نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
3114 | 26 | 182 | وزنوا بالقسطاس المستقيم |
| | | ۽ سنئين تارازيءَ سان توريو. |
|
3115 | 26 | 183 | ولا تبخسوا الناس أشياءهم ولا تعثوا في الأرض مفسدين |
| | | ۽ ماڻھن کي سندن شيون گھٽ نه ڏيو ۽ مُلڪ ۾ فسادي ٿي بگيڙ نه وجھو. |
|
3116 | 26 | 184 | واتقوا الذي خلقكم والجبلة الأولين |
| | | ۽ اُنھيءَ الله کان ڊڄو جنھن اوھان کي ۽ اڳين خلق کي خلقيو. |
|
3117 | 26 | 185 | قالوا إنما أنت من المسحرين |
| | | چيائون ته تون رڳو جادو ڪيلن مان آھين. |
|
3118 | 26 | 186 | وما أنت إلا بشر مثلنا وإن نظنك لمن الكاذبين |
| | | ۽ تون رڳو اسان جھڙو ماڻھو آھين ۽ بيشڪ اسين توکي ڪوڙن مان ڀائيندا آھيون. |
|
3119 | 26 | 187 | فأسقط علينا كسفا من السماء إن كنت من الصادقين |
| | | جيڪڏھن تون سچن مان آھين ته اسان تي آسمان مان ڪا ڇِپ ڪيراءِ. |
|
3120 | 26 | 188 | قال ربي أعلم بما تعملون |
| | | (شعيب) چيو ته جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو منھنجو پالڻھار چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي. |
|
3121 | 26 | 189 | فكذبوه فأخذهم عذاب يوم الظلة إنه كان عذاب يوم عظيم |
| | | پوءِ اُن کي ڪوڙو ڀانيائون تنھنڪري ڇانوَ واري ڏينھن جي عذاب کين پڪڙيو، بيشڪ اُھو وڏي ڏينھن جو عذاب ھو. |
|
3122 | 26 | 190 | إن في ذلك لآية وما كان أكثرهم مؤمنين |
| | | بيشڪ ھن (احوال) ۾ (وڏي) نشاني آھي، ۽ منجھانئن گھڻا مڃڻ وارا نه ھوا. |
|
3123 | 26 | 191 | وإن ربك لهو العزيز الرحيم |
| | | ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي. |
|