نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
3548 | 33 | 15 | ولقد كانوا عاهدوا الله من قبل لا يولون الأدبار وكان عهد الله مسئولا |
| | | ۽ (ھن کان) اڳ الله سان انجام ڪيو ھوائون ته (ڀڄڻ لاءِ) پٺيون نه ڦيريندا، ۽ الله جي انجام جي (ضرور) پُڇا ڪئي ويندي. |
|
3549 | 33 | 16 | قل لن ينفعكم الفرار إن فررتم من الموت أو القتل وإذا لا تمتعون إلا قليلا |
| | | (کين) چؤ ته جيڪڏھن اوھين مرڻ يا مارجڻ کان ڀڄندؤ ته ڀڄڻ اوھان کي فائدو نه ڏيندو ۽ اُنھيءَ مھل بلڪل ٿورو فائدو ڏنو ويندوَ. |
|
3550 | 33 | 17 | قل من ذا الذي يعصمكم من الله إن أراد بكم سوءا أو أراد بكم رحمة ولا يجدون لهم من دون الله وليا ولا نصيرا |
| | | (اي پيغمبر کين) چؤ ته اوھان کي الله (جي عذاب) کان ڪير بچائيندو جيڪڏھن اُھو اوھان کي ڪا اوکائي پھچائڻ گھري يا اوھان کي ڪا ٻاجھ پھچائڻ گھري (ته اُھا ڪير روڪيندو؟)، ۽ الله کانسواءِ پاڻ لاءِ نڪو دوست ۽ نڪو مددگار لھندا. |
|
3551 | 33 | 18 | قد يعلم الله المعوقين منكم والقائلين لإخوانهم هلم إلينا ولا يأتون البأس إلا قليلا |
| | | اوھان مان (جھاد کان) جھليندڙن ۽ پنھنجن ڀائرن کي (ھئن) چوندڙن کي ته اسان ڏانھن اچو بيشڪ الله ڄاڻندو آھي، ۽ ٿورن کانسواءِ (ٻيا) لڙائي ۾ نه ٿا اچن. |
|
3552 | 33 | 19 | أشحة عليكم فإذا جاء الخوف رأيتهم ينظرون إليك تدور أعينهم كالذي يغشى عليه من الموت فإذا ذهب الخوف سلقوكم بألسنة حداد أشحة على الخير أولئك لم يؤمنوا فأحبط الله أعمالهم وكان ذلك على الله يسيرا |
| | | (ھٿون) اوھان تي پبچائي ڪندڙ آھن، پوءِ جنھن مھل ڀَـوَ (جو وقت) اچي (تنھن مھل) کين ڏسين ته توڏانھن نھاريندا آھن جو سندن اکيون اُن (ماڻھوءَ) وانگر ڦِرنديون آھن جنھن تي موت (جي سڪرات) جي بيھوشي پھتي ھجي، پوءِ جنھن مھل (جنگ جو) ڀؤ لھندو آھي تنھن مھل (غنيمت جي) مال (وٺڻ) تي لالچي ٿي اوھان کي تکين زبانن سان ايذائيندا آھن، انھن ايمان نه آندو تنھنڪري الله سندن اعمال چَٽ ڪيا، ۽ اھو ڪم الله کي آسان آھي. |
|
3553 | 33 | 20 | يحسبون الأحزاب لم يذهبوا وإن يأت الأحزاب يودوا لو أنهم بادون في الأعراب يسألون عن أنبائكم ولو كانوا فيكم ما قاتلوا إلا قليلا |
| | | (خوف جي ڪري) ڀائيندا آھن ته (ڪافرن جا) ڪٽڪ نه ويا آھن، ۽ جيڪڏھن (ڪافرن جا) ڪي ڪٽڪ اچن ھا ته (ھيءَ ڳالھ) گھُرن ھا ته اُھي جيڪر جھنگلن ۾ ويٺل ھجن ھا (۽) اوھان جون خبرون (ھرڪنھن کان) پڇندا رھن ھا، ۽ جيڪڏھن اوھان ۾ ھجن ته رڳو ٿورو (اچي) جنگ ۾ وڙھن. |
|
3554 | 33 | 21 | لقد كان لكم في رسول الله أسوة حسنة لمن كان يرجو الله واليوم الآخر وذكر الله كثيرا |
| | | بيشڪ اوھان لاءِ الله جي پيغمبر جي طريقي ۾ عمدي پيروي اُنھيءَ لاءِ آھي جيڪو الله (جي رضا جي اُميد) ۽ قيامت جي ڏينھن (جي اچڻ) جي اميد رکندو ھجي ۽ الله کي گھڻو ياد ڪندو ھجي. |
|
3555 | 33 | 22 | ولما رأى المؤمنون الأحزاب قالوا هذا ما وعدنا الله ورسوله وصدق الله ورسوله وما زادهم إلا إيمانا وتسليما |
| | | ۽ جنھن مھل مؤمنن (ڪافرن جي) لشڪرن کي ڏٺو (تنھن مھل) چيائون ته ھي اُھو انجام آھي جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر اسان کي ڏنو ھو ۽ الله ۽ سندس پيغمبر سچ فرمايو ھو، ۽ اِنھيءَ (حالت) اُنھن کي ايمان ۽ فرمانبرداريءَ ۾ ھيڪارو وڌايو. |
|
3556 | 33 | 23 | من المؤمنين رجال صدقوا ما عاهدوا الله عليه فمنهم من قضى نحبه ومنهم من ينتظر وما بدلوا تبديلا |
| | | مؤمنن مان ڪي اھڙا ماڻھو آھن جو جيڪو الله سان انجام ڪيو ھوائون تنھن کي سچو ڪيائون، پوءِ منجھانئن ڪن پنھنجو ذمون پورو ڪيو ۽ منجھانئن ڪو انتظار ڪندو آھي، ۽ (پنھنجي چوڻ کي) ڪنھن طرح نه مٽايائون. |
|
3557 | 33 | 24 | ليجزي الله الصادقين بصدقهم ويعذب المنافقين إن شاء أو يتوب عليهم إن الله كان غفورا رحيما |
| | | (اھو ھن ڪري آھي) ته الله سچن کي سندن سچائي سببان بدلو ڏئي ۽ جيڪڏھن گھري ته منافقن کي عذاب ڪري يا (توبه جي توفيق ڏئڻ سان) مٿن ٻاجھ سان موٽي، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي. |
|