بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
36443438والذين يسعون في آياتنا معاجزين أولئك في العذاب محضرون
۽ جيڪي اسان جي آيتن (جي رد ڪرڻ) ۾ مقابلو ڪندڙ ٿي ڪوشش ڪندا آھن اُھي عذاب ۾ حاضر ڪبا.
36453439قل إن ربي يبسط الرزق لمن يشاء من عباده ويقدر له وما أنفقتم من شيء فهو يخلفه وهو خير الرازقين
چؤ ته بيشڪ منھنجو پالڻھار پنھنجن ٻانھن مان جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھنجي روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ (جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھنجي) تنگ ڪندو آھي، ۽ جيڪي اوھين ڪُجھ خرچيندؤ تنھن جو الله بدلو ڏيندو، ۽ اُھو چڱو روزي ڏيندڙ آھي.
36463440ويوم يحشرهم جميعا ثم يقول للملائكة أهؤلاء إياكم كانوا يعبدون
۽ جنھن ڏينھن اُنھن مڙني کي گڏ ڪندو وري ملائڪن کي چوندو ته (ھيءُ) اُھي آھن ڇا جيڪي اوھان کي پوڄيندا ھوا؟
36473441قالوا سبحانك أنت ولينا من دونهم بل كانوا يعبدون الجن أكثرهم بهم مؤمنون
(ملائڪ) چوندا ته تون پاڪ ذات آھين تون اسان جو سائين آھين نه اُھي، بلڪ اُھي جنّن کي پوڄيندا ھوا، انھن مان گھڻا کين مڃيندڙ ھوا.
36483442فاليوم لا يملك بعضكم لبعض نفعا ولا ضرا ونقول للذين ظلموا ذوقوا عذاب النار التي كنتم بها تكذبون
پوءِ اڄ اوھان مان ڪوبه ھڪ ٻئي کي نڪي سُک پُھچائڻ جو نڪي ڏک پھچائڻ جو اختيار رکي ٿو، ۽ ظالمن کي چونداسون ته اُن باھ جي سزا جو (جو مزو) چکو جنھن کي اوھين ڪُوڙ ڀائيندا ھوا.
36493443وإذا تتلى عليهم آياتنا بينات قالوا ما هذا إلا رجل يريد أن يصدكم عما كان يعبد آباؤكم وقالوا ما هذا إلا إفك مفترى وقال الذين كفروا للحق لما جاءهم إن هذا إلا سحر مبين
۽ جڏھن اسان جون پڌريون آيتون کين پڙھي ٻڌائبيون آھن تڏھن (ھڪ ٻئي کي) چوندا آھن ته ھيءُ رڳو ھڪ ماڻھو آھي جو جنھن کي اوھان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا ھوا تنھن کان اوھان کي جھلڻ گھرندو آھي، ۽ چوندا آھن ته ھيءُ (قرآن) رڳو ڪوڙ ٺھيل آھي، ۽ ڪافرن وٽ جڏھن سچي ڳالھ آئي (تڏھن) اُن لاءِ چوندا آھن ته ھي رڳو پڌرو جادو آھي.
36503444وما آتيناهم من كتب يدرسونها وما أرسلنا إليهم قبلك من نذير
حالانڪ اُنھن (مشرڪن) کي نڪو ڪو ڪتاب ڏنوسون جنھن کي پڙھن ۽ نڪي توکان اڳ ڪو ڊيڄاريندڙ اُنھن ڏانھن موڪليوسون.
36513445وكذب الذين من قبلهم وما بلغوا معشار ما آتيناهم فكذبوا رسلي فكيف كان نكير
۽ کائن اڳين به ڪوڙ ڄاتو ھو حالانڪ جيڪي انھنکي ڏنوھوسون تنھن جي ڏھين پتيءَ کي (به اُھي مشرڪ) نه پُھتا آھن پوءِ اُنھن اسان جي پيغمبرن کي ڪوڙو ڄاتو، پوءِ منھنجو عذاب ڪئن ھو.
36523446قل إنما أعظكم بواحدة أن تقوموا لله مثنى وفرادى ثم تتفكروا ما بصاحبكم من جنة إن هو إلا نذير لكم بين يدي عذاب شديد
(کين) چؤ ته اوھان کي رڳو ھڪ ڳالھ جي نصيحت ڪريان ٿو، ته ٻه ٻه ۽ ھڪ ھڪ ٿي الله (جي ڪم) لاءِ کڙا ٿيو وري پروڙيو، ته اوھان جي سنگتيءَ کي ڪو سوداءُ نه آھي، (بلڪ) اُھو ته سخت عذاب (جي پھچڻ) کان اڳ اوھان کي ڊيڄاريندڙ آھي.
36533447قل ما سألتكم من أجر فهو لكم إن أجري إلا على الله وهو على كل شيء شهيد
(۽ کين) چؤ ته اوھان کان جيڪو ڪو اُجورو گھريو ھجيم سو اوھان کي ئي ھجي، منھنجو اُجورو الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن تي نه آھي، ۽ اُھو ھر شيء تي شاھد آھي.


0 ... 354.3 355.3 356.3 357.3 358.3 359.3 360.3 361.3 362.3 363.3 365.3 366.3 367.3 368.3 369.3 370.3 371.3 372.3 373.3 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.03 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

402933603618219619766181119249147505280