نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
361 | 3 | 68 | إن أولى الناس بإبراهيم للذين اتبعوه وهذا النبي والذين آمنوا والله ولي المؤمنين |
| | | ابراھيم کي اُھي ماڻھو ويجھا آھن جن سندس تابعداري ڪئي ۽ ھيءُ پيغمبر ۽ جن مٿس ايمان آندو، ۽ الله مؤمنن جو سنڀاليندڙ آھي. |
|
362 | 3 | 69 | ودت طائفة من أهل الكتاب لو يضلونكم وما يضلون إلا أنفسهم وما يشعرون |
| | | ڪتاب وارن مان ڪا ٽولي گھرندي آھي ته جيڪر اوھان کي ڀُلائين، ۽ اُھي پاڻ کانسواءِ (ٻئي) ڪنھن کي نه ڀلائيندا آھن ۽ نه پروڙيندا آھن. |
|
363 | 3 | 70 | يا أهل الكتاب لم تكفرون بآيات الله وأنتم تشهدون |
| | | اي ڪتاب وارؤ الله جي آيتن کي ڇالاءِ نه ٿا مڃو؟ ۽ حالانڪ اوھين شاھدي ڏيو ٿا. |
|
364 | 3 | 71 | يا أهل الكتاب لم تلبسون الحق بالباطل وتكتمون الحق وأنتم تعلمون |
| | | اي ڪتاب وارؤ ڇالاءِ سچ کي ڪُوڙ سان ملائيندا آھيو ۽ سچ کي لڪائيندا آھيو؟ ھن ھوندي (به) جو اوھين ڄاڻندا آھيو. |
|
365 | 3 | 72 | وقالت طائفة من أهل الكتاب آمنوا بالذي أنزل على الذين آمنوا وجه النهار واكفروا آخره لعلهم يرجعون |
| | | ۽ ڪتاب وارن مان ڪا ٽولي (پاڻ ۾) چوي ٿي ته جيڪي مؤمنن تي لاٿو ويو آھي تنھن کي ڏينھن جي اڳياڙيءَ ۾ مڃيو ۽ ان جي پوياڙيءَ ۾ انڪار ڪريو ته مانَ اُھي ڦري وڃن. |
|
366 | 3 | 73 | ولا تؤمنوا إلا لمن تبع دينكم قل إن الهدى هدى الله أن يؤتى أحد مثل ما أوتيتم أو يحاجوكم عند ربكم قل إن الفضل بيد الله يؤتيه من يشاء والله واسع عليم |
| | | ۽ جيڪو اوھان جي دين جي تابعداري ڪري تنھن کانسواءِ ٻئي ڪنھن کي نه مڃيو، چئو ته ھدايت الله واري ھدايت آھي ۽ چون ٿا ته ھيءَ به نه مڃيو ته جھڙو (دين) اوھان کي ڏنو ويو آھي تھڙو دين اُنھن کي ڏنو ويندو يا اوھان جي پالڻھار وٽ اوھان کي الزام ڏيندا، چؤ ته ڀلائي الله جي ھٿ ۾ آھي، جنھن کي وڻيس تنھن کي اُھا ڏيندو آھي، ۽ الله (مھربانيءَ ۾) ڪشادگيءَ وارو ڄاڻندڙ آھي. |
|
367 | 3 | 74 | يختص برحمته من يشاء والله ذو الفضل العظيم |
| | | جنھن کي وڻيس تنھنکي پنھنجي ٻاجھه سان خاص ڪندو آھي، ۽ الله وڏي فضل وارو آھي. |
|
368 | 3 | 75 | ومن أهل الكتاب من إن تأمنه بقنطار يؤده إليك ومنهم من إن تأمنه بدينار لا يؤده إليك إلا ما دمت عليه قائما ذلك بأنهم قالوا ليس علينا في الأميين سبيل ويقولون على الله الكذب وهم يعلمون |
| | | ۽ ڪتاب وارن مان ڪي اھڙا آھن جو جيڪڏھن وٽن تمام گھڻو مال امانت رکين ته اُھو (سمورو) توکي ورائي ڏيندا، ۽ منجھائن ڪي اھڙا آھن جو جيڪڏھن وٽن ھِڪ مُھر امانت رکين ته مٿن سدائين بيھڻ کانسواءِ توکي ورائي نه ڏيندا، اِھو (نه ڏئڻ) ھن سببان آھي جو چون ٿا ته اڻ پڙھيلن (جي مال کسڻ) ۾ اسان تي ڪا پڪڙ پڇاڙ نه آھي، ۽ الله تي اھي ڄاڻڻ ھوندي به ڪُوڙ چوندا آھن. |
|
369 | 3 | 76 | بلى من أوفى بعهده واتقى فإن الله يحب المتقين |
| | | ھائو جنھن پنھنجو انجام پاڙيو ۽ ڊنو ته بيشڪ الله ڊڄندڙن کي دوست رکندو آھي. |
|
370 | 3 | 77 | إن الذين يشترون بعهد الله وأيمانهم ثمنا قليلا أولئك لا خلاق لهم في الآخرة ولا يكلمهم الله ولا ينظر إليهم يوم القيامة ولا يزكيهم ولهم عذاب أليم |
| | | جيڪي الله سان ڪيل انجامن ۽ پنھنجن قسمن جي عوض ٿورو مُلھ وٺندا آھن اِھي (اُھي) آھن جن کي آخرت ۾ ڪو بھرو نه آھي ۽ نڪي قيامت جي ڏينھن الله ساڻن ڳالھائيندو ۽ نڪي اُنھن ڏانھن نھاريندو ۽ نڪي کين (گناھن کان) پاڪ ڪندو، ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي. |
|