نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
3456 | 30 | 47 | ولقد أرسلنا من قبلك رسلا إلى قومهم فجاءوهم بالبينات فانتقمنا من الذين أجرموا وكان حقا علينا نصر المؤمنين |
| | | ۽ بيشڪ توکان اڳ گھڻن پيغمبرن کي سندن قوم ڏانھن موڪليوسون پوءِ وٽن مُعجزن سان آيا پوءِ جن نافرماني ڪئي تن کان بدلو ورتوسون، ۽ مؤمنن کي مدد ڪرڻ اسان تي حق آھي. |
|
3457 | 30 | 48 | الله الذي يرسل الرياح فتثير سحابا فيبسطه في السماء كيف يشاء ويجعله كسفا فترى الودق يخرج من خلاله فإذا أصاب به من يشاء من عباده إذا هم يستبشرون |
| | | الله اُھو آھي جيڪو وائن کي موڪليندو آھي پوءِ (اُھي) ڪڪر کي کڻنديون آھن پوءِ جئن الله گھرندو آھي تئن آسمان ۾ اُن (ڪڪر) کي کنڊرائيندو آھي پوءِ اُن کي تَه تَه ڪندو آھي پوءِ (تون) ڦُڙين کي ڏسندو آھين جو اُن (ڪڪر) جي وچ مان نڪرنديون آھن، پوءِ جڏھن پنھنجن ٻانھن مان جنھن تي وڻندو اٿس تنھن تي اُھو (مينھن) پھچائيندو آھي (تڏھن) اُنھيءَ ئي مھل اُھي خوش ٿيندا آھن. |
|
3458 | 30 | 49 | وإن كانوا من قبل أن ينزل عليهم من قبله لمبلسين |
| | | ۽ جيتوڻيڪ ان (مينھن) جي مٿن وَسائجڻ کان اڳ اڳيئي نااُميد ٿيندا ھوا. |
|
3459 | 30 | 50 | فانظر إلى آثار رحمت الله كيف يحيي الأرض بعد موتها إن ذلك لمحيي الموتى وهو على كل شيء قدير |
| | | پوءِ الله جي ٻاجھ جي نشانين ڏانھن نھار ته ڪھڙي طرح زمين کي سندس مرڻ کان پوءِ جياري ٿو، بيشڪ اُھو (الله) مُئن کي ضرور جيارڻ وارو آھي، ۽ اُھو (الله) سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي. |
|
3460 | 30 | 51 | ولئن أرسلنا ريحا فرأوه مصفرا لظلوا من بعده يكفرون |
| | | ۽ جيڪڏھن ڪو واءُ (جو جھولو) گھُلايون پوءِ اُن (پوک) کي ھيڊو ٿيندو ڏسن ته اُن کانپوءِ بي شڪري ڪرڻ لڳندا آھن. |
|
3461 | 30 | 52 | فإنك لا تسمع الموتى ولا تسمع الصم الدعاء إذا ولوا مدبرين |
| | | پوءِ (اي پيغمبر) تون سڏُ نڪي مئن کي ٻڌائي سگھندين ۽ نڪي ٻَوڙن کي ٻڌائي سگھندين جڏھن ته اُھي پٺي ڏئي مُنھن ڦيرائين. |
|
3462 | 30 | 53 | وما أنت بهاد العمي عن ضلالتهم إن تسمع إلا من يؤمن بآياتنا فهم مسلمون |
| | | ۽ نڪي تون انڌن کي سندن گمراھيءَ کان (روڪي) سڌو رستو ڏيکاريندڙ آھين، تون ته رڳو اُنھيءَ کي ٻڌائي سگھندين جنھن اسان جي آيتن تي ايمان آندو پوءِ اُھي فرمانبردار به آھن. |
|
3463 | 30 | 54 | الله الذي خلقكم من ضعف ثم جعل من بعد ضعف قوة ثم جعل من بعد قوة ضعفا وشيبة يخلق ما يشاء وهو العليم القدير |
| | | الله اُھو آھي جنھن اوھان کي (پھرين) ھيڻائي (واري شيء) مان خلقيو آھي وري ھيڻائيءَ کان پوءِ (اوھان ۾) سگھ پيدا ڪيائين وري سگھ کان پوءِ (اوھان کي) ھيڻائي ۽ ٻڍاپو ڏنائين، جئن گھرندو آھي تئن بڻائيندو آھي، ۽ اُھو ڄاڻندڙ وس وارو آھي. |
|
3464 | 30 | 55 | ويوم تقوم الساعة يقسم المجرمون ما لبثوا غير ساعة كذلك كانوا يؤفكون |
| | | ۽ جنھن ڏينھن قيامت قائم ٿيندي (تنھن ڏينھن) قسم کڻندا ته (دنيا ۾) ھڪ گھڙي کانسواءِ (وڌيڪ) نه رھيا ھواسون، اھڙي طرح (رستي کان) ڦيرايا ويندا ھوا. |
|
3465 | 30 | 56 | وقال الذين أوتوا العلم والإيمان لقد لبثتم في كتاب الله إلى يوم البعث فهذا يوم البعث ولكنكم كنتم لا تعلمون |
| | | ۽ جن کي عِلم ۽ ايمان ڏنو ويو آھي سي کين چوندا ته الله جي ڪتاب ۾ لکي موافق جيئري ٿي اُٿڻ جي ڏينھن توڻي (دنيا ۾) رھيا آھيو، پوءِ ھي جيئري ٿي اُٿڻ جو ڏينھن آھي پر اوھين نه ڄاڻندا ھيؤ. |
|