بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
34227الذين ينقضون عهد الله من بعد ميثاقه ويقطعون ما أمر الله به أن يوصل ويفسدون في الأرض أولئك هم الخاسرون
جيڪي الله جو انجام ان جي پڪي ڪرڻ کانپوءِ ڀڃندا آھن، ۽ الله جن ڪمن جي ڳنڍڻ جو حڪم ڪيو آھي تن کي ڇنندا آھن ۽ مُلڪ ۾ فساد وجھندا آھن، اُھي ئي ڇيئي وارا آھن.
35228كيف تكفرون بالله وكنتم أمواتا فأحياكم ثم يميتكم ثم يحييكم ثم إليه ترجعون
اوھين ھن ھوندي به الله کي ڪھڙي طرح نه ٿا مڃيو؟ جو بي ساھا ھُيؤ پوءِ اوھان کي جيئرو ڪيائين، وري اوھان کي ماريندو، وري اوھان کي جياريندو ۽ وري ڏانھس موٽايا ويندؤ.
36229هو الذي خلق لكم ما في الأرض جميعا ثم استوى إلى السماء فسواهن سبع سماوات وهو بكل شيء عليم
اُھو (الله) آھي جنھن توھان (جي فائدي) لاءِ جيڪي مڙيئي (شيون) زمين ۾ آھن سي پيدا ڪيون، وري آسمان ڏانھن متوجه ٿيو پوءِ اُنھن کي ست آسمان ڪري برابر بيھاريائين، ۽ اُھو (الله) سڀڪنھن شيءِ کي ڄاڻندڙ آھي.
37230وإذ قال ربك للملائكة إني جاعل في الأرض خليفة قالوا أتجعل فيها من يفسد فيها ويسفك الدماء ونحن نسبح بحمدك ونقدس لك قال إني أعلم ما لا تعلمون
۽ (اي پيغمبر) جڏھن تنھنجي پالڻھار ملائڪن کي چيو ته آءٌ زمين ۾ ھڪ نائب مُقرر ڪرڻ وارو آھيان، (تڏھن) چيائون ته ڇا منجھس اھڙي کي ٿو پيدا ڪرين جو منجھس فساد ڪندو ۽ (ناحق) رت ھاريندو، ۽ اسين تنھنجي ساراہ سان (تنھنجي) پاڪائي واکاڻيون ٿا ۽ توکي پاڪ ڪري مڃيون ٿا، فرمايائين ته جيڪي آءٌ ڄاڻندو آھيان سو توھان نٿا ڄاڻو.
38231وعلم آدم الأسماء كلها ثم عرضهم على الملائكة فقال أنبئوني بأسماء هؤلاء إن كنتم صادقين
۽ (الله) آدم کي سڀني شين جا نالا سيکاريا وري اُھي شيون ملائڪن جي آڏو ڪيائين پوءِ فرمايائين ته جيڪڏھن سچا آھيو ته ھنن جا نالا ڏسيوم.
39232قالوا سبحانك لا علم لنا إلا ما علمتنا إنك أنت العليم الحكيم
چيائون ته تون پاڪ آھين جيڪي اسان کي ڄاڻايو اٿيئي تنھن کانسواءِ اسان کي (ٻي) ڪا خبر نه آھي، بيشڪ تون ئي ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھين.
40233قال يا آدم أنبئهم بأسمائهم فلما أنبأهم بأسمائهم قال ألم أقل لكم إني أعلم غيب السماوات والأرض وأعلم ما تبدون وما كنتم تكتمون
(الله) چيو ته اي آدم انھن جا نالا کين ڏس، پوءِ جڏھن کين انھن جا نالا ڏسيائين (تڏھن الله) چيو ته اوھان کي نه چيو ھوم ڇا ته آءٌ آسمانن ۽ زمين جو ڳجھ ڄاڻندو آھيان ۽ جيڪي پڌرو ڪيو ٿا ۽ جيڪي لڪايو ٿا سو به ڄاڻندو آھيان.
41234وإذ قلنا للملائكة اسجدوا لآدم فسجدوا إلا إبليس أبى واستكبر وكان من الكافرين
۽ جڏھن ملائڪن کي چيوسون ته آدم کي سجدو ڪريو تڏھن شيطان ڌاران (ٻـين) سجدو ڪيو، ھن انڪار ڪيو ۽ ھٺ ڪيائين ۽ ڪافرن مان ٿيو.
42235وقلنا يا آدم اسكن أنت وزوجك الجنة وكلا منها رغدا حيث شئتما ولا تقربا هذه الشجرة فتكونا من الظالمين
۽ چيوسون ته اي آدم تون ۽ تنھنجي زال بھشت ۾ ٽڪو ۽ جتان وڻيوَ تتان مزي سان کائو، ۽ ھن وڻ کي ويجھا نه وڃجو نه ته ظالمن (جي شمار) مان ٿيندؤ.
43236فأزلهما الشيطان عنها فأخرجهما مما كانا فيه وقلنا اهبطوا بعضكم لبعض عدو ولكم في الأرض مستقر ومتاع إلى حين
پوءِ شيطان اُتاھون انھن کي ٿيڙيو پوءِ جنھن (مزي) ۾ ھئا تنھن مان کين (ٻاھر) ڪڍيائين، ۽ چيوسون ته (بھشت مان) نڪري ھيٺ ٿيو اوھين ھڪ ٻئي جا ويري آھيو، ۽ اوھان لاءِ ڪنھن وقت تائين زمين ۾ رھڪ جو ھنڌ ۽ (گذران جو) سامان (ٺھرايل) آھي.


0 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

1341617014883480555946511573444361164168