو، پوءِ جڏھن سندن مُدت آئي تڏھن بيشڪ الله پنھنجن ٻانھن کي ڏسندڙ آھي.
3706361بسم الله الرحمن الرحيم يس
اي پيغمبر.


0 ... 359.6 360.6 361.6 362.6 363.6 364.6 365.6 366.6 367.6 368.6 370.6 371.6 372.6 373.6 374.6 375.6 376.6 377.6 378.6 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.03 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

139316212735457480619276140592200426