نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
3399 | 29 | 59 | الذين صبروا وعلى ربهم يتوكلون |
| | | جن صبر ڪيو ۽ پنھنجي پالڻھار تي ڀروسو ڪندا آھن. |
|
3400 | 29 | 60 | وكأين من دابة لا تحمل رزقها الله يرزقها وإياكم وهو السميع العليم |
| | | ۽ ڪيترائي جانور پنھنجي روزي ساڻ نه کڻندا آھن، الله تعالىٰ انھن کي ۽ اوھان کي روزي ڏيندو آھي، ۽ اُھو ئي ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آھي. |
|
3401 | 29 | 61 | ولئن سألتهم من خلق السماوات والأرض وسخر الشمس والقمر ليقولن الله فأنى يؤفكون |
| | | ۽ جيڪڏھن کائن پُڇين ته ڪنھن آسمانن ۽ زمين کي بڻايو ۽ (ڪنھن) سج ۽ چنڊ کي نِوايو آھي؟ ته ضرور چوندا ته الله، پوءِ ڪيڏانھن ڦيرايا ويندا آھن. |
|
3402 | 29 | 62 | الله يبسط الرزق لمن يشاء من عباده ويقدر له إن الله بكل شيء عليم |
| | | الله پنھنجن ٻانھن مان جنھن لاءِ گھري تنھنجي روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ (جنھن لاءِ گھري ته تَنھنجي) گھٽ ڪندو آھي، ڇوته الله ھر شيءَ کي ڄاڻندڙ آھي. |
|
3403 | 29 | 63 | ولئن سألتهم من نزل من السماء ماء فأحيا به الأرض من بعد موتها ليقولن الله قل الحمد لله بل أكثرهم لا يعقلون |
| | | ۽ جيڪڏھن کائن پڇين ته ڪنھن آسمان کان پاڻي وسايو پوءِ اُن سان زمين کي اُن جي مرڻ کانپوءِ جيئرو ڪيو ته ضرور چوندا ته الله، (اي پيغمبر کين) چؤ ته سڀ ساراھ الله کي جڳائي، بلڪ منجھائن گھڻا نه ڄاڻندا آھن. |
|
3404 | 29 | 64 | وما هذه الحياة الدنيا إلا لهو ولعب وإن الدار الآخرة لهي الحيوان لو كانوا يعلمون |
| | | ۽ ھيءَ دنيا جي حياتي ته تماشي ۽ راند کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه آھي، ۽ بيشڪ آخرت جي حويلي ئي سدائين حياتيءَ واري آھي، جيڪڏھن ڄاڻن ھا (ته آخرت کي دنيا کان وڌيڪ پسند ڪن ھا). |
|
3405 | 29 | 65 | فإذا ركبوا في الفلك دعوا الله مخلصين له الدين فلما نجاهم إلى البر إذا هم يشركون |
| | | پوءِ (اُھي) جڏھن ٻيڙين ۾ چڙھندا آھن (تڏھن) رڳو الله کي سندس اعتقاد رکي سڏيندا آھن، پوءِ جڏھن کين ڀر ڏانھن پھچائيندو (بچائي) آھي (تڏھن) اُتي جو اُتي (ھن ڪري) شرڪ ڪندا آھن. |
|
3406 | 29 | 66 | ليكفروا بما آتيناهم وليتمتعوا فسوف يعلمون |
| | | ته جيڪي کين ڏنوسون تنھنجي بي شُڪري ڪن، ۽ ته خوش گذارين، پوءِ سگھوئي (حال جي حقيقت) ڄاڻندا. |
|
3407 | 29 | 67 | أولم يروا أنا جعلنا حرما آمنا ويتخطف الناس من حولهم أفبالباطل يؤمنون وبنعمة الله يكفرون |
| | | نه ڏٺائون ڇا ته اسان (مڪي جي) حرم کي امن جي جاءِ ڪئي؟ حالانڪ سندس آس پاس کان ماڻھو اُمالڪ کڄي ويندا آھن، پوءِ ڇا ڪوڙ کي مڃيندا آھن ۽ الله جي نعمتن جو انڪار ڪندا آھن؟ |
|
3408 | 29 | 68 | ومن أظلم ممن افترى على الله كذبا أو كذب بالحق لما جاءه أليس في جهنم مثوى للكافرين |
| | | ۽ اُن کان وڌيڪ ڪير ظالم آھي جيڪو الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھي يا جڏھن وٽس حق آيو تڏھن اُن کي ڪوڙو ڄاڻي؟ ڪافرن جي جاءِ دوزخ ۾ نه آھي ڇا؟ |
|