نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
3655 | 34 | 49 | قل جاء الحق وما يبدئ الباطل وما يعيد |
| | | (کين) چؤ ته حق آيو ۽ ڪوڙو معبود نڪي نئي سر پيدا ڪري ٿو نڪي بِھر پيدا ڪندو. |
|
3656 | 34 | 50 | قل إن ضللت فإنما أضل على نفسي وإن اهتديت فبما يوحي إلي ربي إنه سميع قريب |
| | | (کين) چؤ ته جيڪڏھن گمراھ ٿيس ته رڳو پاڻ لاءِ گمراھ ٿيان ٿو، ۽ جيڪڏھن ھدايت وارو ٿيس ته (اُھا) اُنھيءَ سببان آھي جو منھنجو پالڻھار مون ڏانھن وحي موڪليندو آھي، بيشڪ اُھو ٻڌندڙ ويجھو آھي. |
|
3657 | 34 | 51 | ولو ترى إذ فزعوا فلا فوت وأخذوا من مكان قريب |
| | | ۽ جنھن مھل پريشان ٿيندا ۽ (الله جي عذاب کان) ڇوٽڪارو نه لھندا ۽ ويجھي ھنڌان پڪڙبا (تنھن مھل) جيڪڏھن ڏسين (ته عجب ڪرين). |
|
3658 | 34 | 52 | وقالوا آمنا به وأنى لهم التناوش من مكان بعيد |
| | | ۽ چوندا ته (ھاڻي) اُن (قرآن) تي ايمان آندوسون، ۽ (اُتي دُنيا جي) ڏورين ھنڌ کان کين (ايمان) ھٿ آڻڻ ڪٿان ٿيندو؟ |
|
3659 | 34 | 53 | وقد كفروا به من قبل ويقذفون بالغيب من مكان بعيد |
| | | حالانڪ اڳي اُن قرآن کي نه مڃيندا ھوا، ۽ ڏورين ھنڌ کان اَڻ ڏٺو (گُمان جا تير) اُڇليندا رھيا. |
|
3660 | 34 | 54 | وحيل بينهم وبين ما يشتهون كما فعل بأشياعهم من قبل إنهم كانوا في شك مريب |
| | | ۽ اُنھن جي ۽ اُھي جيڪي سَڌون ڪندا رھيا تن جي وچ ۾ اَڙ وڌي وئي جھڙي طرح انھن جھڙن (ٻـين) کان اڳ ڪيو ويو، بيشڪ اُھي به وڏي شڪ ۾ پيل ھوا. |
|
3661 | 35 | 1 | بسم الله الرحمن الرحيم الحمد لله فاطر السماوات والأرض جاعل الملائكة رسلا أولي أجنحة مثنى وثلاث ورباع يزيد في الخلق ما يشاء إن الله على كل شيء قدير |
| | | سڀ ساراھ خاص الله کي جُڳائي جو آسمانن ۽ زمين جو بڻائيندڙ آھي ملائڪن کي قاصد ڪرڻ وارو آھي جو ٻن ٻن ۽ ٽن ٽن ۽ چَئن چَئن پَرن وارا آھن، جيڪي گھري سو خلقت ۾ وڌائي ٿو، بيشڪ الله ھر شيء تي وس وارو آھي. |
|
3662 | 35 | 2 | ما يفتح الله للناس من رحمة فلا ممسك لها وما يمسك فلا مرسل له من بعده وهو العزيز الحكيم |
| | | الله ماڻھن لاءِ (پنھنجيءَ) ٻاجھ مان جيڪي کوليندو تنھن کي ڪو بند ڪرڻ وارو نه آھي، ۽ جيڪي بند ڪندو تنھنکي اُن (جي بند ڪرڻ) کانپوءِ ڪو کولڻ وارو نه آھي، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي. |
|
3663 | 35 | 3 | يا أيها الناس اذكروا نعمت الله عليكم هل من خالق غير الله يرزقكم من السماء والأرض لا إله إلا هو فأنى تؤفكون |
| | | اي ماڻھؤ پاڻ تي الله جون نعمتون ياد ڪريو، الله کانسواءِ ڪو بڻائيندڙ آھي ڇا؟ جو آسمان ۽ زمين مان اوھان کي روزي ڏئي ٿو، اُن (الله) کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي پوءِ ڪيڏانھن ڦيرايا ويندا آھيو. |
|
3664 | 35 | 4 | وإن يكذبوك فقد كذبت رسل من قبلك وإلى الله ترجع الأمور |
| | | ۽ (اي پيغمبر) جيڪڏھن ڪوڙو ڀائين ته بيشڪ تو کان اڳ (ٻيا ڪيترائي) پيغمبر ڪوڙا ڀانيا ويا، ۽ سڀ ڪم الله ڏانھن موٽائجن ٿا. |
|