نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
313 | 3 | 20 | فإن حاجوك فقل أسلمت وجهي لله ومن اتبعن وقل للذين أوتوا الكتاب والأميين أأسلمتم فإن أسلموا فقد اهتدوا وإن تولوا فإنما عليك البلاغ والله بصير بالعباد |
| | | پوءِ جيڪڏھن توسان جھيڙين ته چؤ پنھنجو مُنھن (يعني سر) مُون ۽ جنھن منھنجي تابعداري ڪئي تنھن الله لاءِ نِوايو آھي، ۽ (اي پيغمبر) جن کي ڪتاب (توريت ۽ انجيل) ڏنو ويو تن کي ۽ اڻ پڙھيلن کي چؤ ته اسلام آندو اَٿوَ؟ (يا نه) پوءِ جيڪڏھن اسلام آڻين ته بيشڪ سِڌيءَ واٽ وارا ٿيا، ۽ جيڪڏھن ڦري وڃن ته توتي رڳو پيغام پُھچائڻ آھي، ۽الله ٻانھن کي ڏسندڙ آھي. |
|
314 | 3 | 21 | إن الذين يكفرون بآيات الله ويقتلون النبيين بغير حق ويقتلون الذين يأمرون بالقسط من الناس فبشرهم بعذاب أليم |
| | | بيشڪ جيڪي الله جي آيتن کي نٿا مڃين ۽ پيغمبرن کي ناحق ٿا ڪُھن ۽ ماڻھن مان جيڪي (کين) اِنصاف جو حُڪم ڪن ٿا تن کي ٿا ڪُھن پوءِ کين ڏکوئيندڙ عذاب جي سُڌ ڏي. |
|
315 | 3 | 22 | أولئك الذين حبطت أعمالهم في الدنيا والآخرة وما لهم من ناصرين |
| | | اِھي (اُھي) آھن جن جي ڪمائي دُنيا ۽ آخرت ۾ ناس ٿي ويئي، ۽ اُنھن جو ڪو واھرو ڪونھي. |
|
316 | 3 | 23 | ألم تر إلى الذين أوتوا نصيبا من الكتاب يدعون إلى كتاب الله ليحكم بينهم ثم يتولى فريق منهم وهم معرضون |
| | | (اي پيغمبر) جن کي ڪتاب مان ڪو ڀاڱو ڏنو ويو تن کي نه ڏٺو اَٿئي ڇا؟ (جو) الله جي ڪتاب ڏانھن (ھن لاءِ) سڏيا وڃن ٿا ته سندن وچ ۾ نبيرو ڪري پوءِ منجھانئن ھڪ ٽولي ڦري ويندي آھي ۽ اُھي مُنھن موڙيندڙ (به) آھن. |
|
317 | 3 | 24 | ذلك بأنهم قالوا لن تمسنا النار إلا أياما معدودات وغرهم في دينهم ما كانوا يفترون |
| | | اِھو ھِن سببان آھي جو اُھي چون ٿا ته باھ ڪن ڳاڻوَن ڏينھن کانسواءِ اسان کي ڪڏھن نه ڇھندي، ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا رھيا تنھن کين سندن دين ۾ ٺڳيو آھي. |
|
318 | 3 | 25 | فكيف إذا جمعناهم ليوم لا ريب فيه ووفيت كل نفس ما كسبت وهم لا يظلمون |
| | | پوءِ ڪھڙو (حال ٿيندن) جڏھن کين اُھو ڏينھن جنھن ۾ ڪو شڪ نه آھي تنھن ۾ گڏ ڪنداسين، ۽ سڀڪنھن ماڻھوءَ جيڪي ڪمايو تنھن جو کيس پُورو بَدلو ڏبو ۽ اُنھن سان ظلم نه ڪبو. |
|
319 | 3 | 26 | قل اللهم مالك الملك تؤتي الملك من تشاء وتنزع الملك ممن تشاء وتعز من تشاء وتذل من تشاء بيدك الخير إنك على كل شيء قدير |
| | | (اي پيغمبر) چؤ ته اي الله مُلڪ جا مالِڪ جنھن کي گھرين تنھن کي بادشاھي ڏئين ۽ جنھن کان وڻيئي تنھن کان بادشاھي کسين، ۽ جنھن کي گھرين تنھن کي مانوارو ڪرين ۽ جنھن کي وڻيئي تنھن کي بي مانو ڪرين، تنھنجي ھٿ ۾ چڱائي آھي، ڇوته تون سڀڪنھن شيء تي وسوارو آھين. |
|
320 | 3 | 27 | تولج الليل في النهار وتولج النهار في الليل وتخرج الحي من الميت وتخرج الميت من الحي وترزق من تشاء بغير حساب |
| | | رات کي (گھٽائي) ڏينھن آڻين ٿو ۽ ڏينھن کي (گھٽائي) رات ۾ آڻين ٿو، ۽ مُئي مان جِيئري کي ڪڍين ٿو ۽ جيئري مان مُئي کي ڪڍين ٿو، ۽ جنھن کي گھُرين تنھن کي اَڻ ڳڻي روزي ڏيندو آھين. |
|
321 | 3 | 28 | لا يتخذ المؤمنون الكافرين أولياء من دون المؤمنين ومن يفعل ذلك فليس من الله في شيء إلا أن تتقوا منهم تقاة ويحذركم الله نفسه وإلى الله المصير |
| | | (گھُرجي ته) مُؤمن مُؤمنن کانسواءِ ڪافرن کي دوست نه بڻائين، ۽ جيڪو اِئين ڪندو تنھن جو الله (جي دين) سان (ڪُجھ) واسطو نه آھي ھِن کانسواءِ ته اِنھن (ڪافرن) کان پاڻ بچائڻ لاءِ بچاءُ ڪريو، ۽ الله پاڻ کان اوھان کي ڊيڄاريندو آھي، ۽ الله ڏانھن موٽڻو آھي. |
|
322 | 3 | 29 | قل إن تخفوا ما في صدوركم أو تبدوه يعلمه الله ويعلم ما في السماوات وما في الأرض والله على كل شيء قدير |
| | | (اي پيغمبر کين) چؤ ته جيڪي اوھان جي دلين ۾ آھي سو جي لڪائيندؤ يا اُھو پڌرو ڪندؤ ته (به) اُن کي الله ڄاڻندو آھي، ۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي (سوبه) ڄاڻندو آھي، ۽ الله سڀ ڪنھن شيءِ تي وسوارو آھي. |
|