بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
32702818فأصبح في المدينة خائفا يترقب فإذا الذي استنصره بالأمس يستصرخه قال له موسى إنك لغوي مبين
پوءِ صُبح تائين شھر ۾ ڊڄندڙ منتظر رھيو ته اوچتو جنھن کانئس مدد گھري ھئي تنھن کانئس (وري) مدد گھري، مُوسىٰ کيس چيو ته تون پڌرو بي راھو آھين.
32712819فلما أن أراد أن يبطش بالذي هو عدو لهما قال يا موسى أتريد أن تقتلني كما قتلت نفسا بالأمس إن تريد إلا أن تكون جبارا في الأرض وما تريد أن تكون من المصلحين
پوءِ جيڪو ٻنھي جو ويري ھو تنھن ڏانھن (موسى) جنھن مھل ھٿ ڊگھيرڻ جو ارادو ڪيو (تنھن مھل فرياد ڪندڙ مُوسىٰ کي پاڻ تي سنبريل ڏسي) چيو ته اي مُوسىٰ جئن ڪالھ ھڪڙي ماڻھوءَ کي ڪُٺئي تئن مون کي (به) ڪُھڻ جو ارادو ڪرين ٿو ڇا؟ مُلڪ ۾ زبردست ٿيڻ کانسواءِ تنھنجو ٻيو ڪو ارادو نه آھي تون سُڌاريندڙن مان ھُجڻ نه ٿو گھُرين.
32722820وجاء رجل من أقصى المدينة يسعى قال يا موسى إن الملأ يأتمرون بك ليقتلوك فاخرج إني لك من الناصحين
۽ ھڪ مڙس شھر جي پرين پاسي کان ڊوڙندو آيو، چيائين ته اي مُوسىٰ بيشڪ (ھتون جا) سردار تولاءِ رٿ ڪن ٿا ته توکي ڪُھن تنھنڪري نيڪري وڃ بيشڪ آءٌ تولاءِ خير گھرندڙن مان آھيان.
32732821فخرج منها خائفا يترقب قال رب نجني من القوم الظالمين
پوءِ (مُوسى) ڊڄندو انتظار ڪڍندو اُن (شھر) مان نڪتو، چيائين ته اي منھنجا پالڻھار ظالمن جي قوم کان مونکي بچاءِ.
32742822ولما توجه تلقاء مدين قال عسى ربي أن يهديني سواء السبيل
۽ جنھن مھل مدين (شھر) جي طرف منھن ڪيائين (تنھن مھل) چيائين ته اُميد اٿم ته منھنجو پالڻھار مون کي سڌي واٽ ڏيکاريندو.
32752823ولما ورد ماء مدين وجد عليه أمة من الناس يسقون ووجد من دونهم امرأتين تذودان قال ما خطبكما قالتا لا نسقي حتى يصدر الرعاء وأبونا شيخ كبير
۽ جنھن مھل مدين جي تڙ تي پھتو (تنھن مھل) اُن ماڻھن جي ھڪ ٽولي (جانورن کي) پاڻي پياريندي ڏٺائين، ۽ اُنھن کانسواءِ ٻه زالون (به پنھنجو ڌڻ پاڻي پيڻ کان) جھليندي ڏٺائين، (مُوسى) چيو ته اوھان جو ڪھڙو ڪم آھي؟ چيائون ته (اسين) ايسين (پنھنجي ڌڻ کي پاڻي) نه پيارينديون سين جيسين ڌنار (پنھنجا جانور پياري نه) موٽائين، ۽ اسان جو پيءُ وڏو ٻڍڙو آھي.
32762824فسقى لهما ثم تولى إلى الظل فقال رب إني لما أنزلت إلي من خير فقير
پوءِ اُنھن (جي ڌڻ) کي پاڻي پياريائين وري (رھڻ لاءِ) پاڇي ڏانھن ڦِريو پوءِ چيائين ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ جيڪي مون ڏانھن چڱائيءَ مان موڪليءِ تنھن لاءِ آءٌ مُحتاج آھيان.
32772825فجاءته إحداهما تمشي على استحياء قالت إن أبي يدعوك ليجزيك أجر ما سقيت لنا فلما جاءه وقص عليه القصص قال لا تخف نجوت من القوم الظالمين
پوءِ منجھائن ھڪڙي لڄ سان گھمندي وٽس آئي، چيائين ته منھنجو پيءُ توکي ھن لاءِ سڏي ٿو ته جيڪو اسان (جي ڌڻ) کي پاڻي پياريئي تنھنجي مزوري توکي ڏي، پوءِ جنھن مھل وٽس آيو ۽ سارو قصّو وٽس بيان ڪيائين (تنھن مھل شعيب) چيو ته نه ڊڄ، (ھاڻي) ظالم قوم کان ڇُٽين.
32782826قالت إحداهما يا أبت استأجره إن خير من استأجرت القوي الأمين
منجھائن ھڪ چيو ته اي ابا ھن کي مزور ڪري رک، ڇوته ڀلو (نوڪر) جنھن کي مزور ڪري رکين اُھو آھي جو سگھارو معتبر ھجي.
32792827قال إني أريد أن أنكحك إحدى ابنتي هاتين على أن تأجرني ثماني حجج فإن أتممت عشرا فمن عندك وما أريد أن أشق عليك ستجدني إن شاء الله من الصالحين
(شعيب) چيو ته منھنجو ارادو آھي ته ھنن پنھنجن ٻن ڌيئن مان ھڪ ھن شرط تي توکي پرڻايان ته اَٺ سال منھنجي مزوري ڪرين، ۽ جيڪڏھ ڏھ (ورھ) پورا ڪندين ته اُھو تنھنجي پار کان (احسان) آھي ۽ آءٌ توتي (ڪا) اوکائي ڪرڻ نه ٿو گھران، جيڪڏھن الله گھريو ته مون کي خير گھرن مان ڏسندين.


0 ... 316.9 317.9 318.9 319.9 320.9 321.9 322.9 323.9 324.9 325.9 327.9 328.9 329.9 330.9 331.9 332.9 333.9 334.9 335.9 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

290447414318481717531672391435927483873