نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
3483 | 31 | 14 | ووصينا الإنسان بوالديه حملته أمه وهنا على وهن وفصاله في عامين أن اشكر لي ولوالديك إلي المصير |
| | | ۽ ماڻھوءَ کي سندس ماءُ پيءُ بابت حڪم ڪيوسون، جو ماڻس تڪليف جي مٿان تڪليف سھي کيس (پنھنجي پيٽ ۾) کنيو ۽ ٻن ورھن ۾ سندس (بُبن جو) ڇڏائڻ آھي (حُڪم جو مطلب ھيءُ آھي) ته منھنجو ۽ پنھنجي ماءُ پيءُ جو شڪرانو ڪر (جو آخر) مون ڏانھن (ئي) موٽڻ آھي. |
|
3484 | 31 | 15 | وإن جاهداك على أن تشرك بي ما ليس لك به علم فلا تطعهما وصاحبهما في الدنيا معروفا واتبع سبيل من أناب إلي ثم إلي مرجعكم فأنبئكم بما كنتم تعملون |
| | | ۽ جيڪڏھن (اُھي) مون سان (ڪنھين کي) شريڪ ڪرڻ جي توکي ڪوشش ڪن جنھن جي توکي ڪا ڄاڻپ نه آھي ته سندن (انھي چوڻ جي) فرمانبرداري نه ڪر ۽ دُنيا ۾ ساڻن چڱي ريت سنگت ڪر، ۽ جنھن مون ڏانھن مُھاڙ ڪئي ھجي تنھنجي واٽ جي تابعداري ڪر، وري اوھان جو مون ڏانھن ورڻ آھي پوءِ جيڪي ڪندا ھيؤ تنھنجي اوھان کي سُڌ ڏيندس. |
|
3485 | 31 | 16 | يا بني إنها إن تك مثقال حبة من خردل فتكن في صخرة أو في السماوات أو في الأرض يأت بها الله إن الله لطيف خبير |
| | | (لُقمان ھيءَ به چيو ته) اي منھنجا پُٽڙا ڪابه (شيء) جيڪڏھن آھر جي داڻي جتري آھي پوءِ اُھا پھڻ ۾ ھجي يا آسمانن ۾ يا زمين ۾ (ھجي) ته الله اُن کي آڻي حاضر ڪندو، ڇوته الله باريڪ بين خبر رکندڙ آھي. |
|
3486 | 31 | 17 | يا بني أقم الصلاة وأمر بالمعروف وانه عن المنكر واصبر على ما أصابك إن ذلك من عزم الأمور |
| | | اي منھنجا پٽڙا نماز پڙھ ۽ چڱي ڪم جو حُڪم ڪر ۽ مدي (ڪم) کان منع ڪر ۽ توکي جيڪا اوکائي پھچي تنھن تي صبر ڪر، بيشڪ اھي (ڪم) ھمت وارن ڪمن مان آھن. |
|
3487 | 31 | 18 | ولا تصعر خدك للناس ولا تمش في الأرض مرحا إن الله لا يحب كل مختال فخور |
| | | ۽ ماڻھن لاءِ پنھنجو ڳل (يعني منھن) چٻو نه ڪر ۽ زمين ۾ لاڏ سان نه گھُم، بيشڪ الله ھٺيلي وڏائي ڪندڙ کي دوست نه رکندو آھي. |
|
3488 | 31 | 19 | واقصد في مشيك واغضض من صوتك إن أنكر الأصوات لصوت الحمير |
| | | ۽ پنھنجي گھمڻ ۾ وچولي چال ھل ۽ پنھنجو آواز ڍرو ڪر، ڇوته آوازن مان بڇڙو (آواز) گڏھ جي ھينگ آھي. |
|
3489 | 31 | 20 | ألم تروا أن الله سخر لكم ما في السماوات وما في الأرض وأسبغ عليكم نعمه ظاهرة وباطنة ومن الناس من يجادل في الله بغير علم ولا هدى ولا كتاب منير |
| | | نه ڏٺو اٿو ڇا ته جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله اوھان کي تابع ڪري ڏنو آھي ۽ پنھنجون پڌريون ۽ ڳجھون نعمتون اوھان تي ڀرپور ڪيائين، ۽ ماڻھن مان ڪي (اھڙا) آھن جو اَڻ ڄاڻائي سان ۽ بنا ھدايت ۽ روشن ڪتاب ڌاران الله بابت جھڳڙو ڪندا آھن. |
|
3490 | 31 | 21 | وإذا قيل لهم اتبعوا ما أنزل الله قالوا بل نتبع ما وجدنا عليه آباءنا أولو كان الشيطان يدعوهم إلى عذاب السعير |
| | | ۽ جڏھن کين چئبو آھي ته جيڪي الله نازل ڪيو تنھن جي تابعداري ڪريو (تڏھن) چوندا آھن (ته نه!) بلڪ اسان جنھن تي پنھنجا پيءُ ڏاڏا (ھلندا) ڏٺا تنھن جي تابعداري ڪنداسون، توڻيڪ شيطان دوزخ جي عذاب ڏانھن کين سڏي ٿو ته به (ان جي پيروي ڪندا ڇا)؟ |
|
3491 | 31 | 22 | ومن يسلم وجهه إلى الله وهو محسن فقد استمسك بالعروة الوثقى وإلى الله عاقبة الأمور |
| | | ۽ جنھن پنھنجي مھاڙ الله ڏانھن ڪئي ۽ اُھو چڱن ڪمن ڪرڻ وارو به آھي تنھن بيشڪ مُحڪم رسيءَ کي پڪڙيو، ۽ (سڀني) ڪمن جي پڇاڙي الله ڏانھن آھي. |
|
3492 | 31 | 23 | ومن كفر فلا يحزنك كفره إلينا مرجعهم فننبئهم بما عملوا إن الله عليم بذات الصدور |
| | | ۽ جيڪو ڪفر ڪري تنھن جو ڪفر توکي غمگين نه ڪري، کين اسان ڏانھن ورڻو آھي پوءِ جيڪي ڪيائون تنھن جي کين سُڌ ڏينداسون، ڇوته الله سينن وارو ڳجھ ڄاڻندڙ آھي. |
|