نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
3490 | 31 | 21 | وإذا قيل لهم اتبعوا ما أنزل الله قالوا بل نتبع ما وجدنا عليه آباءنا أولو كان الشيطان يدعوهم إلى عذاب السعير |
| | | ۽ جڏھن کين چئبو آھي ته جيڪي الله نازل ڪيو تنھن جي تابعداري ڪريو (تڏھن) چوندا آھن (ته نه!) بلڪ اسان جنھن تي پنھنجا پيءُ ڏاڏا (ھلندا) ڏٺا تنھن جي تابعداري ڪنداسون، توڻيڪ شيطان دوزخ جي عذاب ڏانھن کين سڏي ٿو ته به (ان جي پيروي ڪندا ڇا)؟ |
|
3491 | 31 | 22 | ومن يسلم وجهه إلى الله وهو محسن فقد استمسك بالعروة الوثقى وإلى الله عاقبة الأمور |
| | | ۽ جنھن پنھنجي مھاڙ الله ڏانھن ڪئي ۽ اُھو چڱن ڪمن ڪرڻ وارو به آھي تنھن بيشڪ مُحڪم رسيءَ کي پڪڙيو، ۽ (سڀني) ڪمن جي پڇاڙي الله ڏانھن آھي. |
|
3492 | 31 | 23 | ومن كفر فلا يحزنك كفره إلينا مرجعهم فننبئهم بما عملوا إن الله عليم بذات الصدور |
| | | ۽ جيڪو ڪفر ڪري تنھن جو ڪفر توکي غمگين نه ڪري، کين اسان ڏانھن ورڻو آھي پوءِ جيڪي ڪيائون تنھن جي کين سُڌ ڏينداسون، ڇوته الله سينن وارو ڳجھ ڄاڻندڙ آھي. |
|
3493 | 31 | 24 | نمتعهم قليلا ثم نضطرهم إلى عذاب غليظ |
| | | (دنيا ۾) کين ٿورو (وقت) آسودو ڪريون ٿا وري کين سخت عذاب ڏانھن ڇڪي نينداسون. |
|
3494 | 31 | 25 | ولئن سألتهم من خلق السماوات والأرض ليقولن الله قل الحمد لله بل أكثرهم لا يعلمون |
| | | ۽ جيڪڏھن کائن پڇندين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنھن بڻايو آھي ته ضرور چوندا ته الله، چؤ ته سڀ ساراھ الله کي جڳائي، بلڪ اُنھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن. |
|
3495 | 31 | 26 | لله ما في السماوات والأرض إن الله هو الغني الحميد |
| | | جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو الله جو ئي آھي، بيشڪ الله اُھوئي بي پرواھ (ڏاڍو) ساراھيل آھي. |
|
3496 | 31 | 27 | ولو أنما في الأرض من شجرة أقلام والبحر يمده من بعده سبعة أبحر ما نفدت كلمات الله إن الله عزيز حكيم |
| | | ۽ جيڪي وڻ زمين ۾ آھن سي جيڪڏھن قلم ٿين ۽ سمنڊ (جو پاڻي) اُن جي مَسُ ٿئي اُن کانپوءِ ست سمنڊ (ٻيا به) ھجن ته الله (جي قدرت) جون ڳالھيون نه کُٽنديون، بيشڪ الله غالب حِڪمت وارو آھي. |
|
3497 | 31 | 28 | ما خلقكم ولا بعثكم إلا كنفس واحدة إن الله سميع بصير |
| | | اوھان (سڀني) جو خلقڻ ۽ اوھان جو وري جيارڻ رڳو ھڪڙيءَ ماڻھوءَ (جي خلقڻ ۽ وري جيارڻ) جھڙو آھي بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي. |
|
3498 | 31 | 29 | ألم تر أن الله يولج الليل في النهار ويولج النهار في الليل وسخر الشمس والقمر كل يجري إلى أجل مسمى وأن الله بما تعملون خبير |
| | | نه ڏٺو اٿيئي ڇا ته الله رات کي ڏينھن ۾ داخل ڪندو آھي ۽ ڏينھن کي رات ۾ داخل ڪندو آھي ۽ سج ۽ چنڊ کي نِوايائين، سڀڪو مقرر مُدت توڻي ھلندو آھي ۽ (نه ڏٺو اٿيئي ڇا) ته جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي. |
|
3499 | 31 | 30 | ذلك بأن الله هو الحق وأن ما يدعون من دونه الباطل وأن الله هو العلي الكبير |
| | | اِھي (ڪم) ھن ڪري آھن ته الله ئي برحق آھي ۽ ته اُن کانسواءِ جنھن به ٻي کي سڏيندا آھن سو ڪوڙ آھي ۽ ته الله ئي تمام مٿاھون وڏو آھي. |
|