بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
35883355لا جناح عليهن في آبائهن ولا أبنائهن ولا إخوانهن ولا أبناء إخوانهن ولا أبناء أخواتهن ولا نسائهن ولا ما ملكت أيمانهن واتقين الله إن الله كان على كل شيء شهيدا
زالن تي نڪي پنھنجن پين ۽ نڪي پنھنجن پٽن ۽ نڪي پنھنجن ڀائرن ۽ نڪي پنھنجن ڀاٽين ۽ نڪي پنھنج ڀاڻيجن ۽ نڪي پاڻ جھڙين زالن ۽ نڪي جن تي سندن ھٿ مالڪ ٿيا آھن تن جي اڳيان (پردي نه ڪرڻ ۾) گناھ آھي، ۽ (اي زالون) الله کان ڊڄو ڇوته الله سڀ ڪنھن شيء تي حاضر آھي.
35893356إن الله وملائكته يصلون على النبي يا أيها الذين آمنوا صلوا عليه وسلموا تسليما
بيشڪ الله ۽ سندس ملائڪ پيغمبر تي رحمت موڪليندا آھن، اي ايمان وارؤ اوھين به مٿس صلوات پڙھو ۽ پوري طرح سلام چئو.
35903357إن الذين يؤذون الله ورسوله لعنهم الله في الدنيا والآخرة وأعد لهم عذابا مهينا
بيشڪ جيڪي الله ۽ سندس پيغمبر کي ايذائيندا آھن تن الله دنيا ۽ آخرت ۾ لعنت ڪئي آھي ۽ اُنھن لاءِ خواريءَ وارو عذاب تيار ڪيو اٿس.
35913358والذين يؤذون المؤمنين والمؤمنات بغير ما اكتسبوا فقد احتملوا بهتانا وإثما مبينا
۽ جيڪي (ماڻھو) م‍ؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي اھڙي ڪم (جي تھمت) سان ايذائيندا آھن جو اُنھن نه ڪيو ھجي تن بيشڪ ڪوڙي ٺاھ ۽ پڌري گناھ جو بار کنيو.
35923359يا أيها النبي قل لأزواجك وبناتك ونساء المؤمنين يدنين عليهن من جلابيبهن ذلك أدنى أن يعرفن فلا يؤذين وكان الله غفورا رحيما
اي پيغمبر پنھنجين زالن ۽ پنھنجين ڌيئرن ۽ مؤمنن جي زالن کي چؤ ته (جيڪڏھن ٻاھر نڪرن ته) پاڻ تي پنھنجون چادرون وجھن، اِھو (ھِن ڳالھ کي) تمام ويجھو آھي ته اُھي سڃاتيون وڃن پوءِ کين ايذاءُ نه ڏنو وڃي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.
35933360لئن لم ينته المنافقون والذين في قلوبهم مرض والمرجفون في المدينة لنغرينك بهم ثم لا يجاورونك فيها إلا قليلا
منافق ۽ جن جي دلين ۾ بيماري آھي سي ۽ مديني ۾ ڪوڙين ڳالھين پکيڙڻ وارا جيڪڏھن (پنھنجي عادت کان) نه جھلبا ته مٿن توکي بڇينداسون وري ٿورن (ڏينھن) کانسواءِ اُن (يعني مديني) ۾ تنھنجا پاڙيسري نه ٿيندا.
35943361ملعونين أينما ثقفوا أخذوا وقتلوا تقتيلا
لعنت ڪيل آھن، جتي لڀندا تِتي پڪڙبا ۽ چڱي طرح ماربا.
35953362سنة الله في الذين خلوا من قبل ولن تجد لسنة الله تبديلا
جيڪي (ھن کان) گذري ويا تن ۾ (به) الله جو اھو دستور ھو، ۽ الله جي دستور کي ڪڏھن مت سٽ نه ڏسندين.
35963363يسألك الناس عن الساعة قل إنما علمها عند الله وما يدريك لعل الساعة تكون قريبا
ماڻھو توکان قيامت بابت پڇن ٿا، (کين) چؤ ته اُن جي خبر رڳو الله وٽ آھي، ۽ ڪھڙيءَ (ڳالھ) توکي ڄاڻايو متان قيامت ويجھڙو ئي ٿيندي ھجي.
35973364إن الله لعن الكافرين وأعد لهم سعيرا
بيشڪ الله ڪافرن تي لعنت ڪئي آھي ۽ انھن لاءِ ساڙيندڙ باھ تيار ڪئي اٿس.


0 ... 348.7 349.7 350.7 351.7 352.7 353.7 354.7 355.7 356.7 357.7 359.7 360.7 361.7 362.7 363.7 364.7 365.7 366.7 367.7 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

316519532586585655599464335367414652449