نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
3594 | 33 | 61 | ملعونين أينما ثقفوا أخذوا وقتلوا تقتيلا |
| | | لعنت ڪيل آھن، جتي لڀندا تِتي پڪڙبا ۽ چڱي طرح ماربا. |
|
3595 | 33 | 62 | سنة الله في الذين خلوا من قبل ولن تجد لسنة الله تبديلا |
| | | جيڪي (ھن کان) گذري ويا تن ۾ (به) الله جو اھو دستور ھو، ۽ الله جي دستور کي ڪڏھن مت سٽ نه ڏسندين. |
|
3596 | 33 | 63 | يسألك الناس عن الساعة قل إنما علمها عند الله وما يدريك لعل الساعة تكون قريبا |
| | | ماڻھو توکان قيامت بابت پڇن ٿا، (کين) چؤ ته اُن جي خبر رڳو الله وٽ آھي، ۽ ڪھڙيءَ (ڳالھ) توکي ڄاڻايو متان قيامت ويجھڙو ئي ٿيندي ھجي. |
|
3597 | 33 | 64 | إن الله لعن الكافرين وأعد لهم سعيرا |
| | | بيشڪ الله ڪافرن تي لعنت ڪئي آھي ۽ انھن لاءِ ساڙيندڙ باھ تيار ڪئي اٿس. |
|
3598 | 33 | 65 | خالدين فيها أبدا لا يجدون وليا ولا نصيرا |
| | | منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، نڪي ڪو سڄڻ ۽ نڪي ڪو مددگار لھندا. |
|
3599 | 33 | 66 | يوم تقلب وجوههم في النار يقولون يا ليتنا أطعنا الله وأطعنا الرسولا |
| | | جنھن ڏينھن سندن منھن باھ ۾ اونڌا ڪبا (تنھن ڏينھن) چوندا ته اسان لاءِ ھيءَ ارمان (جيڪر) الله جي فرمانبرداري ڪريون ھا ۽ پيغمبر جي (به) فرمانبرداري ڪريون ھا (ته چڱو ھو). |
|
3600 | 33 | 67 | وقالوا ربنا إنا أطعنا سادتنا وكبراءنا فأضلونا السبيلا |
| | | ۽ چوندا ته اي اسان جا پالڻھار اسان پنھنجن سردارن ۽ پنھنجن وڏن جي فرمانبرداري ڪئي ته انھن اسان کي واٽ کان ڀُلايو. |
|
3601 | 33 | 68 | ربنا آتهم ضعفين من العذاب والعنهم لعنا كبيرا |
| | | اي اسانجا پالڻھار کين ٻيڻو عذاب ڪر ۽ مٿن تمام وڏي لعنت ڪر. |
|
3602 | 33 | 69 | يا أيها الذين آمنوا لا تكونوا كالذين آذوا موسى فبرأه الله مما قالوا وكان عند الله وجيها |
| | | اي ايمان وارؤ (اوھين) اُنھن وانگر نه ٿيو جن مُوسىٰ کي ايذايو پوءِ جيڪي چيائون تنھن کان الله کيس پاڪ ڪيو، ۽ (اھو) الله وٽ مانَ وارن مان ھو. |
|
3603 | 33 | 70 | يا أيها الذين آمنوا اتقوا الله وقولوا قولا سديدا |
| | | اي ايمان وارؤ الله کان ڊڄو ۽ سڌي ڳالھ چئو. |
|