بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
3609343وقال الذين كفروا لا تأتينا الساعة قل بلى وربي لتأتينكم عالم الغيب لا يعزب عنه مثقال ذرة في السماوات ولا في الأرض ولا أصغر من ذلك ولا أكبر إلا في كتاب مبين
۽ ڪافر چوندا آھن ته اسان تي قيامت (ڪڏھن) نه ايندي، (کين) چؤ ته ھائو مون کي پنھنجي (اُنھيءَ) پالڻھار ڳُجھ ڄاڻيندڙ جو قسم آھي ته اوھان وٽ ضرور ايندي، جنھن کان ذري جيترو نڪي آسمانن ۽ نڪي زمين ۾ ڳُجھو رھي ٿو ۽ اُن کان تمام ننڍي (ڪا شيء اھڙي) ڪانھي ۽ نڪي تمام وڏي جا پڌري ڪتاب ۾ (لکيل) نه آھي.
3610344ليجزي الذين آمنوا وعملوا الصالحات أولئك لهم مغفرة ورزق كريم
ھن لاءِ ته جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي بدلو ڏئي، انھن لاءِ ئي بخشش ۽ سڳوري روزي آھي.
3611345والذين سعوا في آياتنا معاجزين أولئك لهم عذاب من رجز أليم
۽ جيڪي اسان جي آيتن ۾ مقابلو ڪندڙ ٿي ڊوڙيا انھن لاءِ ئي ڏکوئيندڙ عذاب جي سزا آھي.
3612346ويرى الذين أوتوا العلم الذي أنزل إليك من ربك هو الحق ويهدي إلى صراط العزيز الحميد
۽ جن کي عِلم ڏنو ويو سي سمجھندا آھن ته جيڪو (قرآن) تنھنجي پالڻھار وٽان توڏانھن نازل ڪيو ويو آھي سو برحق آھي ۽ غالب ساراھيل (الله) جي واٽ ڏانھن رستو ڏيکاريندڙ آھي.
3613347وقال الذين كفروا هل ندلكم على رجل ينبئكم إذا مزقتم كل ممزق إنكم لفي خلق جديد
۽ ڪافر (ھڪ ٻئي) کي چوندا آھن ته اوھان کي اھڙو مڙس ڏسيون ڇا جو اوھان کي ٻڌائي ٿو ته جڏھن (اوھين) تمام ڳري ذرا ذرا ٿيندؤ (تڏھن) بيشڪ اوھين نئين سر بڻايا ويندؤ.
3614348أفترى على الله كذبا أم به جنة بل الذين لا يؤمنون بالآخرة في العذاب والضلال البعيد
(اُنھيءَ) الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھيو آھي يا کيس ڪا چريائي آھي، (نه!) بلڪ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن سي عذاب ۾ ھُوندا ۽ (اُھي) وڏي ڀُل ۾ آھن.
3615349أفلم يروا إلى ما بين أيديهم وما خلفهم من السماء والأرض إن نشأ نخسف بهم الأرض أو نسقط عليهم كسفا من السماء إن في ذلك لآية لكل عبد منيب
جيڪي سندن اڳيان ۽ جيڪي سندن پويان آسمان ۽ زمين مان (بڻايو ويو) آھي سو (غور ڪري) نه ڏٺائون ڇا؟ جيڪڏھن گھُرون ته کين زمين ۾ ڳھائي ڇڏيون يا آسمان کان مٿن ٽُڪرا ڪيرايون، بيشڪ ان ۾ سڀڪنھن (الله ڏانھن) ورندڙ ٻانھي لاءِ (وڏي) نشاني آھي.
36163410ولقد آتينا داوود منا فضلا يا جبال أوبي معه والطير وألنا له الحديد
۽ بيشڪ داؤد کي پاڻ وٽان بزرگي ڏني سون، (۽ حُڪم ڪيوسون ته) اي جبلؤ ساڻس تسبيحون چئو ۽ پکين کي (اُن جو فرمانبردار ڪيوسون)، ۽ اُن لاءِ لوھ کي نرم ڪيوسون.
36173411أن اعمل سابغات وقدر في السرد واعملوا صالحا إني بما تعملون بصير
(حڪم ڏنوسون) ته ويڪريون زرھون بڻاءِ ۽ اندازي سان ڪڙيون ٺاھ ۽ (اي داؤد جي گھراڻي وارؤ) چڱا ڪم ڪريو، ڇوته جيڪي اوھان ڪندا آھيو سو بيشڪ آءٌ ڏسندڙ آھيان.
36183412ولسليمان الريح غدوها شهر ورواحها شهر وأسلنا له عين القطر ومن الجن من يعمل بين يديه بإذن ربه ومن يزغ منهم عن أمرنا نذقه من عذاب السعير
۽ واءُ کي سُليمان لاءِ (نوايوسون) اُن جي اڳياڙيءَ جي منزل مھيني جو پنڌ ۽ پوياڙيءَ جي منزل (به) مھيني جو پنڌ ھئي ۽ اُن لاءِ پگھريل ٽامي جو تلاءُ وَھايوسون، ۽ جنّن مان (به ڪن کي فرمانبردار ڪيوسون) جو سندس پالڻھار جي حڪم سان سندس اڳيان ڪمائيندا ھوا، ۽ منجھائن جيڪو اسان جي حُڪم کان مُنھن موڙيندو تنھن کي باھ جو عذاب چکائينداسون.


0 ... 350.8 351.8 352.8 353.8 354.8 355.8 356.8 357.8 358.8 359.8 361.8 362.8 363.8 364.8 365.8 366.8 367.8 368.8 369.8 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.03 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

11443976109050562650545144125102995917