بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
34223013ولم يكن لهم من شركائهم شفعاء وكانوا بشركائهم كافرين
۽ (الله سان مُقرّر ڪيلن) سندن شريڪن مان ڪوبه انھن لاءِ سفارش ڪرڻ وارو نه ٿيندو ۽ پنھنجن (ٺھرايل) شريڪن جا منڪر ٿيندا.
34233014ويوم تقوم الساعة يومئذ يتفرقون
۽ جنھن ڏينھن قيامت قائم ٿيندي تنھن ڏينھن ماڻھو ڌاروڌار ٿيندا.
34243015فأما الذين آمنوا وعملوا الصالحات فهم في روضة يحبرون
پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي باغن ۾ خوش ڪبا.
34253016وأما الذين كفروا وكذبوا بآياتنا ولقاء الآخرة فأولئك في العذاب محضرون
۽ جن ڪُفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ۽ قيامت جي ملڻ کي ڪوڙ ڄاتو سي عذاب ۾ حاضر ڪيل ھوندا.
34263017فسبحان الله حين تمسون وحين تصبحون
پوءِ جنھن مھل سانجھي ڪريو ۽ جنھن مھل صبح ڪريو تنھن مھل الله جي پاڪائي بيان ڪريو.
34273018وله الحمد في السماوات والأرض وعشيا وحين تظهرون
۽ آسمانن ۽ زمين ۾ اُن جي ساراھ آھي ۽ پوئين پھر ۽ جنھن مھل منجھند ڪريو (تنھن مھل به پاڪائي بيان ڪريو).
34283019يخرج الحي من الميت ويخرج الميت من الحي ويحيي الأرض بعد موتها وكذلك تخرجون
مُئي مان جيئرو ڪڍندو آھي ۽ جيئري مان مئو ڪڍندو آھي ۽ زمين کي ان جي مرڻ کانپوءِ جياريندو آھي، ۽ اھڙي طرح (اوھين قبرن مان) ڪڍبؤ.
34293020ومن آياته أن خلقكم من تراب ثم إذا أنتم بشر تنتشرون
۽ سندس نشانين مان ھيءُ آھي جو اوھان کي مٽيءَ مان بڻايائين وري اُنھيءَ مھل اوھين ماڻھو ٿي گھمو ڦرو ٿا.
34303021ومن آياته أن خلق لكم من أنفسكم أزواجا لتسكنوا إليها وجعل بينكم مودة ورحمة إن في ذلك لآيات لقوم يتفكرون
۽ سندس نشانين مان ھيءُ (به) آھي جو اوھان جي جنس مان اوھان لاءِ زالون پيدا ڪيائين ته انھن سان آرام وٺو ۽ اوھان جي وچ ۾ پيار ۽ ٻاجھ پيدا ڪيائين، بيشڪ ھن ۾ اُنھيءَ قوم لاءِ نشانيون آھن جيڪي ڌيان رکندا آھن.
34313022ومن آياته خلق السماوات والأرض واختلاف ألسنتكم وألوانكم إن في ذلك لآيات للعالمين
آسمانن ۽ زمين جو بڻائڻ ۽ اوھان جي زبانن ۽ شڪلن جو قِسمين قِسمين ھجڻ سندس نشانين مان آھي، بيشڪ ان ۾ ڄاڻندڙن لاءِ نشانيون آھن.


0 ... 332.1 333.1 334.1 335.1 336.1 337.1 338.1 339.1 340.1 341.1 343.1 344.1 345.1 346.1 347.1 348.1 349.1 350.1 351.1 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

5424174042238123139498464225253264184