نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
352 | 3 | 59 | إن مثل عيسى عند الله كمثل آدم خلقه من تراب ثم قال له كن فيكون |
| | | الله وٽ عيسىٰ (جي پيدا ڪرڻ) جو مثال آدم جي مثال جھڙوئي آھي، اُن (آدم) کي مِٽيءَ مان بڻايائين وري اُن چيائين ته ٿي پؤ ته ٿي پيو. |
|
353 | 3 | 60 | الحق من ربك فلا تكن من الممترين |
| | | (اِھا ڳالھ) تنھنجي پالڻھار وٽان سچي آھي تنھنڪري شڪ ڪندڙن مان نه ھُج. |
|
354 | 3 | 61 | فمن حاجك فيه من بعد ما جاءك من العلم فقل تعالوا ندع أبناءنا وأبناءكم ونساءنا ونساءكم وأنفسنا وأنفسكم ثم نبتهل فنجعل لعنت الله على الكاذبين |
| | | پوءِ اُن پڄاڻا جو تو وٽ ڄاڻپ آئي جيڪو توسان اِن بابت جھڳڙو ڪري ته چؤ ته اچو ته (اسين) پنھنجن پُٽن ۽ اوھان جي پُٽن ۽ پنھنجين زالن ۽ اوھان جي زالن ۽ پاڻ کي ۽ اوھان کي سڏيون، پوءِ زاريءَ سان دُعا گھرون پوءِ الله جي لَعنت ڪُوڙن تي ڪريون. |
|
355 | 3 | 62 | إن هذا لهو القصص الحق وما من إله إلا الله وإن الله لهو العزيز الحكيم |
| | | اِھو قِصو ضرور سَچّو آھي، ۽ الله کانسواءِ ڪوبه عبادت جو لائق نه آھي، ۽ الله ئي غالب حِڪمت وارو آھي. |
|
356 | 3 | 63 | فإن تولوا فإن الله عليم بالمفسدين |
| | | پوءِ جيڪڏھن ڦرن ته بيشڪ الله به فسادين کي ڄاڻندڙ آھي. |
|
357 | 3 | 64 | قل يا أهل الكتاب تعالوا إلى كلمة سواء بيننا وبينكم ألا نعبد إلا الله ولا نشرك به شيئا ولا يتخذ بعضنا بعضا أربابا من دون الله فإن تولوا فقولوا اشهدوا بأنا مسلمون |
| | | (اي پيغمبر) چؤ ته اي ڪتاب وارؤ ھڪ ڳالھ ڏانھن اچو جا اسان ۽ اوھان جي وچ ۾ ھڪ جھڙي آھي ته الله کانسواءِ ڪنھن جي عبادت نه ڪريون ۽ نڪي ساڻس ڪنھن شيء کي شريڪ ڪريون ۽ نڪي اسان مان ڪو ڪنھن کي (به) الله ڌاران پالڻھار ڪري مڃي، پوءِ جيڪڏھن ڦرن ته چؤ ته شاھد ھُجو ته اسين پڪ مُسلمان آھيون. |
|
358 | 3 | 65 | يا أهل الكتاب لم تحاجون في إبراهيم وما أنزلت التوراة والإنجيل إلا من بعده أفلا تعقلون |
| | | اي ڪتاب وارؤ ابراھيم بابت ڇالاءِ جھڳڙو ڪريو ٿا؟ ۽ توريت ۽ انجيل نه لاٿا ويا پر کانئس پوءِ، پوءِ اوھين نه سمجھندا آھيو ڇا؟ |
|
359 | 3 | 66 | ها أنتم هؤلاء حاججتم فيما لكم به علم فلم تحاجون فيما ليس لكم به علم والله يعلم وأنتم لا تعلمون |
| | | (اي يھوديؤ) اوھين اُھي آھيو جو جنھن شيء جي اوھان کي ڄاڻپ آھي تنھن بابت ته جھڳڙو ڪندا آھيو پر جي اوھان کي ڪا ڄاڻپ آھي ئي نه تنھن بابت ڇو جھڳڙو ڪندا آھيو؟ ۽ الله ڄاڻندو آھي ۽ اوھين نه ڄاڻندا آھيو. |
|
360 | 3 | 67 | ما كان إبراهيم يهوديا ولا نصرانيا ولكن كان حنيفا مسلما وما كان من المشركين |
| | | ابراھيم نڪو يھودي ھو ۽ نڪي نصراني پر حَنيف (ھڪ طرفو) مُسلمان ھو، ۽ مُشرڪن مان نه ھو. |
|
361 | 3 | 68 | إن أولى الناس بإبراهيم للذين اتبعوه وهذا النبي والذين آمنوا والله ولي المؤمنين |
| | | ابراھيم کي اُھي ماڻھو ويجھا آھن جن سندس تابعداري ڪئي ۽ ھيءُ پيغمبر ۽ جن مٿس ايمان آندو، ۽ الله مؤمنن جو سنڀاليندڙ آھي. |
|