نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
3289 | 28 | 37 | وقال موسى ربي أعلم بمن جاء بالهدى من عنده ومن تكون له عاقبة الدار إنه لا يفلح الظالمون |
| | | ۽ مُوسىٰ چيو ته منھنجو پالڻھار اُنھيءَ کي وڌيڪ ڄاڻندو آھي جنھن وٽانئس ھدايت آندي آھي ۽ جنھن لاءِ (آخرت ۾) موچاري عاقبت جو گھر آھي، بيشڪ ظالم نه ڇُٽندا. |
|
3290 | 28 | 38 | وقال فرعون يا أيها الملأ ما علمت لكم من إله غيري فأوقد لي يا هامان على الطين فاجعل لي صرحا لعلي أطلع إلى إله موسى وإني لأظنه من الكاذبين |
| | | ۽ فِرعون چيو ته اي سردارؤ مون اوھان لاءِ پاڻ کانسواءِ ڪو ٻيو معبود نه ڄاتو آھي، پوءِ اي ھامان مون لاءِ سرن جو (کورو) ٻار پوءِ مون لاءِ ھڪ ماڙي بڻاءِ ته مان موسىٰ جي معبُود ڏانھن چڙھان ۽ آءٌ بيشڪ کيس ڪُوڙن مان ڀانيان ٿو. |
|
3291 | 28 | 39 | واستكبر هو وجنوده في الأرض بغير الحق وظنوا أنهم إلينا لا يرجعون |
| | | ۽ اُن (فرعون) ۽ سندس لشڪر ناحق مُلڪ ۾ وڏائي ڪئي ۽ ڀانيائون ته اُھي اسان ڏانھن نه موٽائبا. |
|
3292 | 28 | 40 | فأخذناه وجنوده فنبذناهم في اليم فانظر كيف كان عاقبة الظالمين |
| | | پوءِ کيس ۽ سندس لشڪرن کي پڪڙيوسون ۽ پوءِ کيس سمنڊ ۾ اُڇليوسون، پوءِ ڏس ته ظالمن جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي. |
|
3293 | 28 | 41 | وجعلناهم أئمة يدعون إلى النار ويوم القيامة لا ينصرون |
| | | ۽ اسان اُھي (دوزخين جا اڳواڻ) بڻايا جو (ماڻھن) کي باھ ڏانھن سڏيندا ھوا، ۽ قيامت جي ڏينھن مدد نه ڏبين. |
|
3294 | 28 | 42 | وأتبعناهم في هذه الدنيا لعنة ويوم القيامة هم من المقبوحين |
| | | ۽ ھن دنيا ۾ لعنت سندن پوئتان لاٿي سون، ۽ قيامت جي ڏينھن اُھي بُڇڙن مان ھوندا. |
|
3295 | 28 | 43 | ولقد آتينا موسى الكتاب من بعد ما أهلكنا القرون الأولى بصائر للناس وهدى ورحمة لعلهم يتذكرون |
| | | ۽ بيشڪ مُوسىٰ کي ڪتاب ڏنوسون اُن کان پوءِ جو پھرين جُڳن کي ھلاڪ ڪيوسون جو (اُھو) ماڻھن لاءِ چِٽو دليل ۽ ھدايت ڪندڙ ۽ ٻاجھ ھو ته مانَ اُھي نصيحت وٺن. |
|
3296 | 28 | 44 | وما كنت بجانب الغربي إذ قضينا إلى موسى الأمر وما كنت من الشاهدين |
| | | ۽ (اي پيغمبر تون تڏھن) اُلھندي پاسي کان نه ھئين جڏھن مُوسىٰ ڏانھن وَحي موڪليوسون ۽ نڪي (تون اُتي) حاضرن مان ھُئين. |
|
3297 | 28 | 45 | ولكنا أنشأنا قرونا فتطاول عليهم العمر وما كنت ثاويا في أهل مدين تتلو عليهم آياتنا ولكنا كنا مرسلين |
| | | پر ڪيترائي جُڳ (مُوسىٰ کانپوءِ) پيدا ڪياسون پوءِ مٿن مُدت ڊگھي گذري، ۽ نڪي (تون) مدين وارن ۾ رھندڙ ھئين جو اسان جون کين آيتون پڙھي ٻڌايئي ٿي پر اسين (پيغمبرن) کي موڪليندا رھياسون. |
|
3298 | 28 | 46 | وما كنت بجانب الطور إذ نادينا ولكن رحمة من ربك لتنذر قوما ما أتاهم من نذير من قبلك لعلهم يتذكرون |
| | | ۽ نڪي (تون ڪوہ) طور جي پاسي ھُئين جڏھن موسىٰ کي سڏيوسون پر تنھنجي پالڻھار جي ٻاجھ توتي (ھن لاءِ ٿيل) آھي ته تون اُنھي قوم کي ڊيڄارين جن وٽ توکان اڳ ڪو ڊيڄاريندڙ نه آيو ته مانَ اُھي نصيحت وٺن. |
|