بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
35233220وأما الذين فسقوا فمأواهم النار كلما أرادوا أن يخرجوا منها أعيدوا فيها وقيل لهم ذوقوا عذاب النار الذي كنتم به تكذبون
پر جن بڇڙائي ڪئي تن جي رھڻ جو ھنڌ دوزخ آھي، جنھن مھل منجھانئس نڪرڻ جو ارادو ڪندا (تنھن مھل) منجھس ورائي (پيا وجھبا) ۽ کين چئبو ته اُن باھ جو عذاب چکو جنھن کي اوھين ڪوڙ ڀائيندا ھئؤ.
35243221ولنذيقنهم من العذاب الأدنى دون العذاب الأكبر لعلهم يرجعون
۽ کين وڏي عذاب کانسواءِ ھلڪي سزا (دنيا ۾ به) ضرور چکائينداسون ته مانَ اُھي (سڌي واٽ ڏانھن) ورن.
35253222ومن أظلم ممن ذكر بآيات ربه ثم أعرض عنها إنا من المجرمين منتقمون
۽ اُن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي جنھن کي سندس پالڻھار جي آيتن سان نصيحت ڏجي ته وري اُن کان مُنھن موڙي، بيشڪ اسين ڏوھارين کان بدلو وٺندڙ آھيون.
35263223ولقد آتينا موسى الكتاب فلا تكن في مرية من لقائه وجعلناه هدى لبني إسرائيل
۽ بيشڪ مُوسىٰ کي ڪتاب ڏنوسون پوءِ تون اُن (قرآن) جي ملڻ کان شڪ ۾ نه ٿج ۽ اُن موسىٰ کي بني اسرائيلن لاءِ ھدايت بڻايوسون.
35273224وجعلنا منهم أئمة يهدون بأمرنا لما صبروا وكانوا بآياتنا يوقنون
منجھانئن پيشوا ڪيا (ھوا) سون جي اسان جي حُڪم سان سڌو رستو ڏيکاريندا ھوا جڏھن جو (اُھي ڏکن تي) صبر ڪندا رھيا، ۽ اُھي اسان جي آيتن تي يقين رکندا ھوا.
35283225إن ربك هو يفصل بينهم يوم القيامة فيما كانوا فيه يختلفون
بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي قيامت جي ڏينھن سندن وچ ۾ انھيءَ (ڳالھ) جو نبيرو ڪندو جنھن بابت جھڳڙو ڪندا ھوا.
35293226أولم يهد لهم كم أهلكنا من قبلهم من القرون يمشون في مساكنهم إن في ذلك لآيات أفلا يسمعون
کين پڌرو نه ٿيو آھي ڇا ته کانئن اڳ ڪيترا (ئي) جُڳ ناس ڪياسون جن جي گھرن ۾ (اُھي) گھُمندا آھن، بيشڪ ھن (ڳالھ) ۾ وڏيون نشانيون آھن، پوءِ نه ٻڌندا آھن پا؟
35303227أولم يروا أنا نسوق الماء إلى الأرض الجرز فنخرج به زرعا تأكل منه أنعامهم وأنفسهم أفلا يبصرون
نه ڏٺائون ڇا ته اسين اُٻڙٺ زمين ڏانھن پاڻي وھائيندا آھيون پوءِ اُن سان پوک ڄمائيندا آھيون جنھن مان سندن ڍور ۽ اُھي پاڻ کائيندا آھن، پوءِ نه ڏسندا آھن ڇا؟
35313228ويقولون متى هذا الفتح إن كنتم صادقين
۽ چون ٿا ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته اھو فيصلو ڪڏھن ٿيندو؟
35323229قل يوم الفتح لا ينفع الذين كفروا إيمانهم ولا هم ينظرون
(اي پيغمبر کين) چؤ ته فيصلي جي ڏينھن ڪافرن کي سندن ايمان آڻڻ فائدو نه ڏيندو ۽ نڪي کين مُھلت ڏبي.


0 ... 342.2 343.2 344.2 345.2 346.2 347.2 348.2 349.2 350.2 351.2 353.2 354.2 355.2 356.2 357.2 358.2 359.2 360.2 361.2 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

1628224463197217664796051214730105401