نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
3621 | 34 | 15 | لقد كان لسبإ في مسكنهم آية جنتان عن يمين وشمال كلوا من رزق ربكم واشكروا له بلدة طيبة ورب غفور |
| | | بيشڪ سبا جي قوم لاءِ سندن ڳوٺ ۾ ھڪ نشاني ھُئي، (يعني) ٻه باغ سڄي ۽ کٻي پاسي کان ھوا، (چيو وين ته) پنھنجي پالڻھار جي رزق مان کائو ۽ سندس شڪرانو ڪريو، (اوھان لاءِ ھي) شھر سٺو آھي ۽ پالڻھار بخشڻھار آھي. |
|
3622 | 34 | 16 | فأعرضوا فأرسلنا عليهم سيل العرم وبدلناهم بجنتيهم جنتين ذواتي أكل خمط وأثل وشيء من سدر قليل |
| | | پوءِ (شڪر ڪرڻ کان) منھن موڙيائون تنھنڪري (بند ڀڃي) سخت ڇَـرَ کي مٿن وھايوسين ۽ سندن (اُنھن) ٻن باغن جي بدلي کين (ٻيا) ٻه باغ ڪسارن ميون ۽ لَئِن وارا ۽ ڪجھ ٿورين ٻيرين وارا ڏناسون. |
|
3623 | 34 | 17 | ذلك جزيناهم بما كفروا وهل نجازي إلا الكفور |
| | | سندن بي شڪريءَ سببان کين اھا سزا ڏني سون، ۽ بي شڪر کانسواءِ (ٻئي) ڪنھن کي سزا نه ڏيندا آھيون. |
|
3624 | 34 | 18 | وجعلنا بينهم وبين القرى التي باركنا فيها قرى ظاهرة وقدرنا فيها السير سيروا فيها ليالي وأياما آمنين |
| | | ۽ سندن وچ ۾ اُھي ڳوٺ جن ۾ برڪت رکي سون تن جي وچ ۾ پڌرا ڳوٺ (لڳولڳ) ڪياسون ۽ انھن ۾ اچ وڃ جو پورو بندوبست رکيوسون، (چيوسون ته) راتيان ۽ ڏينھان منجھن بي ڀؤا گھمندا رھو. |
|
3625 | 34 | 19 | فقالوا ربنا باعد بين أسفارنا وظلموا أنفسهم فجعلناهم أحاديث ومزقناهم كل ممزق إن في ذلك لآيات لكل صبار شكور |
| | | پوءِ چيائون ته اي اسان جا پالڻھار اسان جي مسافرين ۾ ڏورائي ڪر ۽ پاڻ تي ظلم ڪيائون تنھن ڪري انھن کي (ٻـين جي لاءِ) آکاڻيون ڪيوسين ۽ کين تمام پرزا پرزا ڪري ڇني ڦاڙي ڇڏيوسون، بيشڪ ھن ۾ سڀڪنھن وڏي صابِر شاڪر لاءِ نشانيون آھن. |
|
3626 | 34 | 20 | ولقد صدق عليهم إبليس ظنه فاتبعوه إلا فريقا من المؤمنين |
| | | ۽ بيشڪ ابليس انھن به نسبت پنھنجي گمان کي سچو لڌو جو مؤمنن جي ھڪ ٽوليءَ کانسواءِ ٻـين اُن جي تابعداري ڪئي. |
|
3627 | 34 | 21 | وما كان له عليهم من سلطان إلا لنعلم من يؤمن بالآخرة ممن هو منها في شك وربك على كل شيء حفيظ |
| | | ۽ اُن جو مٿن ڪو زور نه ھو پر (اسين پرکون) ته جيڪو آخرت کي مڃيندو ھجي تنھن کي اُنھيءَ کان ڌار ڪريون جيڪو اُن کان شڪ ۾ (پيل) ھجي، ۽ تنھنجو پالڻھار سڀڪنھن شيء تي نگھبان آھي. |
|
3628 | 34 | 22 | قل ادعوا الذين زعمتم من دون الله لا يملكون مثقال ذرة في السماوات ولا في الأرض وما لهم فيهما من شرك وما له منهم من ظهير |
| | | (کين) چؤ ته الله کانسواءِ جن ۾ اوھين گمان ڪندا آھيو تن کي سڏيو، اُھي نڪي آسمانن ۾ ۽ نڪي زمين ۾ ذري جيترا (به) مالڪ آھن ۽ نڪي منجھن ڪا ڀائيواري آھي ۽ نڪي منجھائن ڪو الله جو مددگار آھي. |
|
3629 | 34 | 23 | ولا تنفع الشفاعة عنده إلا لمن أذن له حتى إذا فزع عن قلوبهم قالوا ماذا قال ربكم قالوا الحق وهو العلي الكبير |
| | | ۽ نڪي وٽس (ٻئي ڪنھن جي) سفارش فائدو ڏيندي مگر جنھن لاءِ رخصت ڏني ھوندائين (فرشتن جو ھي حال آھي ته جنھن مھل ڪو حُڪم خدا جو نازل ٿئي ٿو ته اُنھن جي طبيعت ۾ گھٻراھٽ پيدا ٿئي ٿي) تانجو جنھن وقت ھنن جي دلين تان گھٻراھٽ لھي ٿي (تنھن مھل) چون ٿا ته اوھان جي پالڻھار ڇا چيو آھي (مٿان ملائڪ ھيٺين کي) چوندا ته سچ فرمايو اٿس ۽ اُھو (سڀ کان) مٿاھون وڏو آھي. |
|
3630 | 34 | 24 | قل من يرزقكم من السماوات والأرض قل الله وإنا أو إياكم لعلى هدى أو في ضلال مبين |
| | | (کين) چؤ ته اوھان کي آسمانن ۽ زمين مان ڪير روزي ڏيندو آھي، چؤ ته الله (ڏيندو آھي) ۽ بيشڪ اسين يا اوھين (يا ته) ھدايت تي آھيون يا پڌريءَ گُمراھي ۾. |
|