نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
3151 | 26 | 219 | وتقلبك في الساجدين |
| | | ۽ سجدي ڪندڙن ۾ تنھنجو ڦرڻ به ڏسي ٿو. |
|
3152 | 26 | 220 | إنه هو السميع العليم |
| | | بيشڪ اُھوئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي. |
|
3153 | 26 | 221 | هل أنبئكم على من تنزل الشياطين |
| | | اوھان کي سُڌ (نه) ڏيان ڇا ته ڪنھن تي شيطان لھندا آھن؟ |
|
3154 | 26 | 222 | تنزل على كل أفاك أثيم |
| | | سڀڪنھن ٻٽاڪيءَ گنھگار تي لھندا آھن. |
|
3155 | 26 | 223 | يلقون السمع وأكثرهم كاذبون |
| | | جو ٻڌل (ڳالھ اُن جي ڪنّ ۾ آڻي) وجھندا آھن ۽ منجھائن گھڻا ڪوڙا آھن. |
|
3156 | 26 | 224 | والشعراء يتبعهم الغاوون |
| | | ۽ گمراہ (ماڻھو) ئي شاعرن جي تابعداري ڪندا آھن. |
|
3157 | 26 | 225 | ألم تر أنهم في كل واد يهيمون |
| | | نه ڏٺو اٿئي ڇا ته اُھي سڀڪنھن ميدان ۾ حيران ٿيندا آھن. |
|
3158 | 26 | 226 | وأنهم يقولون ما لا يفعلون |
| | | ۽ بيشڪ اُھي اُھو چوندا آھن جيڪي نه ڪندا آھن. |
|
3159 | 26 | 227 | إلا الذين آمنوا وعملوا الصالحات وذكروا الله كثيرا وانتصروا من بعد ما ظلموا وسيعلم الذين ظلموا أي منقلب ينقلبون |
| | | پر جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا ۽ الله کي گھڻو ساريائون ۽ (پنھنجي) ڏکوئجڻ کانپوءِ بدلو ورتائون (اُھي گمراہ نه آھن)، ۽ ظالم سگھو ئي ڄاڻندا ته ڪھڙي موٽڻ جي ھنڌ وري موٽندا. |
|
3160 | 27 | 1 | بسم الله الرحمن الرحيم طس تلك آيات القرآن وكتاب مبين |
| | | طٰسٓ، ھي قرآن ۽ پڌري ڪتاب جون آيتون آھن. |
|