بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
34513042قل سيروا في الأرض فانظروا كيف كان عاقبة الذين من قبل كان أكثرهم مشركين
چؤ ته مُلڪ ۾ گھُمو پوءِ ڏسو ته جيڪي اڳ ھوا تن جي پڇاڙي ڪئن ٿي، منجھائن گھڻا مشرڪ ھوا.
34523043فأقم وجهك للدين القيم من قبل أن يأتي يوم لا مرد له من الله يومئذ يصدعون
پوءِ پنھنجي منھن کي اُن ڏينھن جي اچڻ کان اڳ سڌي دين لاءِ بيھار جو الله وٽان اُن (ڏينھن) کي رد ٿيڻو نه آھي اُن ڏينھن (ماڻھو) الڳ الڳ ٿيندا.
34533044من كفر فعليه كفره ومن عمل صالحا فلأنفسهم يمهدون
جيڪو ڪافر ٿيو تنھن تي سندس ڪفر آھي، ۽ جن چڱا ڪم ڪيا سي پاڻ لاءِ ھنڌ وڇائين ٿا.
34543045ليجزي الذين آمنوا وعملوا الصالحات من فضله إنه لا يحب الكافرين
ته جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا تن کي الله فضل سان بدلو ڏئي، بيشڪ اُھو ڪافرن کي دوست نه رکندو آھي.
34553046ومن آياته أن يرسل الرياح مبشرات وليذيقكم من رحمته ولتجري الفلك بأمره ولتبتغوا من فضله ولعلكم تشكرون
۽ سندس نشانين مان ھي آھي ته خوشخبري ڏيندڙ ھيرون گھُلائيندو آھي ۽ ته اوھان کي پنھنجي ٻاجھ مان ڪجھ چکائي ۽ ته سندس حُڪم سان ٻيڙيون تَرن ۽ ته سندس فضل مان روزي طلب ڪريو ۽ ته مانَ اوھين شڪرانو ڪريو.
34563047ولقد أرسلنا من قبلك رسلا إلى قومهم فجاءوهم بالبينات فانتقمنا من الذين أجرموا وكان حقا علينا نصر المؤمنين
۽ بيشڪ توکان اڳ گھڻن پيغمبرن کي سندن قوم ڏانھن موڪليوسون پوءِ وٽن مُعجزن سان آيا پوءِ جن نافرماني ڪئي تن کان بدلو ورتوسون، ۽ مؤمنن کي مدد ڪرڻ اسان تي حق آھي.
34573048الله الذي يرسل الرياح فتثير سحابا فيبسطه في السماء كيف يشاء ويجعله كسفا فترى الودق يخرج من خلاله فإذا أصاب به من يشاء من عباده إذا هم يستبشرون
الله اُھو آھي جيڪو وائن کي موڪليندو آھي پوءِ (اُھي) ڪڪر کي کڻنديون آھن پوءِ جئن الله گھرندو آھي تئن آسمان ۾ اُن (ڪڪر) کي کنڊرائيندو آھي پوءِ اُن کي تَه تَه ڪندو آھي پوءِ (تون) ڦُڙين کي ڏسندو آھين جو اُن (ڪڪر) جي وچ مان نڪرنديون آھن، پوءِ جڏھن پنھنجن ٻانھن مان جنھن تي وڻندو اٿس تنھن تي اُھو (مينھن) پھچائيندو آھي (تڏھن) اُنھيءَ ئي مھل اُھي خوش ٿيندا آھن.
34583049وإن كانوا من قبل أن ينزل عليهم من قبله لمبلسين
۽ جيتوڻيڪ ان (مينھن) جي مٿن وَسائجڻ کان اڳ اڳيئي نااُميد ٿيندا ھوا.
34593050فانظر إلى آثار رحمت الله كيف يحيي الأرض بعد موتها إن ذلك لمحيي الموتى وهو على كل شيء قدير
پوءِ الله جي ٻاجھ جي نشانين ڏانھن نھار ته ڪھڙي طرح زمين کي سندس مرڻ کان پوءِ جياري ٿو، بيشڪ اُھو (الله) مُئن کي ضرور جيارڻ وارو آھي، ۽ اُھو (الله) سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.
34603051ولئن أرسلنا ريحا فرأوه مصفرا لظلوا من بعده يكفرون
۽ جيڪڏھن ڪو واءُ (جو جھولو) گھُلايون پوءِ اُن (پوک) کي ھيڊو ٿيندو ڏسن ته اُن کانپوءِ بي شڪري ڪرڻ لڳندا آھن.


0 ... 335 336 337 338 339 340 341 342 343 344 346 347 348 349 350 351 352 353 354 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

39624220218360891921093389728471712988