بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
36573451ولو ترى إذ فزعوا فلا فوت وأخذوا من مكان قريب
۽ جنھن مھل پريشان ٿيندا ۽ (الله جي عذاب کان) ڇوٽڪارو نه لھندا ۽ ويجھي ھنڌان پڪڙبا (تنھن مھل) جيڪڏھن ڏسين (ته عجب ڪرين).
36583452وقالوا آمنا به وأنى لهم التناوش من مكان بعيد
۽ چوندا ته (ھاڻي) اُن (قرآن) تي ايمان آندوسون، ۽ (اُتي دُنيا جي) ڏورين ھنڌ کان کين (ايمان) ھٿ آڻڻ ڪٿان ٿيندو؟
36593453وقد كفروا به من قبل ويقذفون بالغيب من مكان بعيد
حالانڪ اڳي اُن قرآن کي نه مڃيندا ھوا، ۽ ڏورين ھنڌ کان اَڻ ڏٺو (گُمان جا تير) اُڇليندا رھيا.
36603454وحيل بينهم وبين ما يشتهون كما فعل بأشياعهم من قبل إنهم كانوا في شك مريب
۽ اُنھن جي ۽ اُھي جيڪي سَڌون ڪندا رھيا تن جي وچ ۾ اَڙ وڌي وئي جھڙي طرح انھن جھڙن (ٻـين) کان اڳ ڪيو ويو، بيشڪ اُھي به وڏي شڪ ۾ پيل ھوا.
3661351بسم الله الرحمن الرحيم الحمد لله فاطر السماوات والأرض جاعل الملائكة رسلا أولي أجنحة مثنى وثلاث ورباع يزيد في الخلق ما يشاء إن الله على كل شيء قدير
سڀ ساراھ خاص الله کي جُڳائي جو آسمانن ۽ زمين جو بڻائيندڙ آھي ملائڪن کي قاصد ڪرڻ وارو آھي جو ٻن ٻن ۽ ٽن ٽن ۽ چَئن چَئن پَرن وارا آھن، جيڪي گھري سو خلقت ۾ وڌائي ٿو، بيشڪ الله ھر شيء تي وس وارو آھي.
3662352ما يفتح الله للناس من رحمة فلا ممسك لها وما يمسك فلا مرسل له من بعده وهو العزيز الحكيم
الله ماڻھن لاءِ (پنھنجيءَ) ٻاجھ مان جيڪي کوليندو تنھن کي ڪو بند ڪرڻ وارو نه آھي، ۽ جيڪي بند ڪندو تنھنکي اُن (جي بند ڪرڻ) کانپوءِ ڪو کولڻ وارو نه آھي، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي.
3663353يا أيها الناس اذكروا نعمت الله عليكم هل من خالق غير الله يرزقكم من السماء والأرض لا إله إلا هو فأنى تؤفكون
اي ماڻھؤ پاڻ تي الله جون نعمتون ياد ڪريو، الله کانسواءِ ڪو بڻائيندڙ آھي ڇا؟ جو آسمان ۽ زمين مان اوھان کي روزي ڏئي ٿو، اُن (الله) کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي پوءِ ڪيڏانھن ڦيرايا ويندا آھيو.
3664354وإن يكذبوك فقد كذبت رسل من قبلك وإلى الله ترجع الأمور
۽ (اي پيغمبر) جيڪڏھن ڪوڙو ڀائين ته بيشڪ تو کان اڳ (ٻيا ڪيترائي) پيغمبر ڪوڙا ڀانيا ويا، ۽ سڀ ڪم الله ڏانھن موٽائجن ٿا.
3665355يا أيها الناس إن وعد الله حق فلا تغرنكم الحياة الدنيا ولا يغرنكم بالله الغرور
اي ماڻھؤ بيشڪ الله جو اَنجام سچّو آھي تنھنڪري نڪي اوھان کي دنيا جي حياتي ٺڳي، ۽ نڪي فريبيندڙ (شيطان) الله بابت اوھان کي فريبي.
3666356إن الشيطان لكم عدو فاتخذوه عدوا إنما يدعو حزبه ليكونوا من أصحاب السعير
بيشڪ شيطان اوھان جو ويري آھي تنھنڪري اُن کي ويري (ڪري) وٺو، (ھو) پنھنجيءَ ٽوليءَ کي رڳو ھن لاءِ سڏيندو آھي ته دوزخين مان ٿين.


0 ... 355.6 356.6 357.6 358.6 359.6 360.6 361.6 362.6 363.6 364.6 366.6 367.6 368.6 369.6 370.6 371.6 372.6 373.6 374.6 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

84721491061105951192655625361024003255