نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
3605 | 33 | 72 | إنا عرضنا الأمانة على السماوات والأرض والجبال فأبين أن يحملنها وأشفقن منها وحملها الإنسان إنه كان ظلوما جهولا |
| | | بيشڪ اسان آسمانن ۽ زمين ۽ جبلن کي امانت آڇي ته اُن جي کڻڻ کان انڪار ڪيائون ۽ کانئس ڊنا ۽ اُن کي انسان کنيو، بيشڪ اُھو تمام ظالم جاھل آھي. |
|
3606 | 33 | 73 | ليعذب الله المنافقين والمنافقات والمشركين والمشركات ويتوب الله على المؤمنين والمؤمنات وكان الله غفورا رحيما |
| | | (ھيءَ آڇ ھن لاءِ آھي) ته الله منافقن ۽ منافقياڻين ۽ مشرڪن ۽ مشرڪياڻين کي عذاب ڪري ۽ الله مؤمنن ۽ مؤمنياڻين تي ٻاجھ سان موٽي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي. |
|
3607 | 34 | 1 | بسم الله الرحمن الرحيم الحمد لله الذي له ما في السماوات وما في الأرض وله الحمد في الآخرة وهو الحكيم الخبير |
| | | سڀ ساراھ اُنھيءَ الله کي جڳائي جو جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (سڀ) سندس آھي ۽ اُن جي ئي ساراھ آخرت ۾ آھي، ۽ اُھو ئي حڪمت وارو خبر رکندڙ آھي. |
|
3608 | 34 | 2 | يعلم ما يلج في الأرض وما يخرج منها وما ينزل من السماء وما يعرج فيها وهو الرحيم الغفور |
| | | جيڪي زمين ۾ گھڙندو آھي ۽ جيڪي منجھانئس نڪرندو آھي ۽ جيڪي آسمان مان لھندو آھي ۽ جيڪي منجھس چڙھندو آھي سو (سڀ اُھو) ڄاڻندو آھي، ۽ اھوئي بخشڻھار مھربان آھي. |
|
3609 | 34 | 3 | وقال الذين كفروا لا تأتينا الساعة قل بلى وربي لتأتينكم عالم الغيب لا يعزب عنه مثقال ذرة في السماوات ولا في الأرض ولا أصغر من ذلك ولا أكبر إلا في كتاب مبين |
| | | ۽ ڪافر چوندا آھن ته اسان تي قيامت (ڪڏھن) نه ايندي، (کين) چؤ ته ھائو مون کي پنھنجي (اُنھيءَ) پالڻھار ڳُجھ ڄاڻيندڙ جو قسم آھي ته اوھان وٽ ضرور ايندي، جنھن کان ذري جيترو نڪي آسمانن ۽ نڪي زمين ۾ ڳُجھو رھي ٿو ۽ اُن کان تمام ننڍي (ڪا شيء اھڙي) ڪانھي ۽ نڪي تمام وڏي جا پڌري ڪتاب ۾ (لکيل) نه آھي. |
|
3610 | 34 | 4 | ليجزي الذين آمنوا وعملوا الصالحات أولئك لهم مغفرة ورزق كريم |
| | | ھن لاءِ ته جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي بدلو ڏئي، انھن لاءِ ئي بخشش ۽ سڳوري روزي آھي. |
|
3611 | 34 | 5 | والذين سعوا في آياتنا معاجزين أولئك لهم عذاب من رجز أليم |
| | | ۽ جيڪي اسان جي آيتن ۾ مقابلو ڪندڙ ٿي ڊوڙيا انھن لاءِ ئي ڏکوئيندڙ عذاب جي سزا آھي. |
|
3612 | 34 | 6 | ويرى الذين أوتوا العلم الذي أنزل إليك من ربك هو الحق ويهدي إلى صراط العزيز الحميد |
| | | ۽ جن کي عِلم ڏنو ويو سي سمجھندا آھن ته جيڪو (قرآن) تنھنجي پالڻھار وٽان توڏانھن نازل ڪيو ويو آھي سو برحق آھي ۽ غالب ساراھيل (الله) جي واٽ ڏانھن رستو ڏيکاريندڙ آھي. |
|
3613 | 34 | 7 | وقال الذين كفروا هل ندلكم على رجل ينبئكم إذا مزقتم كل ممزق إنكم لفي خلق جديد |
| | | ۽ ڪافر (ھڪ ٻئي) کي چوندا آھن ته اوھان کي اھڙو مڙس ڏسيون ڇا جو اوھان کي ٻڌائي ٿو ته جڏھن (اوھين) تمام ڳري ذرا ذرا ٿيندؤ (تڏھن) بيشڪ اوھين نئين سر بڻايا ويندؤ. |
|
3614 | 34 | 8 | أفترى على الله كذبا أم به جنة بل الذين لا يؤمنون بالآخرة في العذاب والضلال البعيد |
| | | (اُنھيءَ) الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھيو آھي يا کيس ڪا چريائي آھي، (نه!) بلڪ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن سي عذاب ۾ ھُوندا ۽ (اُھي) وڏي ڀُل ۾ آھن. |
|